ڀلوڙ شاعر گُدا ملاڪاتياري مرحوم جي ورسي

'سنڌي ادب' فورم ۾ نثارناز طرفان آندل موضوعَ ‏27 فيبروري 2011۔

  1. نثارناز

    نثارناز
    نئون رڪن

    شموليت:
    ‏14 اپريل 2009
    تحريرون:
    3,259
    ورتل پسنديدگيون:
    744
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    0
    ماڳ:
    بهراڻي محلو ٽنڊو محمد خان سنڌ پاڪستان
    ساٿيو رات 26 فيبروري 2011 تي سنڌو ڪناري تي آباد لاڙ پٽ جي خوبصورت شهر مُلاڪاتيار جي سرموڙ شاعر مرحوم غلام محمد گدا ملاڪاتياري جي ورسي محمد خان غني ادبي تنظيم ٽکڙ ۔۔۔ ٽنڊو محمد خان ۽ السنگم ادبي تنظيم ٽنڊو محمد خان پاران ملهائي وئي جنهن ۾‌ ضلع ٽنڊو محمد خان ، شهر ملاڪاتيار، وسي ملوڪ شاهه ٽکڙ ، حيدرآباد ۽ ڦليلي ڪناري تي آباد سنڌ جي سهڻي شهر هوسڙي مان ڪافي شاعرن دوستن اديبن شرڪت ڪري مرحوم شاعر کي پنهنجي لفظن جي ڀيٽا شاعري جي صورت ۾ ڏني، پيش آهن انهي ورسي واري تقريب جون تصويري جهلڪيون

    [​IMG]
    انهي ورسي واري تقريب جي سلسلي جو بينر

    [​IMG]
    هن ورسي واري تقريب جي خاص مهمان حيدرآباد شهر کان ڪهي آيل سنڌ جي سرموڙ شاعره ۽ ليکڪه سانئڻ زيب نظاماڻي صاحبه مرحوم شاعر غلام محمد گدا کي لفظن جي ڀيٽا ڏيئي رهي آهي

    [​IMG]
    ٽنڊو محمد خان جي مشهور ادبي شخصيت پروفيسر سائين پير بخش پياسي صاحب مرحوم شاعر جي باري ۾ ساروڻيون ٻُڌائي رهيو آهي۔

    [​IMG]
    محترم محمد دائود تاج ٽکڙائي مرحوم شاعر گدا مُلاڪاتياري کي پنهنجي شاعري ذريعي ڀيٽا ڏيئي رهيو آهي۔
    [​IMG]
    هڪڙو شاعر پڻ مرحوم شاعر گدا ملاڪاتياري کي لفظن جي ڀيٽا ڏيئي رهيو آهي

    [​IMG]
    ڀلوڙ شاعر ساز مُلاڪاتياري مرحوم شاعر گدا مُلاڪاتياري کي لفظن جي ڀيٽا ڏئي رهيو آهي

    [​IMG]
    سنڌ سلامت جو جهونو نثارناز به مرحوم شاعر محترم گداملاڪاتياري جي باري ۾ پنهنجون ساروڻيون بيان ڪري رهيو آهي، مرحوم شاعر غلام محمد گدا ملاڪاتياري جهوني نثارناز جي هم عصر شاعرن مان هڪ هو ۽ نثار ناز جي هم عمر هو۔
    [​IMG]
    ٽنڊو محمد خان جو ڀلوڙ شاعر ۽ موسيقار محترم محمد رفيق آس لغاري پڻ پنهنجي خوبصورت لفظن ۾ مرحوم شاعر گدا مُلاڪاتياري کي ياد ڪري رهيو آهي۔

    [​IMG]
    سنڌي ادبي سنگت ٽنڊو محمد خان جو سيڪريٽري ڊاڪٽر عزير ٽالپر ڀي مرحوم شاعر کي پنهنجي ارپنا پيش ڪري رهيو آهي۔
    [​IMG]
    مرحوم شاعر گدامُلاڪاتياري جو وڏو فرزند محمد يوسف صدا پنهنجي بابا سائين جي باري ۾ انيڪ يادگيريون سڀني سان ونڊي رهيو آهي​
     
  2. نثارناز

    نثارناز
    نئون رڪن

    شموليت:
    ‏14 اپريل 2009
    تحريرون:
    3,259
    ورتل پسنديدگيون:
    744
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    0
    ماڳ:
    بهراڻي محلو ٽنڊو محمد خان سنڌ پاڪستان
    جواب: ڀلوڙ شاعر گُدا ملاڪاتياري مرحوم جي ورسي

    ڪجهه وڌيڪ تصويرون پيش آهن
    [​IMG]
    هوسڙي شهر جو خوبصورت شاعر محترم لال چند لال پنهنجو لکيل شاعري جو اٺون ڪتاب دم گُهٽتا هي سانئڻ زيب نظاماڻي صاحب کي اعزازي ڪاپي ڏيئي رهيو آهي۔

    [​IMG]
    انٽرنيشنل شخصيت فراق شاهه ۽ سانئڻ زيب نظاماڻي صاحبه جي هڪڙي يادگار تصوير

    [​IMG]
    ٽنڊو محمد خان ايف ايم جو بهترين ڪيمپيئر محترم اعظم ڀٽي به هن تقريب ۾ شريڪ هو

    [​IMG]
    ڪي ٽي اين جو هونهار ڪئميرا مين ۽ سنڌ سلامت جو نوجوان ميمبر سيد غلام علي شاهه ڪي ٽي اين واسطي پنهنجون ذميواريون ادا ڪندي۔

    [​IMG]
    سانئڻ زيب نظاماڻي صاحبه ۽ پروفيسر سائين پير بخش پياسي صاحب خوشگوار موڊ ۾

    [​IMG]

    [​IMG]

    [​IMG]

    [​IMG]
    ڪجهه شريڪ ٿيندڙ مهمانن جو تصويرون
    [​IMG]
    مرحوم شاعر گدا مُلاڪاتياري جو فرزند ۽ پوٽو سنڌ جي خوبصورت جذبن جي مالڪ شاعره سانئڻ زيب نظاماڻي صاحبه سان گڏ​
     
  3. TAHIR SINDHI

    TAHIR SINDHI
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏25 فيبروري 2010
    تحريرون:
    7,856
    ورتل پسنديدگيون:
    2,488
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    473
    ڌنڌو:
    سرڪاري ملازم
    ماڳ:
    KARACHI
    جواب: ڀلوڙ شاعر گُدا ملاڪاتياري مرحوم جي ورسي

    محترم ادا نثار ناز صاحب ڌڻي اوهان کي خوش رکي، اوهان جي ونڊ لاءِ اوهان جا ٿورا، شال جڙيا هجو۔
     
  4. شبانه امتياز سمون

    شبانه امتياز سمون
    نئون رڪن

    شموليت:
    ‏17 ڊسمبر 2010
    تحريرون:
    87
    ورتل پسنديدگيون:
    20
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    0
    جواب: ڀلوڙ شاعر گُدا ملاڪاتياري مرحوم جي ورسي

    ادا نثارناز جون مهربانيون جو هُو هتي جون ننڍيون توڙي وڏيون ادبي سرگرميون انتهائي ايمانداري سان ساري دنيا جي سنڌي ڀائرن ۽ ڀينرن سان ونڊي ٿو انهي ورسي واري تقريب جي دعوت مونکي به هُئي پر طبيعت جي ناسازي جي ڪري شريڪ ٿي نه سگهيس ۔
     
  5. نثارناز

    نثارناز
    نئون رڪن

    شموليت:
    ‏14 اپريل 2009
    تحريرون:
    3,259
    ورتل پسنديدگيون:
    744
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    0
    ماڳ:
    بهراڻي محلو ٽنڊو محمد خان سنڌ پاڪستان
    جواب: ڀلوڙ شاعر گُدا ملاڪاتياري مرحوم جي ورسي

    ادي شبانه جون مهربانيون، واقعي مصروفيتون تمام گهڻيون آهن ، توهان جيان منهنجي طبيعت به ٺيڪ ڪانهي دل چاهي ٿي ته هاڻي هڪ پاسي هميشهه لا آرام جي ننڍ سمهي پوان لک لائق جو جو توهان کي اسان جون ونڊون وڻنديون آهن مون وٽ سائين مرحوم گدا مُلاڪاتياري جو هڪڙو تمام سهڻو آزاد نظم موجود آهي پر ڇا ڪريان ايڏو ٿڪل آهيان جو انهي نظم جي لکڻ جي همت ساري ڪونه پيو سگهان انشاالله اهو آزاد نظم سڀاڻي ونڊ ڪري ڇڏيندس۔
     
  6. زاهد سومرو

    زاهد سومرو
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏21 مئي 2009
    تحريرون:
    1,608
    ورتل پسنديدگيون:
    370
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    493
    ماڳ:
    پاٽ شريف ضلع دادو (سنڌ)
    جواب: ڀلوڙ شاعر گُدا ملاڪاتياري مرحوم جي ورسي

    مهرباني قبلا سائين۔۔۔۔۔ هميشه وانگر اڄ به اوهان جي تحريرن ۽ ادبي ميڙاڪن يا وري ڪنهن ڪتاب جي مهورت تي انعقاد ٿيل محفل سنڌ سلامت سونهن بڻجندي ملي آهي۔۔۔ مهرباني قبلا سائين۔۔۔۔۔۔۔۔۔
     
  7. سليمان وساڻ

    سليمان وساڻ
    مينيجنگ ايڊيٽر
    انتظامي رڪن لائيبريرين

    شموليت:
    ‏6 آڪٽوبر 2009
    تحريرون:
    16,938
    ورتل پسنديدگيون:
    27,305
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    ماڳ:
    سچل ڳوٺ ، ڪراچي
    جواب: ڀلوڙ شاعر گُدا ملاڪاتياري مرحوم جي ورسي

    سائين نثار ناز سلام

    اوهان جا ٿورا جو اوهان پاڻ هيء رپورٽ ونڊڪئي آهي۔ سنڌ جي سپوتن، شاعرن ، اديبن لاء پروگرام ۽ انهن ۾ اوهان جي شرڪت ۽ ساڳيا پروگرام ۽ اهي رپورٽون سنڌ سلامت تي ونڊ ڪرڻ لاء اوهان کيرون لهڻيون۔

    هڪ ڳاله جيڪا مون اڳ به عرض رکي هئي ته جنهن شخصيت لاء پروگرام ڪيو وڃي ته ان جي شخصيت تي ڪجه لفظن جي روشني ضرور وجهندا ڪيو جيئن اسان کي وڌيڪ معلومات ۽ ڄاڻ ملي سگهي۔

    ٿورا ناهن ٿورا۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔ سنڌ سلامت ساٿ سلامت
     
  8. نثارناز

    نثارناز
    نئون رڪن

    شموليت:
    ‏14 اپريل 2009
    تحريرون:
    3,259
    ورتل پسنديدگيون:
    744
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    0
    ماڳ:
    بهراڻي محلو ٽنڊو محمد خان سنڌ پاڪستان
    جواب: ڀلوڙ شاعر گُدا ملاڪاتياري مرحوم جي ورسي

    ادا طاهر سنڌي جا ٿورا مهربانيون
     
  9. نثارناز

    نثارناز
    نئون رڪن

    شموليت:
    ‏14 اپريل 2009
    تحريرون:
    3,259
    ورتل پسنديدگيون:
    744
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    0
    ماڳ:
    بهراڻي محلو ٽنڊو محمد خان سنڌ پاڪستان
    جواب: ڀلوڙ شاعر گُدا ملاڪاتياري مرحوم جي ورسي

    [justify]ادا محمد سليمان وساڻ جا ٿورا، سائين مرحوم گدا مُلاڪاتياري جو مختصر تعارف اهو آهي ته سندس اصل نالو غلام محمد پاٽولي، سندس تخلص گدا مُلاڪاتياري هو پنهنجي نالي کان وڌ ” تخلص گدا مُلاڪاتياري“ جي نالي سان ڄاتو ۽ سُڃاتو ويندو هو، سندس عمر وفات ويلي بمشڪل 40 يا 45 سال هُئي پاڻ انتهائي غريب خاندان سان تعلق رکندو هو، تعليم مڊل تائين حاصل ڪئي هُئائين جيئن ته مان اڳ ۾ لکي آيو آهيان ته پاڻ سنڌوءَ جي ڪناري تي آباد کجين جي شهر مُلاڪاتيار ۾ جنم ورتو هُئائين پاڻ في البديع شعر چوڻ جو انتهائي ڪاريگر شاعر ليکيو ويندو هو، ٽنڊو محمد خان ، ٽکڙ ۽ ملاڪاتيار کان علاوه لاڙ پٽ جي شهرن جهڙوڪ بدين ، سجاول، ٺٽو ۾ جيڪي مشاعرا برپا ٿيندا هُئا انهن سمورن مُشاعرن جي جان هوندا هُئا، شاعري جي محفل مرحوم گدا مُلاڪاتياري کان سواءِ سجندي ڪانه هُئي سندس انداز بيان عام شاعرن کان ڪافي مختلف هوندو هو، جيئن ته پاڻ منهنجي هم عمر هو، ڪافي سارن مشاعرن ۾ ساٿ ساٿ گڏجي ويندا هُئاسين۔ پاڻ سدائين معاشرتي اوڻائين ۽ ڏاڍي ۽ گابي واري اصول کان بيزار رهيو سندس شاعري ۽ انداز بيان ۾ شينهن جهڙي گجگوڙ هوندي هُئي مرحوم شاعر گدا مُلاڪاتياري جڏهن پنهنجو هڪڙو زبردست غزل جنهن جو مطلعو مونکي چڱيءَ طرح ياد آهي ته [/justify]
    موت ماريو ڪين مونکي زندگيءَ ماري وڌو
    دشمنن کي ڇا چوان مان دوستيءَ ماري وڌو​

    [justify]ترنم ۾ ڇيڙيندو هو ته اسان جهومي پوندا هُئاسين ، جڏهن پاڻ پنهنجو اهو غزل ترنم ۾ جهونگاري بس ڪندو هو ته سڀ کان پهرين مان ئي هوندو هُئس جو سندس هٿ چمندو هُئس۔پاڻ کلي چوندو هو ته ناز تنهنجو اهو پيار مونکي گهڻو ڪجهه لکڻ تي مجبور ڪندو آهي، ڪڏهن ڪڏهن وزن بحر واري فني ڳالهين تي بحث ٿيندو هو ته سدائين منجهيل ڳالهيون مونکان پڇندو هو، مان پنهنجي سمجهه مطابق کيس مطمئن ڪري ڇڏيندو هُئس جيئن ته مُلاڪاتيار شهر ٽنڊو محمد خان شهر جي اولهه طرف 17 ڪلو ميٽر جي مفاصلي تي آهي ، جڏهن به مُلاڪاتيار کان ٽنڊو محمد خان ايندو هو ته ڪوشش ڪري مونسان ضرور ملندو هو، پر اڪثر سندس ويهڪ ٽنڊو محمد خان شهر جي مشهور ترين اسڪول دارالعلوم هاءِ اسڪول ٽنڊو محمد خان جي اسٽاف روم ۾ هوندي هُئي اسڪول جي انتظاميه سندس في البديع شاعري عيوض کيس اعزازي طور ماستر ڪري رکيو هو ۽ سندس ڪم صرف سنڌي ٻارن کي سنڌي شاعري سمجهائڻ ۽ ٻاراڻي ادب جي شاعري سمجهائڻ هو، پاڻ مشڪي ڪلر گول چهرو ڪڏهن سنڌي ٽوپي ته ڪڏهن اجرڪ جو پٽڪو پائيندو هو۔ غربت جي ستم ظريفي جي ڪري سندس ڪو به شاعري جو مجموعو اچي ڪونه سگهيو، پر اڪثر ۽ بيشتر سندس سُخن سنڌ جي ڪافي سارن رسالن، جنهن ۾ مهراڻ رسالو، عبرت مئگزين، دارالعلوم هاءِ اسڪول ٽنڊو محمد خان جي مخزن ۾ سندس شاعري تمام گهڻي شايع ٿي، سندس شاعري (اڻ ڇپيل) سندس وڏي فرزند محمد يوسف صدا موجب ڪافي ساري موجود آهي، پر غربت سبب اها ڇپجڻ کان قاصر آهي۔ آخر ۾ دل جي دوري سبب 24 فيبروري 2004 تي هن فاني جهان مان سندس لاڏاڻو ٿيو (اناالله وانا اليه راجعون( دوستو مرحوم گدا مُلاڪاتياري مرحوم جي باري ۾ مونکي جيڪي ذاتي طرح ڄاڻ‌ هُئي سان مون توهان دوستن سان ونڊ ڪئي ڪا غلطي يا ڪا ڳالهه ان سلسلي ۾ رهجي وئي هُجي ته الله سائين مونکي معاف ڪري ۔ ادا محمد سليمان وساڻ مونکي اميد آهي ته سنڌ جي هن ڀلوڙ مرحوم شاعر گدا مُلاڪاتياري جو مختصر تعارف توهان کي ضرور پسند آيو هوندو۔ ۽ سنڌ سلامت جي ساٿين کي پڻ۔ لک لائق جو توهان مون مسڪين جون همت افزايون سُٺن لفظن سان ڪريو ٿا[/justify]
     
  10. نثارناز

    نثارناز
    نئون رڪن

    شموليت:
    ‏14 اپريل 2009
    تحريرون:
    3,259
    ورتل پسنديدگيون:
    744
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    0
    ماڳ:
    بهراڻي محلو ٽنڊو محمد خان سنڌ پاڪستان
    جواب: ڀلوڙ شاعر گُدا ملاڪاتياري مرحوم جي ورسي

    اڙي يار مخدومي الجميلي زاهد سومرا سائين تون آهين ڪٿي يار توکي ته سنڌ سلامت تي ڏسڻ لا سڪي مُئا هُئاسين، اهي تنهنجا پيار آهن جو اڃان تائين اسان جهونن کي ياد رکيو اچين۔
     
  11. سليمان وساڻ

    سليمان وساڻ
    مينيجنگ ايڊيٽر
    انتظامي رڪن لائيبريرين

    شموليت:
    ‏6 آڪٽوبر 2009
    تحريرون:
    16,938
    ورتل پسنديدگيون:
    27,305
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    ماڳ:
    سچل ڳوٺ ، ڪراچي
    جواب: ڀلوڙ شاعر گُدا ملاڪاتياري مرحوم جي ورسي

    سائين نثار ناز اوها جا لک قرب

    هن تعارف هن ليک کي چار چنڊ لڳائي ڇڏيا آهن

    اميد ته منهنجي صلاح اوهان کي به وڻي هوندي ۽ ملاڪاتيار صاحب کان گهڻا دوست واقف ٿي ويا هوندا

    ٿورا ناهن ٿورا
     

هن صفحي کي مشهور ڪريو