اسان جا ڪافي دوست ڪمپيوٽر تي اضافي سهولتون حاصل ڪرڻ لاءِ مختلف سافٽويئر استعمال ڪندا رهندا آهن۔۔۔ يا وري انٽرنيٽ تان مختلف سافٽويئر يا مواد ڊائونلوڊ ڪندا رهندا جنهن جي ڊائونلوڊ ڊيفالٽ لوڪيشن C ڊرائيو هوندي آهي ۔۔۔ پوءِ ڪنهن وائرس اچڻ ڪري يا ونڊوز ڪرپٽ هجڻ ڪري اڪثر سموري ڊيٽا تان هٿ ڌوئڻا پوندا آهن۔۔۔
اهڙي صورتحال جڏهن سنڌ سلامت جي رڪنن (ادا سليمان وساڻ ۽ محترم طاهر سنڌي) سان پيش آئي جن مختلف ڪالز ۽ ميسيج ڪري هڪ ئي جملو (سائين ڪمپيوٽر جا ڪم لهي ويا) دهرايو ته سوچيم ته ڇو نه ڪو اهڙو حل جانچي سنگت آڏو رکجي جو اهڙي اچانڪ صورتحال کي آساني سان حل ڪري سگهجي۔۔۔
ڪافي ڳولا کان پوءِ ڪجهه سافٽويئر نظر مان گذريا جيڪي ونڊوز جي مختلف سيڪشنن جي بيڪ اپ جي سهولت ڏئي رهيا هيا۔۔۔ پر منهنجي نظر هميشه وانگر ڪنهن ايوارڊ يافته مفت واري سافٽويئر تي هئي ته جيئن سنگت اضافي ڪريڪس ۽ پيچس جي استعمال کان به بچي ۽ پنهنجي ڪمپيوٽر ۾ ڪنهن اضافي پروفيشنل سافٽويئر جو اضافو ڪندي فائدو حاصل ڪري سگهي۔۔۔
اڄ ئي منهنجي نظر هڪ اهڙي جادوئي سافٽويئر تي پئجي وئي جنهن جو نالو Backup4all آهي ۔۔۔
هن جو تازو ورجن 5۔4 هڪ ايوارڊ يافته ورجن آهي جنهن جا خاص فيچرس هي آهن۔۔۔
مفت ۾ سافٽويئر جي ڪاپي حاصل ڪرڻ لاءِ سڀ کان پهريان هتي ڪلڪ ڪري ڪمپني جي پروموشن پيج تي اچو ۽ پنهنجو نالو ۽ اي ميل ايڊريس ڏئي SEND بٽڻ تي ڪلڪ ڪريو...
جنهن کان پوءِ هتي ڪلڪ ڪري سافٽويئر جو سيٽ اپ ڊائونلوڊ ڪري وٺو...
انسٽال ڪرڻ کان پوءِ پنهنجي اي ميل ۾ آيل سيريل ڪي ڏئي سافٽويئر کي اوريجنل بڻايو ...
سافٽويئر کي سمجهڻ لاءِ توهان آڏو هي وڊيو پڻ حاضر آهي...
http://www.youtube.com/watch?v=bI0_O-lDKjU

- سادو انٽر فيس جنهن ۾ محفوظ ڪيل بيڪ اپ فائيلز کي پڻ ايڪسپلور ڪرڻ جي سهولت
- هڪ ئي وقت ۾ مختلف بيڪ اپ ٺاهڻ جي سهولت
- فائيلز ۽ فولڊرس کي فلٽرنگ ڪرڻ جي اضافي قوت
- زيرِاستعمال فائيلز يا پروگرامز کي رننگ حالت ۾ بيڪ اپ طور ٺاهڻ جي سهولت
- بيڪ جي مڪمل سمري پيش ڪرڻ جي سهولت
- NTFS فائيل کي پڻ مڪمل سپورٽ
- مرر بيڪ اپ کان سواءِ ڪمپرسنگ ۽ پروٽيڪشن جي پڻ سهولت
- بيڪ اپ کي ٺاهڻ دوران ٽيسٽ، پاس، رزيوم جي سهولت
- ميموري کي قابو ۾ رکڻ لاءِ سيٽنگ استعمال ڪرڻ جي سهولت
- بيڪ اپ کي آٽو ريسٽور ڪرڻ لاءِ MSI سيٽ اپ ٺاهڻ جي سهولت جنهن ڪري ريسٽور ڪرڻ لاءِ هن سافٽويئر جي پڻ ضرورت نه رهندي
- چاهيو ته آٽوميٽڪ بيڪ اپ جي سهولت استعمال ڪيو يا وري ڪو آٽوميٽڪ بيڪ بنائڻ لاءِ ڪو شيڊيول بڻايو...