بيڪ اپ جي سهولت ڏيندڙ ايوراڊ يافته سافٽويئر ۔۔۔۔ هاڻي مفت ۾

'سافٽويئر' فورم ۾ ذيشان رشيد طرفان آندل موضوعَ ‏27 فيبروري 2011۔

  1. ذيشان رشيد

    ذيشان رشيد Founder انتظامي رڪن منتظمِ اعلى

    شموليت:
    ‏19 مارچ 2009
    تحريرون:
    5,649
    ورتل پسنديدگيون:
    5,673
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    اسان جا ڪافي دوست ڪمپيوٽر تي اضافي سهولتون حاصل ڪرڻ لاءِ مختلف سافٽويئر استعمال ڪندا رهندا آهن۔۔۔ يا وري انٽرنيٽ تان مختلف سافٽويئر يا مواد ڊائونلوڊ ڪندا رهندا جنهن جي ڊائونلوڊ ڊيفالٽ لوڪيشن C ڊرائيو هوندي آهي ۔۔۔ پوءِ ڪنهن وائرس اچڻ ڪري يا ونڊوز ڪرپٽ هجڻ ڪري اڪثر سموري ڊيٽا تان هٿ ڌوئڻا پوندا آهن۔۔۔
    اهڙي صورتحال جڏهن سنڌ سلامت جي رڪنن (ادا سليمان وساڻ ۽ محترم طاهر سنڌي) سان پيش آئي جن مختلف ڪالز ۽ ميسيج ڪري هڪ ئي جملو (سائين ڪمپيوٽر جا ڪم لهي ويا) دهرايو ته سوچيم ته ڇو نه ڪو اهڙو حل جانچي سنگت آڏو رکجي جو اهڙي اچانڪ صورتحال کي آساني سان حل ڪري سگهجي۔۔۔
    ڪافي ڳولا کان پوءِ ڪجهه سافٽويئر نظر مان گذريا جيڪي ونڊوز جي مختلف سيڪشنن جي بيڪ اپ جي سهولت ڏئي رهيا هيا۔۔۔ پر منهنجي نظر هميشه وانگر ڪنهن ايوارڊ يافته مفت واري سافٽويئر تي هئي ته جيئن سنگت اضافي ڪريڪس ۽ پيچس جي استعمال کان به بچي ۽ پنهنجي ڪمپيوٽر ۾ ڪنهن اضافي پروفيشنل سافٽويئر جو اضافو ڪندي فائدو حاصل ڪري سگهي۔۔۔
    اڄ ئي منهنجي نظر هڪ اهڙي جادوئي سافٽويئر تي پئجي وئي جنهن جو نالو Backup4all آهي ۔۔۔

    [​IMG]

    هن جو تازو ورجن 5۔4 هڪ ايوارڊ يافته ورجن آهي جنهن جا خاص فيچرس هي آهن۔۔۔
    • سادو انٽر فيس جنهن ۾ محفوظ ڪيل بيڪ اپ فائيلز کي پڻ ايڪسپلور ڪرڻ جي سهولت
    • هڪ ئي وقت ۾ مختلف بيڪ اپ ٺاهڻ جي سهولت
    • فائيلز ۽ فولڊرس کي فلٽرنگ ڪرڻ جي اضافي قوت
    • زيرِاستعمال فائيلز يا پروگرامز کي رننگ حالت ۾ بيڪ اپ طور ٺاهڻ جي سهولت
    • بيڪ جي مڪمل سمري پيش ڪرڻ جي سهولت
    • NTFS فائيل کي پڻ مڪمل سپورٽ
    • مرر بيڪ اپ کان سواءِ ڪمپرسنگ ۽ پروٽيڪشن جي پڻ سهولت
    • بيڪ اپ کي ٺاهڻ دوران ٽيسٽ، پاس، رزيوم جي سهولت
    • ميموري کي قابو ۾ رکڻ لاءِ سيٽنگ استعمال ڪرڻ جي سهولت
    • بيڪ اپ کي آٽو ريسٽور ڪرڻ لاءِ MSI سيٽ اپ ٺاهڻ جي سهولت جنهن ڪري ريسٽور ڪرڻ لاءِ هن سافٽويئر جي پڻ ضرورت نه رهندي
    • چاهيو ته آٽوميٽڪ بيڪ اپ جي سهولت استعمال ڪيو يا وري ڪو آٽوميٽڪ بيڪ بنائڻ لاءِ ڪو شيڊيول بڻايو...
    اهڙن بهترين فيچرس جو حامل هي سافٽويئر 50 ڊالرس جي قيمت رکي ٿو.. پر تازو ئي ڪمپني پنهنجي مشهور خاطر هن کي مفت ۾ ورهائڻ جو فيصلو ڪيو آهي...
    مفت ۾ سافٽويئر جي ڪاپي حاصل ڪرڻ لاءِ سڀ کان پهريان هتي ڪلڪ ڪري ڪمپني جي پروموشن پيج تي اچو ۽ پنهنجو نالو ۽ اي ميل ايڊريس ڏئي SEND بٽڻ تي ڪلڪ ڪريو...

    [​IMG]

    جنهن کان پوءِ هتي ڪلڪ ڪري سافٽويئر جو سيٽ اپ ڊائونلوڊ ڪري وٺو...
    انسٽال ڪرڻ کان پوءِ پنهنجي اي ميل ۾ آيل سيريل ڪي ڏئي سافٽويئر کي اوريجنل بڻايو ...

    سافٽويئر کي سمجهڻ لاءِ توهان آڏو هي وڊيو پڻ حاضر آهي...

    http://www.youtube.com/watch?v=bI0_O-lDKjU
     
  2. عبدالوهاب

    عبدالوهاب
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏17 اپريل 2009
    تحريرون:
    4,157
    ورتل پسنديدگيون:
    268
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    443
    ڌنڌو:
    اسٽينو ٽائپسٽ
    ماڳ:
    ڪنڌڪوٽ
    جواب: بيڪ اپ جي سهولت ڏيندڙ ايوراڊ يافته سافٽويئر ۔۔۔۔ هاڻي مفت ۾

    ادا سليمان ۽ ادا طاهر سنڌي جيتري تائين پهچن آ ٿو انهي کي استعمال ڪري ٿو وٺان
     
  3. سليمان وساڻ

    سليمان وساڻ
    مينيجنگ ايڊيٽر
    انتظامي رڪن لائيبريرين

    شموليت:
    ‏6 آڪٽوبر 2009
    تحريرون:
    16,938
    ورتل پسنديدگيون:
    27,305
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    ماڳ:
    سچل ڳوٺ ، ڪراچي
    جواب: بيڪ اپ جي سهولت ڏيندڙ ايوراڊ يافته سافٽويئر ۔۔۔۔ هاڻي مفت ۾

    يار رشيد هت ته ڪم ئي لٿا پيا آهن ۔۔۔۔ هاڻي سوال ٿو پيدا ٿئي ته نيٽ ڪنيڪٽ به آهي ۽ سگنل به آهن پر نه برائوزنگ پئي ٿئي ۽ نه وري ڊائونلوڊنگ ۔۔۔۔۔۔۔ ونڊوز به ٻيهر ڪئي آهي پر پوء به مڙئي خير لڳو پيو آهي۔

    مان يو ايس بي نيٽ ٻئي دوست جي سسٽم تي چيڪ ڪئي ته صحيح ڪم پئي ڪري ۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔ جيستائين هي مسئلو نه ٿو حل ٿئي تيستائين فورم اوهان دوستن جي حوالي آهي۔۔۔۔۔۔۔ باقي ڪم ته ڪمپيوٽر سان گڏ اسان جا به لهي ويا جو پوري ڊيٽا جو ڪم جو لهي ويو۔

    هاڻي اوهان وارو سافٽويئر ڪنهن دوست کي چئي ڊائونلوڊ ڪرائڻو پوندو ۔۔۔۔۔۔
     
  4. ڦلپوٽو فقير

    ڦلپوٽو فقير
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏27 اپريل 2009
    تحريرون:
    7,759
    ورتل پسنديدگيون:
    1,387
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    ماڳ:
    شڪارپور
    جواب: بيڪ اپ جي سهولت ڏيندڙ ايوراڊ يافته سافٽويئر ۔۔۔۔ هاڻي مفت ۾

    سافٽ ويئر ته ڪم وارو ٿو لڳي ٻيو ته آهي به مفت ۾

    سافٽ ويئر ڊائونلوڊ ڪرڻ تي لڳائي ڇڏيو آهي

    بهترين ڪم ڪيو اٿئو ادا

    سدائين گڏ
     
  5. ڦلپوٽو فقير

    ڦلپوٽو فقير
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏27 اپريل 2009
    تحريرون:
    7,759
    ورتل پسنديدگيون:
    1,387
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    ماڳ:
    شڪارپور
    جواب: بيڪ اپ جي سهولت ڏيندڙ ايوراڊ يافته سافٽويئر ۔۔۔۔ هاڻي مفت ۾

    رجسٽريشن فيلڊ جو آپشن پيو اچي ادا

    حالانڪه هر شي ٺيڪ آهي

    ائين ٿيڻ ته نه کپندو آهي
     
  6. رحيم بخش

    رحيم بخش ايڊيٽر

    شموليت:
    ‏23 جون 2009
    تحريرون:
    3,284
    ورتل پسنديدگيون:
    2,924
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    473
    جواب: بيڪ اپ جي سهولت ڏيندڙ ايوراڊ يافته سافٽويئر ۔۔۔۔ هاڻي مفت ۾

    فقير سائين سائين عبدالرشيد جن لنڪ ڏني آهي اسٽينڊرڊ سافٽوئير جي جڏهن ته هو رجسٽريشن ڏين ٿا لائيٽ بيڪ اپ فار آل جي تنهن ڪري توهان به اهو ڊائون لوڊ ڪيو ته انشآء الله مسئلو حل ٿي ويندو يا وري ان جي ڪي ڳوليو جو فقيرن کان ڪو راز ڳجهو ته نه هوندو.
     
  7. احمدخان

    احمدخان
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏15 جولائي 2009
    تحريرون:
    110
    ورتل پسنديدگيون:
    84
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    388
    ماڳ:
    سنڌ
    جواب: بيڪ اپ جي سهولت ڏيندڙ ايوراڊ يافته سافٽويئر ۔۔۔۔ هاڻي مفت ۾

    مٺا سائين سيٽ اپ ته ڊائون لوڊ ئي ڪين ٿو ٿئي ڪافي ڀيرا ڪوشش ڪئي آهي اڌ ۾ ارر ٿيو وڃي
    احمدخان
     

هن صفحي کي مشهور ڪريو