چانڊڪا ڪاليج ۔۔۔اميدون ۽ آسرا

'اکر پڙهه الف جو' فورم ۾ نثارابڙو طرفان آندل موضوعَ ‏16 جولائي 2009۔

  1. نثارابڙو

    نثارابڙو
    نائب منتظم

    شموليت:
    ‏21 اپريل 2009
    تحريرون:
    8,321
    ورتل پسنديدگيون:
    6,890
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    ڌنڌو:
    انتظامي امور
    ماڳ:
    مڪو پاڪ
    لاڙڪاڻو(بيورو رپورٽ) شهيد بينظير ڀٽو ميڊيڪل يونيورسٽي لاڙڪاڻي ۽ نوابشاهه وومين ميڊيڪل يونيورسٽي کي عالمي معيار مطابق ٺاهڻ لاءِ صدر آصف علي زرداري پاران لياقت يونيورسٽي آف ميڊيڪل اينڊ هيلٿ سائنسز جي وائيس چانسلر پروفيسر نوشاد شيخ جي اڳواڻي ۾ جوڙيل ڪاميٽي لاڙڪاڻي پهچي چانڊڪا ڪاليج جي انتظاميا، پروفيسرن ۽ اسسٽنٽ پروفيسرن سان گڏجاڻي ڪري تجويزون ورتيون آهن، جڏهن ته ٻنهي يونيورسٽين لاءِ شارٽ ٽرم ۽ لانگ ٽرم پاليسيون جوڙيون ويون آهن، جن تي جلد عمل شروع ڪيو ويندو. اجلاس کانپوءِ لمس جي وائيس چانسلر پروفيسر نوشاد شيخ ۽ شهيد بينظير ڀٽو يونيورسٽي جي وائيس چانسلر پروفيسر سرجن سڪندر شيخ صحافين سان ڳالهائيندي ٻڌايو ته ٻنهي يونيورسٽين کي عالمي معيار جو بڻائڻ لاءِ شارٽ ٽرم ۽ لانگ ٽرم پاليسيون جوڙيون ويون آهن، شارٽ ٽرم پاليسي 2 سالن لاءِ هوندي، جنهن لاءِ هڪ-هڪ ارب رپيا رکيا ويا آهن، جڏهن ته لانگ ٽرم پاليسي 5 سالن ۾ مڪمل ٿيندي، جنهن لاءِ ٻنهي يونيورسٽين لاءِ 9-9 ارب رپيا رکيا ويندا. هنن ٻڌايو ته شارٽ ٽرم ۽ لانگ ٽرم پاليسين لاءِ صدر آصف علي زرداري اسپيشل گرانٽ رليز ڪندو. شارٽ ٽرم ۾ يونيورسٽي بلڊنگ، يونيورسٽي ٽيچنگ اسٽاف ۽ ٻيو عملو مقرر ڪرڻ، آءِ ٽي فيڪلٽي ۽ يونيورسٽي جي استادن کي پي ايڇ ڊي لاءِ اسڪالرشپ تي ٻاهرين ملڪن ڏانهن موڪلڻ آهي، لانگ ٽرم ۾ يونيورسٽي لاءِ ساڍا 12 سئو بيڊن واري هڪ جدا اسپتال قائم ڪئي ويندي، جنهن جو نالو ”يونيورسٽي آف آرٽ هاسپيٽل“ هوندو، جنهن ۾ جديد ۾ جديد شعبا قائم ڪيا ويندا، ان اسپتال جي قائم ٿيڻ سان اسان جي غريب عوام کي لاڙڪاڻي کان ٻاهر علاج لاءِ نه وڃڻو پوندو، هن قسم جو سفارشون مرتب ڪري اسان اڄ ئي ملڪ جي صدر ڏانهن موڪلي ڇڏيون آهن. هنن ٻڌايو ته اسٽاف جي انتهائي کوٽ آهي، خاص طور تي ٽيچنگ لاءِ پروفيسر نه ٿا ملن، ڪراچي سميت وڏن شهرن ۾ پڙهائيندڙ پروفيسرن جون پگهارون اندرون سنڌ جي پروفيسرن کان وڌيڪ آهن، ان ڪري هتي ڪير به اچڻ لاءِ تيار ڪونهي، هاڻي ڪوشش آهي ته اندرون سنڌ جي پروفيسرن کي رموٽ الائونس ڏياريون. هن ٻڌايو ته اسٽاف جي کوٽ سبب ٻنهي يونيورسٽين کي عارضي اسٽاف مقرر ڪرڻ لاءِ 50-50 ڪروڙ رپيا ڏنا ويندا ته جيئن اسٽاف جي کوٽ کي پورو ڪري سگهجي. هنن ٻڌايو ته ٻنهي يونيورسٽين لاءِ تجويزون تيار ڪري جلد آصف علي زرداري ڏانهن اماڻيون وينديون. صدر آصف علي زرداري شهيد بينظير ڀٽو يونيورسٽي لاءِ 9 ارب رپين جي خاص گرانٽ منظور ڪري ورتي آهي.
     
  2. ڦلپوٽو فقير

    ڦلپوٽو فقير
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏27 اپريل 2009
    تحريرون:
    7,759
    ورتل پسنديدگيون:
    1,387
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    ماڳ:
    شڪارپور
    تمام بهترين معلومات آهي سائين
    توهان جي اهڙي تحرير جو اتنظار رهندو
     

هن صفحي کي مشهور ڪريو