اروڙ جو مست اقبال جوڳي

'سنڌي شخصيتون' فورم ۾ سليمان وساڻ طرفان آندل موضوعَ ‏28 فيبروري 2011۔

  1. سليمان وساڻ

    سليمان وساڻ
    مينيجنگ ايڊيٽر
    انتظامي رڪن لائيبريرين

    شموليت:
    ‏6 آڪٽوبر 2009
    تحريرون:
    16,858
    ورتل پسنديدگيون:
    27,209
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    ماڳ:
    سچل ڳوٺ ، ڪراچي

    [​IMG]

    اروڙ جو مست

    اقبال جوڳي

    اقبال جوڳي ھونئن ھو ته بيشڪ جوڳي پر جواني جي جوش وڃي ملھن ڀيڙوڪيس ھمت ۽ زور سان، وڙھندي وڙھندي وڃي ٻي جوڙ جي ملھن جي ٻاريءَ۾ ويٺو سٺا مقابلا ڪيائين پر پو ڪنھن ملاکڙي ۾ ھڪ مڙس ڌڪي وڌس ۽ گوڏاڪڍائي ويٺو اھو ڏينھن اھو شينھن اقبال پھلوان وري ملاکڙي جي پڙ ۾ پير نه پاتو. ماٺڙي ڪري پنھنجي اباڻي وٿ مرلي کڻي ويھي ڦوڪڻ لڳو. اروڙ جو ھيءُمست ملنگ جوڳي پور ڪري ويو. چون ٿا ته مرلي جي آواز تي نانگ به مست ٿي نچندا آھن نانگ نچندا آھن يا نه پر اسان اقبال کي مرلي وڄائيندي نانگ جو ويس ڌاريندي ضرور ڏٺو آھي. ھو پنھنجي وڄايل سرن ۽ لھر ۾ گم ٿي نانگن وانگر ڦوڪون ڏيندو ھو ته ور وڪڙ کائي نچندو به ھو ھڪ ته پاڻ جوڳي قد بت جو ٿلھو ٿنڀرو ھو ٻيو سندس اڇا شھپر نرالا، شھپرن جا وار به نچندا لڳندا ھئا ڪڏھن بنھه اڀو ٿي ويندو ھو ته ڪڏھن گوڏا ڀڃي نانگ وانگر لھرا ڏيڻ لڳندو ھو ۽ جڏھن گر مڪائيندو ھو ته مرلي اوچتو وات مان ڪڍي ڪنھن پڪوازي ڏي بندوق وانگر ڪشي بيھي رھندو ھو. ان عمل ۾ ھن جي سڄي خلق ڏانھن پٺ ھوندي ھئس ائين لڳندو ھو ته ھو جيڪڏھن مرلي وڄائي ٿو ته شايد فقط پنھنجي لاءِ سامھون ويٺل صاحبن تي شايد اک ئي نه ٻڏندي ھئس.

    سندس ابا ڏاڏا اروڙ جي قديم وسئن جا ھئا جيڪو سنڌ جي تاريخ جو اھم شھرآھي. جتي ڪڏھن موج ڀريو مھراڻ وھندو ھو جتان ڪنھن زماني ۾ يونان وسڪندر پنھنجي بي پناھه لشڪر سان گذريو ھو، ۽ ڪنھن جوڳيءَ کان مرلي ٻڌي حيران ٿيو ھو. اروڙ تاريخ جو اھو ماڳ آھي جو زمانن کان اجڙڻ جي باوجوداڄ ننڍي پيماني تي آباد آھي اتي سنڌ جي جوڳين جو ھڪڙو مرشد بادل شيربادشاھه دفن آھي جنھن جو ھر محرم جي ڏھين تاريخ تي سنڌ جا جوڳي ڏڻاچي ملھائيندا آھن اقبال جوڳي به انھي وسنئن جو جوڳي ھو. جيئن سندس مرشد بادل شير بادشاھه جي زماني جو ڪنھن کي علم ڪونھي ائين ئي اقبال جوڳي جي راڄ جي انھي ڀيڻي جي اچڻ جي ڪنھن کي ڄاڻ نه آھي شايد سڪندرجھڙي نانگ کي ريجھائڻ وارو ڪو آڳاٽو اقبال جوڳي ئي ھو شايد صدين کان اھو اروڙ جوڳين جي ڪنھن وڏي سرواڻي جو مرڪزي ماڳ ھو. اقبال جوڳي پنھنجي وڃايل سرداري ۽ سرواڻي جو مرڪزي ماڳ ھو. اقبال جوڳي پنھنجي وڃايل سرداري ۽ سرواڻي حاصل ڪرڻ لاءِ شايد زمانن کان سرگردان ھو....شايد ھن جي عمر تمام وڏي ھئي جو ھن ڪدو جي سڪل ٽڪري ۽ ڪانھه جي ڪاني ۾ زمانن جي سفر کان پوءِ زندگي جي سچن سرن جو روح ڦوڪي ان کي مڪمل ساز جي صورت عطا ڪئي.

    مرلي ھن ننڍي کنڊ ۾ تقريبن ھر ھنڌ نانگن کي جھلڻ لاءِ جوڳي استعمال ڪنداآھن پر انھن جي وڄت ۽ ڦوڪ تي نانگ شايد ئي ڪي ريجھندا ھوندا. مون پنجاب جي مرلين وارا جوڳي به ٻڌا آھن جيڪي چولستان جي ڀٽن مان اڪثر سنڌ۾ لھي ايندا آھن. شھرن ۾ واھڻن ۾ مرليون وڄائي چار ڏوڪڙ ڪمائي گذران ڪندا آھن سندس مرلين ۾ ايڏو ميٺاج مون نه ٻڌو. ٿر ۾ مرلين وڄائڻ وارا آھن لاڙ ۾به آھن لاڙ ۾ گھڻي ئي مرلين وارا مشھور ٿيا. ھڪ ڀيري ان وقت جو صدرايوب خان ڀٽ جي ميلي تي آيو ان وقت ڊاڪٽر نبي بخش خان بلوچ صاحب ھڪ جوڳي کي لاڙ مان وڏن سعين ۽ ڪوشش سان سڏايو نالو ھئس محمد فقيرمشھور نالو ھئس محمد جوڳي ناٽڪي. ڪنن ۾ وڏا والا ڳچي ۾ مالھائون جسم تيگيڙو رتي الفي ھمراھه ۾ ڏاڍي ڏيا ھئي. ڊاڪٽر صاحب مون کي چيو ته ھن کي چڱي طرح سمجھاء ته ڪيئن اسٽيج تي اچڻو آھي ڪيئن وڄائڻو آھي. وقت ٿوروآھي مان فقير جي خدمت ۾ حاضر ٿيس ادب سان عرض ڪيو مانس ته فقيرمرليون ڦوڪيو ڇا لاءِ ته اسٽيج تي انھي جو موقعو ئي ڪونه ملندو. محمد جوڳي مون کي ھيٺ کان مٿي تائين ڏٺو سمجھيم ته جوڳي جي اک وات ڳاڙھي ڇوري ۾ ٻڏي ئي ڪانه. سمجھائڻ جي ڪوشش ڪيم جوڳي ساڳي تري تيل به نه ڏنو چيائين ته ”تنھنجي ايتري عمر به ناھي اسان جي ڪم جي خبر نه اٿئي پوءِ به سمجھائڻ آيو آھين پھرين اسان جي ڳالھه سک پوءِ ڪنھن جھوني جوڳي
    کي سمجائڻ جو سعيو ڪجئين‛‛. ائين چئي پنھنجن سوٽن ۾ سرگرم ٿي ويو به ڊيگھه نه ڪئي نيٺ مھل آئي ناٽڪي کي سڏ ٿيو سنبت ۾ ٽي چار منٽ ورتائين ڇڪي تاڻي اسٽيج تي آندو مانس ته مرلي ملائڻ ۾ پنج منٽ لڳي ويس ذوالفقارعلي ڀٽو مرحوم ان وقت وزير ھو تنھن دڙڪو ڏيئي اٿاري ڇڏيس. ان ڏينھن مونکي ڏک به ٿيو ته ھڪ ڄاڻو وڄتي پنھنجي اجائي ھوڏ ڪري ڀٽ جي اسٽيج تي ڏک ڏنو ٻيو ته مون کي اھو احساس ٿيو ته مرلي اھڙو ساز ئي ناھي جوانکي اسٽيج تي پيش ڪجي حالانڪه ان کان اڳ قادر بخش چھواڻ ۽ خميسوچھواڻ ڀٽ جي ميلن تي مرليون وڄائي چڪا ھئا. پر محمد جوڳي ناٽڪي جوحشر ڏسي مون ته پنھنجي دل ۾ پڪو پھه ڪيو ھو ته مرلي کي پنھنجي سنگ ۾شامل ئي نه ڪجي ته چڱو. ڊاڪٽر صاحب کي به محمد فقير ناٽڪي جي انھي حشر تي ارمان ٿيو ھو پر ڏڌو کير ٿڻين ته ڪين پوندو آھي. ان موقعي تي ٻين ڪيترن صاحبن به انھي انتخاب تي چٿرون ڪيون ھيون جيڪي مون ٻڌيون خود اسان جي ڳائڻ واري لڏي جوڳي تي گھڻو ٺٺوليون ڪيون حالانڪ ڊاڪٽر بلوچ صاحب جن جي راءَ ۾ ھو پنھنجي وقت جو ماھر ۽ نھايت سمجھو وڄائڻو ھو، لاڙ ۾ سندس وڏو مان ھو، جوڳي جي قسمت خراب ھئي جو ھڪ وڏو موقعوپنھنجي ھٿان وڃايائين. خير انھي تجربي جي روشني ۾ جڏھن ڊاڪٽر بلوچ صاحب ميلي جي موقعي تي اقبال جوڳي کي سڏ ڏيڻ لاءِ ايڊريس ڏني ته مون دل ۾ سوچيو ته اھو به ڪٿي ڪنھن کان پنھنجو پٽڪو نه لھرائي ڊاڪٽر صاحب کي چيو ته سائين ڇڏيو انھن مرلين وارن کي پر ڊاڪٽر صاحب چيو ته نه اقبال کي ضرور سڏيو. خط لکيوسين ميلو ٿيو پر اقبال نه آيو سو نه آيو چوٿين سال جڏھن ميلي جي موقعي تي ڳائڻن جي وڄتن جي دعوتنامن جي لسٽ منظورڪرائڻ ويس ته ھاسيڪار اقبال جوڳي جو نالونه لکيم ڊاڪٽر صاحب لسٽ پڙھي اقبال جوڳي جو نالو پنھنجن ھٿن سان لکيو عرض ڪيم ته سائين اچي ئي نٿو ٽن سالن کان پيا سڏ موڪليونس. ڊاڪٽر صاحب چيو ته جيستائين اقبال جوڳي نه اچي تيستائين کيس دعوت موڪليندا رھو مون حڪم جي پوئواري ڪئي.

    انھي سال جي موقعي تي آيل ڳائڻن ۽ وڄتن جي فھرست ۽ انھن جا ٻول لکڻ ويس ته اتي ھڪ ٿلھو ٿبڀرو شخص عجب صورت وٺيو ويٺو ھو پڇيم ته ڪيرآھين فقير واقفيت نه ڪرائي. فقير ڳالھايو ڪين قميص ھيٺان بافتي جي پيل صدري مان دعوت نامو ڪڍي کڻي ھٿ تي رکيائين. اھو ھو اقبال جوڳي جيڪو ڊاڪٽرصاحب جن الائجي ڪٿي ٻڌو ھو ۽ چئن سالن جي جھد پٽڻ کان پوء پھريون ڀيروڀٽ جي ميڙي تي آيو ھو. مون ڊاڪٽر صاحب کي اطلاع ڪيو ته اقبال جوڳي اچي ويو آھي ڊاڪٽر صاحب نھايت خوش ٿيو فوراً کيس سڏائي ساڻس وڏي حب سان مليو مون ڏٺو ته اقبال جوڳي تمام گھٽ ڳالھائڻو آھي يا وري ڪو غروراٿس جو ڪنھن ڳالھه جو سنئون جواب نٿو ڏئي.

    ميلي جي ثقافتي ڪانفرنس شروع ھئي ڊاڪٽر صاحب واري سان مڙني ڳائڻن ۽وڄتن کي متعارف ڪرائيندو رھيو محفل وڃي چوٽ چڙھي مون بار بار ڊاڪٽرصاحب جي آڏو اقبال جوڳي جو نالو پيش ڪيو انھي لاءِ ته محمد جوڳي جوحشر مون کي ياد ھو ڳائڻ وارن جيڪي سرن جا جھڙ لاتا ھئا اھي متان اقبال جوڳي بنھ لاھي نه ڇڏي انھي خيال سان مون ھر ھر پئي ڊاڪٽر صاحب جن کي عرض ڪيو پر ڊاڪٽر صاحب جو اقبال ۾ ڪو بنھه گھڻو ڀروسو ھو سو جڏھن محفل جي پڄاڻي جو وقت آيو ان وقت منظور علي خان جي ڳائڻ جي مھل ھئي تڏھن ڊاڪٽر صاحب اقبال کي آڻڻ لاءِ چيو مون اقبال کي سڏيو انھي وچ ۾ ڊاڪٽرصاحب جن سندس فن جي ساراه ۾ اصل ھڪ ماحول بنائي ڇڏيو جوڳي آيو ۽پھرين ڦوڪ سان سڄي ماحول تي ڇائنجي ويو. اڳ جيڪي ڳائڻا وڄتا ٿي وياھئا انھن جو احساس ئي ختم ٿي ويو. بس ھر طرف اقبال جي مرلي جا سرھئا، سندس وجد ڀريو رقص ھو ۽ ان سال لئي وٺيو سڀ موجود ماڻھو تاڙيون وڄائڻ ۾ مشغول ھئا، ماڻھو سڀ مرلي تي مست ھئا ۽ آءُ حيران ھئس ته سنڌي راڳ جو ھيءُ جادوگر ڪٿي ھو ۽ ساڳئي وقت ڊاڪٽر صاحب جن جي بار بارسڏائڻ جو سبب به معلوم ٿيم ان ڏينھن اقبال سڀ ڪجھه فتح ڪيو. ريڊيو تي به پوءِ ويو ۽ ٿوري عرصي ۾ اسان جي راڳ جي سفر جو ھڪ سھڻو ساٿي بنجي ويو.

    اقبال سان سنگت وڌي ته خبر پيم ته جيڏو ٿلھو ٿنڀرو شخص آھي اوترو ئي دل جو نازڪ منجھس غرور جو نالو ئي نه ھو. ھر ڪنھن کان پيو پاسو ڪندو ھوجو سندس خيال ۾ اھي وڏا فنڪار آھن گھٽ ڳالھائيندو ھو. ھرو ڀرو ڪنھن سان وچڙندو ڪونه ھو پنھنجي دنيا ۾ گم رھندو ھو نه ڪنھن جي آئي ۾ نه وئي ۾چھري تي ھر وقت اھڙو تاثر ھوندو ھئس ڄڻ مڙني سان ڪاوڙيو وتي. ھڪ اک ننڍي ٻي وڏي. ھر وقت جھڙيون خماريل ھو پنھنجي ظاھري روپ کان ڏاڍو مختلف انسان ھو. محبت ڪرڻ ھمت سان گڏ ھلڻ وارو ھو. جنھن سان ھڪ ڀيرو لاتائين وري ڇنڻ جي نه ڪيائين. مجاز جي دنيا جو مسافر به ھو گھڻئي عشق ڪيائين غالباً ٻه ٽي شاديون ڪيائين عشق ۾ ڊڄڻو ھو ڀٽ شاه تي ٻه ٽي سال نه آيو معلوم ڪيم ته خبر پئي ھمراھه ڪا ٻانھن کنئي ھئي جنھن جو فيصلو پٽجي مرحوم پير محمد جڙيي وٽ ھو، ھو ڊپ ۾ ڀٽ تي آيو ئي ڪين نيٺ چئي ڪري ھمت ڏياري ھمراھه وري آندم پيسي پنجر جي معاملي ۾ اڪثر گھپي ڪندوھو پر ان جو احساس به ٿيڻ نه ڏيندو ھو. اھڙي موقعي تي پنھنجي ڀاءُ عيسي کي گاريون ڏيئي دل جون باھيون ڪڍندو ھو. عيسو سندس ننڍڙو ڀاءُ ۽ سرجھلائيندڙ ھو ساڻس ڏاڍي دل ھوندي ھئس ھڪ ڀيرو ھو کيس ڇڏي ويو. ڪنھن ڳالھه تان ناراض ٿي وڃي پني عاقل ويٺو ٻه اڍائي مھينا ته اڪيلو پيو مرلي وڄائيندو ھو چوندو ھو ته.... سمجھي ٿو ته آءُ ھن کان سواءِ اصل بس آھيان ڏس ته ڪيئن پيو وڄايان. ڪاوڙ ۾ اقبال اڪيلي نھايت سٺي مرلي وڄائڻ لڳو.چيومانس ته اڪيلو ٺيڪ آھين چيائين ڳالھه ئي نه ٿي وڻي عيسي کان سواءِ مزوئي نٿو اچي الائجي ڇا ٿئي ويو اٿس سڀ گھرجون به ٿي پوريون ڪيون مانس..... مرزا مون کي عيسو پرچائي ڏي. انھن ڳالھين ۾ مون کي ھنجي اندر جي درد جو احساس ٿيو نيٺ پرتا ۽ وري راڄ ٿي گڏ وڄائڻ لڳا.

    سنڌ کان ٻاھر وڃڻ لاءِ ڪڏھن تيار نه ٿيو حميد ريجھائي ريجھائي تيار ڪيس پھريون ڀيرو جھاز ۾ شايد اسلام آباد ويو ٻي ڀيري مون سان گڏ چين ۽ ڏکڻ ڪوريا ھليو. عيسو علڻ فقير ۽ بچائي لاسي کان سواءِ پنجاب جو ھڪ ناچو ساگابه شامل ھئا. آءُ گروپ جو اڳواڻ ھئس ڪم ال سنگ جي سالگرھه جي موقعي تي اتي ھڪ جشن ملھائيندا آھن جنھن کي ”اپريل اسپرنگ فيسٽول‛‛ چونداآھيون. جنھن سال 1986 اسين ويا ھئاسين ان سال پاڪستان کان سواءِ دنيا جا ستر ملڪ ھن جشن ۾ شامل ھئا پيانگ يانگ جي وڏي ھوٽل (ھوٽل پيانگيانگ) ۾ اسان جي رھائش ھئي دنيا جي مشھور فنڪارن سان ملڻ ۽ انھن جڳهن مان گھڻي واقفيت ٿي انتظام نھايت اعليٰ درجي جو ھو ڊائيننگ ھال نھايت وسيع ھو ان ۾ ھر ملڪ جون جدا جدا ميزون لڳل ھيون پر اتي ماني اقبال کي اصل نه وڻي ھمراھه جون ڏاٺون ھيون ڪين سو ڊبل روٽي کائڻ ۾ تڪليف ٿيندي ھئس... ڏاڍيون گاريون ڏيندو ھو خاص ڪري جڏھن عيسو ٻيڙي دکائيندو ھو ته باھه ٿي ويندو ھو چئي ھن کي ته ڏس سڄو وقت پيو سوٽا ھڻي، اھو خيال نه اٿس ته وڏو ڀاءُ بک ٿو مري انھن ئي ڏينھن ۾ اقبال کي ويھڪ جي جاءِ تي اوچتو ڳَڙ نڪري پيو. مون کي چيائين ته مرزا مون کي پلستر وٺي ڏي ھاڻي سائين ڪٿان اچي پلستر مٿي جي سور جي گوري به ڊاڪٽرن صاحب جي موڪل کان سواءِ نه پئي ملي ڏاڍي تڪليف ٿيس نيٺ مون پنھنجي ترجمان سان ذڪرڪيو ھوٽل ۾ ڊاڪٽر موجود ھو. تنھن ھن کي ٿوري دوا ڏئي فورن فارن مشن جي اسپتال ڏي موڪليو اتي ڪنھن نرس چيس ته سلوار لاه ھمراھه اصل باھ ٿي ويو چي ”مرندي مري وڃان جو سلوار لاھيان اسان جي اوگھڙ اسان جي زال به نه ڏٺي آھي سو ھتي پرديس ۾ ڪنھن رن روڳڙي کي پٺ نه ڏيکاريندس‛‛ بس پوءِ سور ساڻ کڻي اسپتال مان اصل ڇنائي ڀڳو. اسپتال وارا کيس ڳوليندا رھيا نيٺ ھن سور تان ھٿ کنيو تڏھن وڃي قصو ختم ٿيو. بيجنگ۾ اسان جنھن ھوٽل ۾ رھيا ھئاسين اھا شھر کان ٻاھر ايئرپورٽ جي ويجھوھئي. ھوٽل جو نالو ھو ائيرپورٽ ھوٽل ان جي ريسٽوران ۾ جڏھن ماني کائڻ وياسين ته ھن اسان کي تريل آڙي ۽ چانور به ڏنا بس چانورن کي ڏسندي ئي جوڳي جي چھري تي سرھائي ڊوڙي وئي چيائين شخرانا اڄ ڍءَ ڪري کائينداسين چين ۾ ان وقت پاڪستان جو سفير ڊاڪٽر ڀٽي نالي ھو نھايت ذھين ۽ھوشيار سفير ھو ھن اسان جي پرگھور به لڌي ۽ رات جو ماني تي به اسان کي چانسيلري ۾ سڏايو اتي پاڪستاني ماني ملي .اقبال ان ڏينھن به ڍءُ ڪري کاڌو.ھونئن به ھمراھه کانئڻ جو جامڙد ھو مون کي ياد آھي ته ڊاڪٽر بلوچ صاحب موئن جي دڙي جي کوٽائي واري پنجاھه سالن واري بين الاقوامي تقريب ۾رات جو راڳ جي محفل جو انتظام ڪيو ھو ان موقعي تي دنيا جا مشھرو آثارقديمه جا ماھر ۽ دنيا جي حڪومت جا نمائندا موجود ھئا راڳ کان پوءِ ماني جوانتظام سمورن مھمانن سان گڏ ھو مون محترم عبدالرزاق سومري کي چيو ته اھو ڪم ڏکيو ٿي پوندو اسان جا ماڻھو کائڻ پيئڻ ۾ آسرو ئي نه ڪندا آھن ڪٿي گڙٻڙ نه ٿي پوي عبدالرزاق سومري چيو ته مڙيئي خير آھي اسانجا پنھنجا آھن ڀلي لئي ڪن. ٿيو ائين جنھن جو مون کي ڊپ ھو. مھمانن کان اڳ اسان جا مڙيئي ھمراھه پنڊال م اندر ھئا ھڪ ميز خاص جپان جي ولي عھد ۽ ٻين ملڪن جي چڱن مڙسن لاءِ ھئي ممتاز ڀٽو صاحب ۽ حفيظ پيرزادو صاحب انھن سان گڏ ھئا فقيرن مان واجھه نڪتا پوءِ ھو ڪٿي ٿا ڪنھن جي ٻڌن گھڻيون ئي دانھونڪيم ته ان پاسي نه وڃو پر اقبال جوڳي جپان جي شھزادي واري ٽيبل تي وڃي پھتو جپان جي شھزادي کي اھڙو پاسو ھنيائين جو ھو ڦرموٽي وانگر ڦريو ھي ۽ مرحوم مصري خان جمالي سڄو ڪڪڙ کڻي اچي وچ ۾ ويھي رھيا گھڻا ئي اشارا ڪياسين پر جيڪو ٿيڻو ھو سو ٿي گذريو اھا ڳالھه ھلندي وڃي انوقت جي صدر پاڪستان مرحوم ذوالفقار ڀٽي جي ڪنن تي پئي انھن ھن تي پنھنجي ناپسنديدگي جو اظھار ڪيو پر خدا جو شڪر اھو ٿيو جو راڳ جي محفلجي باري توڙي ڊاڪٽر صاحب پروگرام پيش ڪرڻ واري انداز کي ٻاھر جي آيل مھمانن ڀٽي صاحب جي آڏو وڏي فراخدلي سان ساراھيو تڏھن مڙيئي جند ڇٽي. پر تڏھن به صبح جو لاڙڪاڻي جو ڊپٽي ڪمشنر جيڪو ڪو شيخ صاحب ھو اکيون ڳاڙھيون ڪري اسان کي ۽ سمورن فنڪارن کي وڏا دڙڪا ۽ دھمان ڏئي ويو. ان محفل ۾ کائڻ سان اسان جي سمورن فقيرن اصل ھاڃان ڪري ڇڏيا صبح جو سڀ جھنگ جي بلي حالت اھڙي ٿي جو بسون بيھاري بيھاري ھمراھن جي جان خلاصي ڪرائڻي ٿي پئي. ڪيترن يارن جي اھڙي حالت ٿي جو ھڪ ٻئي کان ڏوھه بخشائي وصيتن ۾ لڳي ويا ڌڻي ڀلو ڪري علي گوھرخان کھڙي جو جنھن ڊاڪٽر صاحب جي پنھنجي گھر لاڙڪاڻي ۾ ماني جھلي اسان سان اھا سڄي گھل، ۽ حالت مڙني جي ابتر. علي گوھر کھڙي صاحب مڙني جي رھائڻ جو انتظام ڪيو دوائون درمل ڏنيون ۽ کچڻيون تيار ڪرائي مھل ڪئي. مون کي اھو ڏينھن ان لحاظ کان به ياد آھي ته ان ڏينھن ۽ رات جوڪيئن جناب علي گوھر اڀئين پيرين اسان جي فقيرن جي پرگھور لڌي ھرھمراھه جي پاڻ ذاتي طرح پڇا ڳاڇا پئي ڪيائين دوا دارون پئي ڏنائين. ڪيترائي نوڪر ھئا پر ھن اسان جي فقيرن جي وڏي دل سان قدر ڪيو اقبال جوڳي به انھي لحظي ۾ اچي ويو ھو پر ڪنجھي ڪنجھي عيسي سميت وڃي پار پيو.
    ھڪ ڀيري حميد آخوند اسان سڀني کي اٽلي جي ھڪ فيسٽيول ۾ وٺي ويو اقبالجوڳي به ھو. ٻين سان گڏ الھه بچايو کوسو به ھو جنھن جي اسان سڀني کان وڌيڪ دنيا ڦريل آھي ھمراھ ۾ ھٺ به گھڻي آھي مھل تي اکيون ڦيرڻ ۾ به ديرنه ڪندو آھي. حالانڪه ھن کي ٽنڊي محمد خان جي ھڪ حجامڪي دوڪان تان آءُ وٺي آيو ھوس ۽ ڀٽ شاھه جي ميلي تي کيس ڊاڪٽر صاحب کي عرض ڪري پھريون ڀيرو موقعو ڏياريو ھئم پر انھي کوسي ۽ ھن کوسي ۾ زمين ۽ آسمان جو فرق آھي. سو روم ۾ مڙئي کوسي ڪجھه ارڏائي ڪري وڌي حميد ۽ آءُ موجود ھئاسين اقبال جوڳي ھونئن ته گھٽ ڳالھائيندو ھو پر تنھن ڏينھن الائي جي ڪھڙو ريچڪ اچي ويس جو اچي کوسي کي سڱن تي کنيائين بس اھڙو ڪم ڪيائينس جو ھن کان ھڪ اکر به نه اڪليو، اھو قبال جوڳي جو رنگ اسان پھريون ڀيرو ڏٺو. وڏي جوش سان ھن سان مھاڏو اٽڪايائين ڳالھين جا کيس اھڙا ٽاڻا ڏسيائين جو بس کوسي توبھه گيسي ڪري جان ڇڏائي. اٽلي واري انھي فيسٽيول جو مرڪزي ماڳ سسلي جو شھر ايگريجنتو ھو. جتي آخري ڏينھن تي شھر جي ميونسپل آفيس کان گولڊن ٽيمپل تائين تقريباً پنج ڇھ ڪلوميٽر پنڌ ڪرڻو ھو ۽ سڄي واٽ تي جيڪي به ملڪ آيل ھئا تن کي ڳائي وڄائي ھلڻو ھو اسان واري نموني ۾ اھا وڏي سرگس ھئي شھر جي مکيه رستن جي ٻنھي پاسي ماڻھن جا انبو ھ هئا پنڌ گھڻو ھو اقبال مڙس ڳورو ھو ۽ ھلڻ ۾ به منڊ ڪائيندو ھو جو ٻئي گوڏا نڪتل ھئس اسان جو خيال ھو ته ھلي نه سگھندو پھرين ته ھلندا رھياسين سڏ پنڌ کان پوءِ اسان جي اڳيان واري ملڪ غالبا پولينڊ جون به ڇوڪريون بيھوش ٿي ڪري پيون پر واه اقبال تنھنجي ھلڻي سڄو وقت مرلي وڄائيندو پاڻ نچندو ٻين کي نچائيندو اچي منزل تي پھتو چئي اھو به پنڌ آھي ھمت ڪيو ته ٻيلو ٻه ٻرانگھون. مون کي اھو منظر ڪڏھن به نه وسرندو جڏھن به اقبال جوڳي جي سار ٿيندي ته ٻين ڳالھين سان گڏ اھو ڏيک به سدائين ياد ايندو رھندو.

    اقبال ھو ته جوڳي پر پنھنجي جاءِ تي نھايت مڙس ماڻھو ھو وڙائتو انسان ڪنھن جو وڙ وڃائيندو نه ھو ڪنھن جي ڪم ۾ دخل نه ڏيندو ھو پنھنجي دنيا ۾ گم رھندو ھو. ھميشه وڄائيندو ھو ته دل سان وڄائيندو ھو ان ۾ ڪنھن به قسم جوبخل نه ڪندو ھو جنھن نموني سان کيس سمجھائبو ھو تيئن اسٽيج تي چڙھي وڃي ڪندو ھو. ڪيترن موقعن تي مون ۽ حميد ھاسيڪار اھڙن آرٽسٽن جي مٿان ھن کي وڄارايو ھوندو جن کي ماڻھو دل سان ٻڌندا ھئا پر ھيءُ جوڳي جڏھن اسٽيج تي چڙھيو ته بادشاھه بنجي ويندو ھو ۽ اھڙا اھڙا انگ ۽ رنگ پيش ڪندو ھو جو جيڪو ٿي چڪو سو ميسار جي ويندو ھو ۽ کائنس پوءِ جنھن کي اچڻو ھوندو ھو ان کي ماحول بنائڻ ۾ ۽ ماڻھن کي پاڻ ڇڪڻ ۾ گھڻو وقت لڳي ويندو ھو.

    اقبال جوڳي پنھنجي شھرت جي عين عروج واري زماني ۾ 6 اپريل 1986 تي روھڙي ۾ گذاري ويو سندس عمر ڪيتري ھئي سا ته اسان کي خبر ڪانھي پردل چئي ٿي ته اروڙ جو اھو مست جوڳي ازل کان پنھنجي مرلي سان سنڌ جي سنگيت جا سر وڄائيندو رھيو. اھي سر وڃڻ کان اڳ ھن پنھنجي ڀاءُ عيسي جوڳي ۽ پٽ در محمد جوڳي ڏي منتقل ڪيا اقبال ھليو ويو آھي پر سندس فن ھن وقت سند س ڀاءُ ۽ پٽ جي وسيلي اڃان زندھه آھي ۽ شايد سدائين زندھ رھندو، ڇاڪاڻ ته جوڳي پنھنجي ڪلا پنھنجن کي ڏيئي پوءِ ھن دنيا مان موڪلائيندا آھن.

    ڪتاب جو نالو: وساريان نه وسرن
    مصنف : ممتاز مرزا
    ايڊيشن : پهريون 1988ع
    ڇپيندڙ : شاهه عبداللطيف ثقافتي مرڪز ڀٽ شاهه، حيدرآباد
     
    انتظامي رڪن طرفان آخري ترميم: ‏16 اپريل 2015
    2 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.
  2. افتخار علي چوهاڻ

    افتخار علي چوهاڻ
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏12 ڊسمبر 2009
    تحريرون:
    1,800
    ورتل پسنديدگيون:
    2,033
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    483
    ماڳ:
    ڄامشورو
    جواب: اروڙ جو مست اقبال جوڳي

    اقبال جوڳي سان گڏ اروڙ شهر جي سٺي معلومات آهي ۔ تمام بهترين ادا مضمون ڪنهن سائٽ مان کنيو اٿو يا پواڻ ڪمپوز ڪيو اٿو جيڪر پاڻ ڪمپوز ڪيو ته واقعي ڪمال ڪري ڇڏيو آهي اوهان ڇو ته ليک تمام ڏڳهو هيو ، مهرباني

    فلحال سرسري پڙهيو اٿم پر مضمون مڪمل پڙهبو ضرور
     
  3. سليمان وساڻ

    سليمان وساڻ
    مينيجنگ ايڊيٽر
    انتظامي رڪن لائيبريرين

    شموليت:
    ‏6 آڪٽوبر 2009
    تحريرون:
    16,858
    ورتل پسنديدگيون:
    27,209
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    ماڳ:
    سچل ڳوٺ ، ڪراچي
    جواب: اروڙ جو مست اقبال جوڳي

    مهرباني ادا

    هي ليک سنڌي ادبي بورڊ جي ويب سائيٽ تان کنيل آهي پر ان ۾تمام گهڻيون غلطيون هيون جن کي درست ڪري ٻيهر ايڊٽ ڪيو آهي۔ ممتاز مرزا صاحب جي لکڻ جو انداز به لاجواب آهي۔ ڪاله سنڌ جي سازندن تي مضمون ڳوليندي هي مضمون مليو ، سهڻو ۽ ڄاڻ وارو موضوع هو تنهنڪري هن تي گهڻي محنت ڪري دوستن سان ونڊ ڪيو آهي۔

    هي مضمون ڊٽيل سان پڙهجو تمام سٺو مضمون آهي جنهن ۾ ڪافي ڳالهين تان پردا به کڄن ٿا۔۔۔۔۔
     
  4. سليمان وساڻ

    سليمان وساڻ
    مينيجنگ ايڊيٽر
    انتظامي رڪن لائيبريرين

    شموليت:
    ‏6 آڪٽوبر 2009
    تحريرون:
    16,858
    ورتل پسنديدگيون:
    27,209
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    ماڳ:
    سچل ڳوٺ ، ڪراچي
    جواب: اروڙ جو مست اقبال جوڳي

    فقير اقبال جوڳيء جي ڳايل هڪ ڌن

     
  5. نثارابڙو

    نثارابڙو
    نائب منتظم

    شموليت:
    ‏21 اپريل 2009
    تحريرون:
    8,321
    ورتل پسنديدگيون:
    6,874
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    ڌنڌو:
    انتظامي امور
    ماڳ:
    مڪو پاڪ
    جواب: اروڙ جو مست اقبال جوڳي

    ملهه ۽ مرلي ۔۔۔ ٻنهي جو واسطو انساني ڦڦڙن سان پڻ آهي جنهن ماڻهونءَ جي ڦڦڙن ۾ هوا ڳچ ڀرجي سو مرليون سوليون وڄائي ۽ جنهن ماڻهونءَ جي ڦڦڙن ۾ هوا ڳچ ڀرجي سو ملهه ۾ به جوهر ڏيکاريندو ۔۔۔ انساني ساهه ڦڦڙن ۾ روڪجي ٿو ته هڪ تمام وڏي سگهه ٿي وڃي ٿو ، ۔۔۔ جيڪو ان تي قابض ٿئي ۔۔۔سو نهال

    سائين ممتاز مرزا جو ليک پيرائتو ۽ اقبال جوڳيءَ جي شايان شان آهي، مزو آيو جڏهن اقبال جوڳيءَ جي ڦرڙي جو احول پڙهيو، جو کيس نرس جڏهن سٿڻ لاهڻ جو چيس ته همراهه کان ڦرڙِي وسري وئي ۽ وٺي ڀڳو ۔۔۔

    تمام ڄاڻائتو ليک ۽ هاڻ وري مرليون ٻڌي پاڻ به في الحال نانگ جيئان ڦوڪون ويٺا ڀريون ۔۔۔

    ٿورا سائين وساڻ صاحب
     
  6. سليمان وساڻ

    سليمان وساڻ
    مينيجنگ ايڊيٽر
    انتظامي رڪن لائيبريرين

    شموليت:
    ‏6 آڪٽوبر 2009
    تحريرون:
    16,858
    ورتل پسنديدگيون:
    27,209
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    ماڳ:
    سچل ڳوٺ ، ڪراچي
    جواب: اروڙ جو مست اقبال جوڳي

    مهرباني سائين نثار

    جيڪڏهن مرليون ٻڌڻيون هجن ته اقبال جوڳيء جون ٻڌجن۔ اقبال جوڳي لاء مشهور هو ته جڏهن هو اسٽيج تي ايندو هو ته سمورو پنڊال هن جي مرليء سان گڏ جهومڻ لڳندو هو۔

    ممتاز مرزا مرحوم سندس حياتيء جا گهڻا احوال ونڊ ڪيا آهن ۽ سندس لکڻ جو انداز به ڏاڍو وڻيو تنهنڪري دوستن سان ونڊ ڪرڻ جو سوچيم۔
     
  7. سليمان وساڻ

    سليمان وساڻ
    مينيجنگ ايڊيٽر
    انتظامي رڪن لائيبريرين

    شموليت:
    ‏6 آڪٽوبر 2009
    تحريرون:
    16,858
    ورتل پسنديدگيون:
    27,209
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    ماڳ:
    سچل ڳوٺ ، ڪراچي
  8. سليمان وساڻ

    سليمان وساڻ
    مينيجنگ ايڊيٽر
    انتظامي رڪن لائيبريرين

    شموليت:
    ‏6 آڪٽوبر 2009
    تحريرون:
    16,858
    ورتل پسنديدگيون:
    27,209
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    ماڳ:
    سچل ڳوٺ ، ڪراچي
    اقبال جوڳي:

    مرليءَ جي فن ۾ عالمي شهرت رکندڙ فنڪار اقبال ولد ڪلامتي جوڳي 1925ع ڌاري ڳوٺ همباره، ضلعي خيرپور ميرس ۾ ڄائو. 35 سالن جي ڄمار ۾ پنهنجو اباڻو ڳوٺ ڇڏي سنڌ جي تاريخي شهر اروڙ جي ڀرسان ديهه بنٽاري ۾ اچي رهائش پذير ٿيو ۽ آخر تائين اتي مقيم رهيو. هيءُ غربت جي ڪري تعليم حاصل نه ڪري سگهيو. کيس مرلي وڄائڻ جو فن پنهنجي والد کان ورثي ۾ مليل هو. هن مرلي وڄائڻ ۾ مسلسل تربيت استاد سدوري خان جوڳيءَ کان ورتي، جنهن سان گڏ ڪيترائي سال رهي رياضت ڪيائين. شروع کان وٺي مرلي وڄائڻ ۾نوان لاڙا ۽ سر پيدا ڪرڻ سندس شوق رهيو. هن پهريون ڀيرو 1962ع ڌاري جيڪب آباد جي هڪ ميلي ۾ مرلي وڄائڻ جو نهايت شاندار مظاهرو ڪيو، جتي هن کي تمام گهڻو داد مليو. 1964ع ۾ ميرپور بٺوري جي ميلي ۾ سندس مقابلو ان وقت جي مشهور مرلي نواز ”ڪاري جوڳي“، ”ناٿي جوڳي“ ۽ ”رمضان جوڳي“ سان ٿيو، جنهن ۾ هن ڪاميابي ماڻي. ان ڪاميابيءَ کانپوءِ کيس سنڌ جي ڪنڊ ڪڙڇ ۾ شاندار مرلي وڄائيندڙ جي حيثيت ملي ۽ مشهور ٿيو. سندس مرلي وڄائڻ جي فن کان سنڌ جو نامور اديب ڊاڪٽر نبي بخش خان بلوچ تمام گهڻو متاثر ٿيو، جنهن هن کي ريڊيو تي متعارف ڪرايو. ريڊيو تي مقبوليت کانپوءِ کيس عبدالڪريم بلوچ پي. ٽي. ويءَ تي متعارف ڪرايو. اقبال مرليءَ تي 17 سُر نهايت مهارت سان وڄائي ويندو هو. هن 1974ع ۾ اسلام آباد ۾ ٿيل ثقافتي ميلي ۾ مرلي وڄائي اتي ويٺل سفيرن کي حيران ڪري ڇڏيو. اقبال جوڳي شاهه عبدالطيف ڀٽائي. سچل سرمست، ٻڍل فقير، رکيل شاهه ۽ ريجهه علي شاهه جو ڪلام ڳائيندو هو. هن 16 اپريل 1987ع تي وفات ڪئي .

    انسائيڪلوپيڊيا سنڌيانا جي ٿورن سان
    ___
     
    2 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.
  9. سليمان وساڻ

    سليمان وساڻ
    مينيجنگ ايڊيٽر
    انتظامي رڪن لائيبريرين

    شموليت:
    ‏6 آڪٽوبر 2009
    تحريرون:
    16,858
    ورتل پسنديدگيون:
    27,209
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    ماڳ:
    سچل ڳوٺ ، ڪراچي
  10. سليمان وساڻ

    سليمان وساڻ
    مينيجنگ ايڊيٽر
    انتظامي رڪن لائيبريرين

    شموليت:
    ‏6 آڪٽوبر 2009
    تحريرون:
    16,858
    ورتل پسنديدگيون:
    27,209
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    ماڳ:
    سچل ڳوٺ ، ڪراچي
    اقبال جوڳي جي ورسيء تي سندس ياد
     

هن صفحي کي مشهور ڪريو