ڪمپيوٽر تنهنجي دانهن! ڏيندس ”سنڌ سلامت کي“

'پڇڻا نه منجهڻا' فورم ۾ ابو واصف طرفان آندل موضوعَ ‏15 جولائي 2009۔

  1. ابو واصف

    ابو واصف
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏1 جولائي 2009
    تحريرون:
    266
    ورتل پسنديدگيون:
    386
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    433
    ڌنڌو:
    سنڌي لئنگئيج اٿارٽيءَ ۾ ڪمپيوٽر آپريٽر
    ماڳ:
    لطيف آباد نمبر4، حيدرآباد
    ادا سنڌ سلامت جي سَٿ! ٻيلي اوهان کان هڪڙو فيصلو وٺرائڻو آهي، اهو اهو ته هڪڙي دفعي مون پنهنجي هڪ دوست جي ڪمپيوٽر ۾ ونڊوز ايڪس پي انسٽال ڪيم. الله جي مهربانيءَ سان ونڊوز ته لوڊ ٿي وئي، پر ري اسٽارٽ ڪرڻ تي ڪمپيوٽر ”پاس ورڊ“ گهريو، حالانڪه مون ان کي پاس ورڊ لڳايو ئي نه هيو. ڪافي ايلاز منٿون ڪيم ته ٻيلي مون ته پاس ورڊ ڏنو ئي ڪونهي، پر ”ٻَيڪَ اُها ئي ٻي....“ ڪاوڙ ته ڏاڍي آيم، پر وَسُ ڪونه پُڳو، ڇاڪاڻ ته ڪمپيوٽر پرايو، نه ته ماڳهين کڻي ڊاهي وجهانس ها. مجبوراً نئين سر ڊرائيو فارميٽ ڪري ٻيهر ونڊوز ايڪس پي انسٽال ڪرڻي پئي.
    خير....! ”هنوز دلي دور است“ ڪجهه ڏينهن کان پوءِ منهنجي آفيس جي سسٽم ۾ به ساڳيو مسئلو پيش آيو. گهڻا جانٺا هڻڻ جي باوجود کيس دَسي نه سگهيم. ڪمپيوٽر جي اهڙي آڙاگوڙيءَ جي شڪايت ”سنڌ سلامت“ جي ساٿيءَ ابوزين کان پڻ ڪيم. چيائين ته اسان وٽ هڪڙو ”جادوگر“ آهي، ان کان پڇي ڏسان ٿو. مَٺيان ته ڏاڍي لڳم ته ڇا مون کان وڏو به ڪو جادوگر ٿي سگهي ٿو؟ (واضح رهي ته اهو داغ مون کي آفيس وارن لڳايو آهي. جڏهن به ڪو ڪمپيوٽر ڪنهن کان درست نه ٿيندو آهي، ته فقط منهنجي نالي ٻُڌڻ سان ڪمپيوٽر پاڻهرتو نه صرف هلڻ، پر ڊوڙڻ لڳندو آهي). بهرحال سوچيم ته مذاق ٿو ڪري.... ڪيڏانهن ويندو؟ نيٺ ته ٺهندو...! پر نه سائين! ڪمپيوٽر صاحب چوي ته ”هنوز دلي دور است“
    مار...! هي ڇا...؟ هاڻي ته منهنجو پرسنل ڪمپيوٽر به ائين ئي ماڻا ۽ ٽاڻا ڪرڻ لڳو آهي، جيئن صنفِ نازڪ ڪندي آهي. ٻيلي هاڻي توهان ئي ٻُڌايو ته اها هر هر جي مذاق ڪرڻ ڪا چڱي ڳالهه آهي. بنهه پَٽڪو ئي ڌوڙ ڪري ڇڏيو اٿس. ڪا واٽ نه ڏسي آخر سوچيم ته توهان سنگت سان رابطو ڪريان، ڇاڪاڻ ته هتي ”ادي جادوگر“ کان سواءِ ”جهانداد“ به ويٺو آهي، جيڪو فيصلو به پاڻ ڪندو...! ٻيلي ان اڻ ڏنل پاس ورڊ جو ڪو ته حل ڳوليو ته اهو آخر ڇاجي ڪري ٿو لڳي وڃي؟
     
  2. ڦلپوٽو فقير

    ڦلپوٽو فقير
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏27 اپريل 2009
    تحريرون:
    7,759
    ورتل پسنديدگيون:
    1,387
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    ماڳ:
    شڪارپور
    اسلام عليڪم ادا ابو واصف
    ادا هي جيڪو توهان مسئلو ٻڌايو اهو هي آهي ته ڪمپيوٽر کي پاڻ مرادو پاس ورڊ لڳي ٿو وڃي واقعي مسئلو ته پنهنجي جڳهه تي آهي پر ادا توهان مون کي اهو ٻڌائيندا ته پاس ورڊ ايڊمنسٽريٽر ۾ لڳي ٿو وڃي يا وري نارمل پاس ورڊ آهي جيڪو الٽر +ڪنٽرول+ڊيليٽ ڪي پريس ڪرڻ سان هڪ ونڊوز ايندي آهي ان سان ختم تو ٿئي وڃي ان جي باري ۾ ٿوري وضاحت ڪندا ته ڪجه سوچجي باقي توهان پريشان نه ٿيو اسان جو سائين نثار جو جادوگر اڃا پوئتي آهي sadayeen gud
    [​IMG]

    sindhsalamatsaathsal
     
  3. وحيد سمون

    وحيد سمون
    نئون رڪن

    شموليت:
    ‏7 مئي 2009
    تحريرون:
    249
    ورتل پسنديدگيون:
    47
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    0
    ڌنڌو:
    ڪجهه ڪرڻ چاهيان ٿو
    ماڳ:
    دادو
    واه توهان جي لکڻ واري لفظن ڏا\ڍو کلايو۔ توهان ايڪس پي ونڊو جي ڪهڙي قسم کي انسٽال ٿا ڪريو
     
  4. نثارناز

    نثارناز
    نئون رڪن

    شموليت:
    ‏14 اپريل 2009
    تحريرون:
    3,259
    ورتل پسنديدگيون:
    744
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    0
    ماڳ:
    بهراڻي محلو ٽنڊو محمد خان سنڌ پاڪستان
    ڪمپيوٽر جو ڪمپلينٽ جولائي ۾ جادوگر ڏي​


    پاس ورڊ ڏيو ٽوڙي ڪو ڦيڻو ڪو ٽوڻو هڻو هَرَ هَرَ کڻي
    جادوگر ۽ جهانداد سمان ڪريو حل مسئلو اصل وَرَ کڻي
    ڪمپيوٽر جو ڪمپلينٽ کڻي آيو اَبُو واصف ڪَرَ کڻي
    سنڌ سلامت جي ساٿ سان ڪريو قرب ڪو جادوگَرَ کڻي
    آس ابو واصف جي ٿئي پوري دلبَرَ کڻي نينهن منجهان ”ناز“ چئي​
     
  5. ابو واصف

    ابو واصف
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏1 جولائي 2009
    تحريرون:
    266
    ورتل پسنديدگيون:
    386
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    433
    ڌنڌو:
    سنڌي لئنگئيج اٿارٽيءَ ۾ ڪمپيوٽر آپريٽر
    ماڳ:
    لطيف آباد نمبر4، حيدرآباد
    ادا! ونڊوز ايڪس پي 2004 سروس پيڪ2 تان انسٽال ڪئي آهي، ۽ پاس ورڊ ايڊمنسٽريٽر کي لڳي چڪو آهي. واضح رهي ته سي ڊرائيو کي ري فارميٽ ڪرڻ سان انهيءَ سي ڊيءَ تان ٻيهر انسٽاليشن صحيح ٿي چڪي آهي، اُن ۾ پاس ورڊ نه گهريو اٿس.
     
  6. ذيشان رشيد

    ذيشان رشيد Founder انتظامي رڪن منتظمِ اعلى

    شموليت:
    ‏19 مارچ 2009
    تحريرون:
    5,649
    ورتل پسنديدگيون:
    5,673
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    ڳالهه واضح ٿيڻ کان پوءِ جواب حاضر آهي۔۔۔۔۔
    پاڻمرادو پاسورڊ لڳي وڃڻ بابت پهريون دفعو پيو ٻڌان۔۔۔۔۔ ها اهو ٿي سگهي پيو ته اڄ ڪالهه مارڪيٽ ۾ اهڙيون ڊسڪس عام جنهن کي سروس پيڪ 3 جي نالي سان وڪڻيو پيو وڃي۔۔۔۔ ياد رهي ته اهڙي ڊسڪ لوڪل طور بڻايل هوندي آهي جنهن ۾ پنهنجي طرفان ڪجهه اضافي سافٽويئر ۽ ٿيمس رکيل هوندا آهن ۔۔۔ گڏ سي ڊي "ٺاهڻ واري ونڊوز ۾ سموري معلومات پنهنجي ڏني هوندي آهي ان ڪري ونڊوز انسٽال ڪرڻ وقت پنهنجي طرفان ڪابه معلومات يا سيٽنگ ڏيڻ جي ضرورت نه پوندي آهي۔۔۔۔۔ هتي هڪ انديشو ٿي سگهي ٿو ته سي ڊي ٺاهڻ واري ايڊمنسٽريٽر کي پنهنجو پاسورڊ ڏئي ڇڏيو هجي ۔۔۔۔ ۽ جيڪڏهن توهان جي پي سي ۾ ڪو وائرس هجي جيڪو توهان جي ڏنل يوزر نيم کي ڊاهي سگهڻ جي صلاحيت رکندو هجي ۔۔۔ ان صورت ۾ ڪمپيوٽر پاڻ مرادو ايڊمنسٽريٽر سان لاگ ان ٿيڻ جي آڇ ڏيندو ۔۔۔۔ پوءِ ظاهر آهي جيڪڏهن ونڊوز جي سي ڊي ٺاهڻ واري همراه ڪو پاسورڊ اڳ ئي ايڊمنسٽريٽر کي لڳايو آهي ته اهو لڳل هوندو جنهن سان توهان کي پريشاني ٿيندي هجي۔۔۔۔۔
    مسئلي جي سڃاڻپ ٿيڻ کان پوءِ سوال ڪجهه هن طرح ٿي ٿو وڃي۔۔۔ ونڊوز جو ايڊمنسٽريٽر پاسورڊ وسري ويو آهي ان کي ڪيئن ختم ڪجي۔۔۔۔۔ ؟؟
    ظاهر آهي هن جو سولو ۽ آسان حل ته اهو آهي ته ونڊوز کي ٻيهر ڪريو!! :D:D
    پر جيڪڏهن توهان جي ونڊوز ۾ کوڙ سارا سافٽويئر ۽ بهترين سيٽنگ رکيل آهي جنهن کي توهان وڃائڻ نه ٿا چاهيو ته ان جا منهنجي نظر ۾ 3 حل موجود آهن۔۔۔۔ جن مان ٻه هتي مان ونڊي رهيو آهيان ۔۔۔۔ ٽيون حل جنهن ۾ ڪنهن به سافٽويئر جي ضرورت نه آهي لاءِ ٿورو انتظار ڪندا۔۔۔۔
    حل نمبر 1
    توهان کي گهرجي ته Windows Geeks Removal Tool نالي سافٽويئر هيٺين سائيٽ تان خريد ڪريو جنهن جي قيمت 35 ڊالر آهي۔۔۔۔ (جيڪڏهن مفت حاصل ڪرڻ چاهيو ته ڦلپوٽو فقير سان رابطو ڪريو)
    هتي ڪلڪ ڪري سافٽويئر ڊائونلوڊ ڪريو ۽ سي ڊي تي رائيٽ ڪريو۔۔ هي هڪ بوٽ ايبل سافٽويئر آهي۔۔۔ جنهن سان ڪمپيوٽر کي بوٽ ڪريو ۽ ونڊوز جي سمورن پاسورڊ کي سيڪنڊن ختم ڪري ڇڏيو۔۔۔۔
    [​IMG]

    حل نمبر 2
    جيڪڏهن ادا ڦلپوٽو فقير توهان کي مفت ۾ مٿيون سافٽوئير ڏئي نه سگهي ۽ توهان جي سگهه به ايتري نه هجي جو 35 ڊالر خرچ ڪري سگهو ته مائڪرو سافٽ وارن جو هڪ ٽول Smithlcok ٿيندو آهي جيڪو سندن جي هڪ مڪمل سافٽويئر پيڪيج Winternals ERD Commander 2007 ۾ موجود ٿيندو آهي ۔۔۔۔ ياد رهي ته هي پيڪيج توهان جي اهڙي ڪمپيوٽر کي جيڪو هلڻ کان مڪمل جواب ڏئي ويٺو هجي ۽ قيمتي ڊيٽا سان ڀريل هجي پڻ هلائيندو آهي ۔۔۔۔ بي شڪ ان ۾ سو کن بيماريون ڇو نه هجن ۽ ونڊوز به مڪمل ڪرپٽ ڇو نه هجي۔۔۔۔
    هتي ڪلڪ ڪري ڊائون لوڊ ڪريو ۔۔۔ هي هڪ rar فائيل آهي جنهن کي ايڪسٽريٽ ڪرڻ دوران توهان کان پاسورڊ پڇيو ويندو جيڪو آهي۔۔۔۔۔
    ڪوڊ:
    www.fullandfree.info
    هي پڻ هڪ بوٽيبل سافٽويئر آهي جنهن کي سي ڊي تي رائيٽ ڪريو ۽ هن جي ذريعي ڪمپيوٽر کي بوٽ ڪريو۔۔۔۔ هن جا کوڙ سارا فيچر ورچوئيل ونڊوز ۾ توهان استعمال ڪري سگهو ٿا جنهن هڪ جهل هي آهي ۔۔۔۔۔

    [​IMG]

    [​IMG]
     
  7. ڦلپوٽو فقير

    ڦلپوٽو فقير
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏27 اپريل 2009
    تحريرون:
    7,759
    ورتل پسنديدگيون:
    1,387
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    ماڳ:
    شڪارپور
    اسلام عليڪم ادا
    ادا هڪ ته مٿيون سافٽ ويئر پئسن وارو آهي ۽ ان کي فري ڪرڻ لا۽ ان کي ڪريڪ ڪرڻو پوندو سو ادا ڳالهه هي آهي ته اسان فقير ماڻهو ڪريڪ سريڪ مان پاڻ ڄاڻوئي ڪونه پاڻ سڌي راند سوٽي جي ٻيڙي ٻُڏي کوٽي جي :D
    ادا ابو زين توهان لا۽ حاضر آهي فري سافٽ ويئر ان کي استعمال ڪرڻ تمام سولو آهي توهان جهڙي هوشيار دوست کي استعمال ڪرڻ ۾ ڪا دقت نه ايندي
    (ادا ان کي بوٽ ايبل سي ڊي تي رائيٽ ڪجو پو۽ سسٽم کي بوٽ ڪرائجو )
    [​IMG]
    ادا هي سافٽ ويئر مون جو ٽيسٽ ٿيل آهي
    وڌ ۾ وڌ ٻن منٽن ۾ توهان پاس ورڊ ڊيليٽ ڪري وٺندا ،
    جيڪڏهن ڪا به استعمال ڪرڻ ۾ دقت اچي ته توهان ٻڌائجو مان پوري پوري ڪوشش ڪندس ته ان کي هڪ ٿريڊ جي صورت ۾ پوسٽ ڪيان ته جيئن ٻين دوستن کي به وقت سِرِ ڪم اچي .
    دعائن ۾ ياد
    shal judy hujeen


    sindhsalamatsaathsal
     
  8. ابو واصف

    ابو واصف
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏1 جولائي 2009
    تحريرون:
    266
    ورتل پسنديدگيون:
    386
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    433
    ڌنڌو:
    سنڌي لئنگئيج اٿارٽيءَ ۾ ڪمپيوٽر آپريٽر
    ماڳ:
    لطيف آباد نمبر4، حيدرآباد
    وڏا وَڙ سنڌ سلامت جا! هيءُ سافٽ ويئر مون ڊائون لوڊ ڪري ڇڏيو آهي، باقي اڳتي جڏهن ان قسم جو مسئلو پيدا ٿيو ته پوءِ آزمائي ڏسندس.
     
  9. ذيشان رشيد

    ذيشان رشيد Founder انتظامي رڪن منتظمِ اعلى

    شموليت:
    ‏19 مارچ 2009
    تحريرون:
    5,649
    ورتل پسنديدگيون:
    5,673
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    ڀليو آهين ڀاء مسئلو ادا ابوواصف سان هو نه ڪي ادا ابوزين سان۔۔۔۔۔ :D:D
     
  10. يونس جسڪاڻي

    يونس جسڪاڻي
    نئون رڪن

    شموليت:
    ‏26 جولائي 2009
    تحريرون:
    24
    ورتل پسنديدگيون:
    2
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    0
    ادا مان سافٽويئر ڊائون لوڊ نه ٿو ڪري سگهان مونکي ٽيون حل ٻڌايو
     
  11. ڦلپوٽو فقير

    ڦلپوٽو فقير
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏27 اپريل 2009
    تحريرون:
    7,759
    ورتل پسنديدگيون:
    1,387
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    ماڳ:
    شڪارپور

    ادا ڪهڙو سافٽ ويئر ڊائونلوڊ نه ٿا ڪري سگهو ٿوري وضاحت ڪريو ان کان علاوه ادا اسان اوهان کي سنڌ سلامت تي ڀليڪار چئون ٿا مهرباني ڪري ادا توهان پنهنجو تعارف ، تعارف واري سيڪشن ۾ ضرور ڪرائيندا .
    shal judy hujeen

    sindhsalamatsaathsal
     

هن صفحي کي مشهور ڪريو