نثارناز
سينيئر رڪن
ساٿيو رات 26 فيبروري 2011 تي سنڌو ڪناري تي آباد لاڙ پٽ جي خوبصورت شهر مُلاڪاتيار جي سرموڙ شاعر مرحوم غلام محمد گدا ملاڪاتياري جي ورسي محمد خان غني ادبي تنظيم ٽکڙ ۔۔۔ ٽنڊو محمد خان ۽ السنگم ادبي تنظيم ٽنڊو محمد خان پاران ملهائي وئي جنهن ۾ ضلع ٽنڊو محمد خان ، شهر ملاڪاتيار، وسي ملوڪ شاهه ٽکڙ ، حيدرآباد ۽ ڦليلي ڪناري تي آباد سنڌ جي سهڻي شهر هوسڙي مان ڪافي شاعرن دوستن اديبن شرڪت ڪري مرحوم شاعر کي پنهنجي لفظن جي ڀيٽا شاعري جي صورت ۾ ڏني، پيش آهن انهي ورسي واري تقريب جون تصويري جهلڪيون
انهي ورسي واري تقريب جي سلسلي جو بينر
هن ورسي واري تقريب جي خاص مهمان حيدرآباد شهر کان ڪهي آيل سنڌ جي سرموڙ شاعره ۽ ليکڪه سانئڻ زيب نظاماڻي صاحبه مرحوم شاعر غلام محمد گدا کي لفظن جي ڀيٽا ڏيئي رهي آهي
ٽنڊو محمد خان جي مشهور ادبي شخصيت پروفيسر سائين پير بخش پياسي صاحب مرحوم شاعر جي باري ۾ ساروڻيون ٻُڌائي رهيو آهي۔
محترم محمد دائود تاج ٽکڙائي مرحوم شاعر گدا مُلاڪاتياري کي پنهنجي شاعري ذريعي ڀيٽا ڏيئي رهيو آهي۔
هڪڙو شاعر پڻ مرحوم شاعر گدا ملاڪاتياري کي لفظن جي ڀيٽا ڏيئي رهيو آهي
ڀلوڙ شاعر ساز مُلاڪاتياري مرحوم شاعر گدا مُلاڪاتياري کي لفظن جي ڀيٽا ڏئي رهيو آهي
سنڌ سلامت جو جهونو نثارناز به مرحوم شاعر محترم گداملاڪاتياري جي باري ۾ پنهنجون ساروڻيون بيان ڪري رهيو آهي، مرحوم شاعر غلام محمد گدا ملاڪاتياري جهوني نثارناز جي هم عصر شاعرن مان هڪ هو ۽ نثار ناز جي هم عمر هو۔
ٽنڊو محمد خان جو ڀلوڙ شاعر ۽ موسيقار محترم محمد رفيق آس لغاري پڻ پنهنجي خوبصورت لفظن ۾ مرحوم شاعر گدا مُلاڪاتياري کي ياد ڪري رهيو آهي۔
سنڌي ادبي سنگت ٽنڊو محمد خان جو سيڪريٽري ڊاڪٽر عزير ٽالپر ڀي مرحوم شاعر کي پنهنجي ارپنا پيش ڪري رهيو آهي۔
مرحوم شاعر گدامُلاڪاتياري جو وڏو فرزند محمد يوسف صدا پنهنجي بابا سائين جي باري ۾ انيڪ يادگيريون سڀني سان ونڊي رهيو آهي