زندگي ڇا آهي؟

'مختلف موضوع' فورم ۾ سليمان وساڻ طرفان آندل موضوعَ ‏28 فيبروري 2011۔

  1. سليمان وساڻ

    سليمان وساڻ
    مينيجنگ ايڊيٽر
    انتظامي رڪن لائيبريرين

    شموليت:
    ‏6 آڪٽوبر 2009
    تحريرون:
    16,938
    ورتل پسنديدگيون:
    27,305
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    ماڳ:
    سچل ڳوٺ ، ڪراچي
    زندگي ڇا آهي؟

    سروي: عمير علي ميمڻ

    [justify]جواب: زندگي خدا جو ڏنل هڪ انمول تحفو آهي، زندگي ۾ هميشه سچ ڳالهائڻ گهرجي، سڀني جي عزت ڪرڻ گهرجي، پنهنجي ڪردار کي ايترو بلند ڪرڻ گهرجي ته ڏسڻ وارو چئي ته هيءَ کي زندگي آهي. (مونا ارم ميمڻ-ڪراچي)

    زندگي هڪ نعمت آهي، پر ڪڏهن ڪڏهن مشڪلاتن جي وجهه سان هي نعمت زحمت بڻجي ويندي آهي. (فرزانا چانڊيو-مٺياڻي)

    زندگي الله تعالى جو ڏنل انمول تحفو آهي، جنهن کي صرف الله جي بندگي ۾ گذارڻ گهرجي. (غلام مجتبى ڪڙمون)

    مزدور چيو زندگي مزدوري جو نالو آهي، هاري چيو زندگي کيڙي جو نالو آهي پر آئون چوان ٿو ته زندگي خدا تعالى جو ڏنل انمول تحفو آهي، جنهن کي صرف خدا جي بندگي ۽ عبادت ۾ استعمال ڪرڻ گهرجي.

    مسلسل جدوجهد جو نالو زندگي آهي، ”جان جان هئي جيئري ورچي نه ويٺي“زندگي ڏکن ۽ سکن جي تسلسل جو نالو آهي. (عبدالعزيز بلوچ، غلام قادر خاصخيلي-ٻگهاڻ)

    زندگي الله پاڪ طرفان ڏنل سڀ کان انمول تحفو آهي ۽ زندگي ڏک ۽ سک جو نالو آهي. (شاهنواز خاصخيلي-بلڙي شاهه ڪريم)

    زندگي خدا جي طرفان ڏنل هڪ انمول تحفو آهي، انسان کي گهرجي ته زندگي کي دنيا هر زنگ زخم کان بچائي. (ايڊووڪيٽ قمر جعفر نهڙيو- گلستان جوهر ڪراچي)

    زندگي قدرت جو عطا ڪيل بي بها تحفو آهي، ان کي صحيح معنى ۽ مقصد سان استعمال ڪجي جيئن انسانذات کي ڪو فائدو پهچي سگهي. (زوهيب گل قاضي-رتوديرو)

    زندگي الله جي طرفان ڏنل هڪ نعمت آهي، زندگي گذارڻ جو مزو تڏهن آهي جڏهن ٻين جي لاءِ جيءُ جي، موزي تنگ چيو هو ته ”توهانجي زندگي قوم جي امانت آهي“، اهي ماڻهو جن پنهنجي زندگي پنهنجي قوم جي خدمت لاءِ وقف ڪري ڇڏي اڄ اهي مرڻ کانپوءِ به زنده آهن، ڪافي اهڙا ماڻهو آهن جن جي زندگي جو مقصد غريب ۽ بي بس ماڻهن تي ظلم ڪرڻ آهي، قوم ۽ ملڪ جي دولت لٽين ٿا ۽ ڪافي اهڙا ماڻهو آهن جن جي زندگي ڏکن ۽ سورن ۾ گذرندي آهي جن جي گهرن ۾ کائڻ لاءِ ڪجهه نه هوندو آهي، آخرڪار هو بک ۽ ظلم کان تنگ ٿي خودڪشي ڪندا آهن ۽ غربت جي ڪري پنهنجي جگر جا ٽڪڙا وڪڻي ڇڏيندا آهن، اڄ انهن جي زندگي خود سواليه نشان آهي. (آزاد ولي محمد ميمڻ-ٺٽو)

    زندگي اها آهي جيڪا اسان گذاري رهيا آهيون، زندگي خوشي، غم، سک ۽ ڏک جو نالو آهي، زندگي هڪ اهڙو خوبصورت لمحو آهي جيڪو اڄ آهي ۽ سڀاڻي جو ڪو به پتو ناهي، زندگي جو مقصد سڀ ڪجهه حاصل ڪرڻ نه هوندو آهي بلڪه زندگي ڪجهه حاصل ڪرڻ ۽ ڪجهه وڃائڻ جو نالو آهي. (فلڪ ناز سڪندر-گلستان جوهر ڪراچي)

    زندگي هڪ سمنڊ وانگر آهي، جنهن ۾ ڪڏهن ڏک جا طوفان ۽ آزمائش جا سيلاب ايندا آهن ته ڪڏهن سک جون ٿڌيون هوائون ته ڪڏهن پيار جون پياريون ڇوليون اينديون آهن. (محمد اعظم گهراڻو-نصرپور)

    زندگي اڻٿڪ جدوجهد جو نالو آهي. (آزاد انور سنڌي)

    زندگي پيار آهي، زندگي مزو ماڻڻ جو نالو آهي، زندگي هڪ فلم آهي ۽ سڀ انسان ان جو ڪردار آهن. (فريد پالاري-جهمپير)

    زندگي چئلينج آهي اهو چئلينج اسان کي هر حال ۾ قبول ڪرڻو آهي. (ضمير حسين چانڊيو-فريدآباد)

    زندگي جدوجهد جو نالو آهي، زندگي پيار، محبت ۽ عشق آهي، محبت کان خالي زندگي ڪنهن ڪم جي ناهي ۽ جدوجهد کان سواءِ انسان ڪا معنى نٿو رکي، مطلب ته محبت ۽ جدوجهد زندگي جي ثابتي آهن جن کانسواءِ زندگي، زندگي نٿي رهي. (محمد علي جوکيو-دولتپور صفن)

    زندگي جو مقصد پنهنجو پاڻ سڄاڻڻ ۽ هن ڪائنات کي سمجهڻ ۾ آهي، ٻي صورت ۾ زندگي فضول ۽ عذاب آهي. (لطيف جوڻيجو-ڏوڪري)

    زندگي الله جي ياد جو نالو آهي، زندگي حضور پاڪ صلي الله عليه وسلم سان محبت جو نالو آهي، زندگي حضور پاڪ صه جن جي سيرتي تي عمل ڪرڻ جو نالو آهي، زندگي الله تعالى جي مخلوق سان محبت ڪرڻ جو نالو آهي، حضرت علي عه جو قول آهي ته ”زندگي 2 ڏينهن جي آهي، هڪ ڏينهن توهان جي حق ۾ ۽ هڪ ڏينهن توهان جي خلاف، جنهن ڏينهن توهان جي حق ۾ هجي ان ڏينهن غرور نه ڪجو، جنهن ڏينهن توهان جي خلاف هجي ان ڏينهن صبر ڪجو“، زندگي ٻين کي فائدو پهچائڻ جو نالو آهي، جيڪڏهن توهان ڪنهن کي فائدو نٿا ڏئي سگهو ته نقصان به نه رسايو، اها ئي زندگي آهي. (منصور گبول-گلشن اقبال ڪراچي)

    زندگي زنده دلي جو نالو آهي. (ميوا رام-جهول)

    زندگي هڪ امتحان آهي، جنهن جو پيپر آئوٽ ٿي چڪو آهي، هن پيپر جو وقت تمام گهٽ آهي ۽ پيپر ڏاڍو مشڪل آهي. (جاويد حسين چنا-نصيرآباد)

    زندگي الله تعالى طرفان ڏنل انمول تحفو آهي ۽ زندگي ۾ جيڪڏهن انسان ڪنهن مظلوم جو ساٿ ڏئي ۽ ظالم سان مقابلو ڪري حق ۽ سچ تي هلي اها زندگي ڪڏهن گلن جي سيج ته ڪڏهن ڪنڊن جي سيج آهي پر زندگي مان ڪڏهن به نا اميد ناهي ٿيڻو اها آهي زندگي. (محمد هاشم سمون، عبدالڪريم لنڊ-تلهار)

    زندگي الله پاڪ جي نعمت آهي، انسان کي پنهنجي زندگي ۾ الله پاڪ ۽ رسول پاڪ جي دين، نماز، نيڪي ڪرڻ، غريب انسان جي مدد، محنت مزدوري، دين جي دعوت ۽ هر انسان جي ڏک سک ۾ شريڪ هجڻ گهرجي. (پهلوان عبدالغفور مينگل-گڏاپ ٽائون سونگل)

    زندگي الله سائين جو انسان کي ڏنل بهترين تحفن مان ڏنل هڪ خوبصورت ۽ انمول تحفو آهي. (خالد محمود کهوڙو-بلاول شاهه نوراني ڳوٺ ڪراچي)

    زندگي خوب کان خوب تر تلاش ڪرڻ جي حاصلات جو نالو آهي. (ولي دائودپوٽو-حيدرآباد)

    زندگي هڪ بي وفا جو نالو آهي. (زوهيب عباسي-باڊهه)

    زندگي ڏکن ۽ سکن جي سونهن جو نالو آهي. (ساگر محمد عثمان جت-ڳاڙهو)

    زندگي سڪي جي ٻن پاسن وانگر آهي، هڪ خوشي ته ٻيو غم، زندگي موت جي اماني آهي، زندگي ٻرندڙ ڏيئي مثل آهي، ڪنهن به مهل اجهامي سگهي ٿي. (عاجز الله بخش شولائي-ڳاڙهو)
    [/justify]


    منهنجي خيال موجب زندگي درد جو درياهه آهي ٻيو ڪجهه به نه. (ونود ڪمار پنهور-شهدادپور)


    دوستو ! هي نظريو عوامي آواز تي ورتو آهي ، اسان پنهنجي رڪنن جو انهي ۾ نظريو پڇڻ چاهيون ٿا ؟
    اوهان جي راء جو انتظار رهندو..​


    شيعه دوست فورم تان ورتل
     
  2. نثارابڙو

    نثارابڙو
    نائب منتظم

    شموليت:
    ‏21 اپريل 2009
    تحريرون:
    8,321
    ورتل پسنديدگيون:
    6,890
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    ڌنڌو:
    انتظامي امور
    ماڳ:
    مڪو پاڪ
    جواب: زندگي ڇا آهي؟

    سڀ جا سڀ تمام سهڻا ٻول آهن، سڀني کي ملائجي ته زندگي جو فلسفو وائکو ٿي پوي ٿو ۔۔۔

    آ به اهو ئو چوندس ته زندگي امتحان آهي، جنهن ۾ مختلف پرچا مليل آهن، زندگي جا ٻه تمام وڏا مضمون آهن ۔۔۔ سماج ۽ بندگي ۔۔۔ انسان کي رب جي بندگي سان پاڻ سنوارڻو آهي ۽ سماج جي خدمت ڪري رب جي رضا حاصل ڪرڻي آهي ۔۔۔ ۽ امتحان مان ڪاميابي سان پار پوڻو آهي،

    رب العالمين اسانکي هر امتحان ۽ هر پرچي ۾ ڪامياب ٿيڻ جي توفيق عطا فرمائي ۔۔۔ آمين
     
  3. عرس پريو

    عرس پريو
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏9 سيپٽمبر 2009
    تحريرون:
    2,765
    ورتل پسنديدگيون:
    2,737
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    473
    ماڳ:
    ڪراچي ( داد و )
    جواب: زندگي ڇا آهي؟

    زندگي ڏکن ۽ سکن جي سونهن جو نالو آهي.
    زندگي هڪ خوبصورت تحفو آهي
    الله تعالي جي ڏنل نعمت آهي
    ان تي شُڪر ڪرڻ گهرجي

    تمام سٺو ونڊ ڪيو اٿو
     
  4. افتخار علي چوهاڻ

    افتخار علي چوهاڻ
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏12 ڊسمبر 2009
    تحريرون:
    1,800
    ورتل پسنديدگيون:
    2,033
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    483
    ماڳ:
    ڄامشورو
    جواب: زندگي ڇا آهي؟

    زندگي نالو آهي آخرت جي تياري جو ،

    زندگي مومن لا آخرت جي کيتي مثل آهي ، جنهن ۾ اهڙو درخت لڳائجي جنهن سان آخرت ۾ سهڻو ڦل ملڻ جي توقع رکي سگهجي !
     
  5. عاشق سولنگي

    عاشق سولنگي
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏20 مئي 2010
    تحريرون:
    5,689
    ورتل پسنديدگيون:
    1,190
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    473
    ڌنڌو:
    ًپاڪ نيوي
    ماڳ:
    شڪارپور/ مدئجي
    جواب: زندگي ڇا آهي؟

    زندگي ڏکن سُکن جي سيج آهي۔
     
  6. ڏاڏل شينو

    ڏاڏل شينو
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏30 ڊسمبر 2010
    تحريرون:
    2,207
    ورتل پسنديدگيون:
    2,171
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    473
    ماڳ:
    ڪراچي
    جواب: زندگي ڇا آهي؟

    سائين زندگي الله جي نعمت آهي ان ۾ ڪو شق ناهي پر هي نعمت اسيتائين نعمت آهي جيسيتائين ان نعمت جو استعمال صحيح رهندو جڏهن ڪا به نعمت غلط جاءِ تي استعال ٿيندي آهي ته انجو ردِ عمل زحمت ۽ حزيمت هوندو آهي ۔
    امام زين العابدين عه جو فرمانِ اطهر آهي ته نعمت جو شڪر هي آهي ته جنهن مقصد لاءِ ان نعمت کي خلق ڪيو ويو آهي ان نعمت جو ان مقصد ۾ استعمال ٿيڻ ان نعمت جو شڪر آهي ۔ سو سائين جي هي زندگي پنهنجي مقصد ۾ گذري ته نعمت جي نه ته اسان جي ڪمظرفي هن نعمت کي زحمت بڻايو ڇڏي اسان ته ائين ئي سمجهيو آهي۔ زندگي جو مقصد بندگيِ خدا آهي ۽ بندگي آهي قُلي طور تي سر تسليم خم ڪرڻ پوءِ هي زندگي زحمت يا نعمت ان ظرف تي ائين آشڪار ٿيند ي جهڙو ظرف هوندو ۔سو هن زندگي ۾ سڄڻ اهي مڙوئي حقيقتون سمايل آهن جنهن سان جهڙي گذري تنهن هن کي تهڙو ڏٺو ۽ هوڪو ڏنو ان لاءِ جي ڪنهن هن کي نعمت پاتو اهو به صحِيح ، جنهن هن کي وفادار پاتو اهو به صحيح ۔ جنهن هن کي بي وفا پاتو سو به صحيح ڪو به غلط ڪونهي ادا
    وسلام


     
  7. غلام مصطفي ميمڻ

    غلام مصطفي ميمڻ
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏8 آڪٽوبر 2010
    تحريرون:
    1,524
    ورتل پسنديدگيون:
    3,476
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    473
    ڌنڌو:
    Govt job
    ماڳ:
    karachi, originally district Dadu
    جواب: زندگي ڇا آهي؟

    ادا دل ڇويندڙ ٽاپڪ آهي۔ زندگي هر انسان جي پرک آهي۔جيڪڏنهن سٺا ۽ نيڪ عمل ڪندو ت زندگي هڪ وڻندڙ احساس ۽ ڪيفت جو جهگمٽو آهي جيڪو انسان کي دنيا ۾ ئي الله پاڪ جي نعمتن کان لطف آندا زو ٿيڻ جو موقعو ڏئي ٿي۔پر جيڪڏنهن زندگي ڪنهن غلط ڪمن ۾ گذري ٿي ت هو انسان لاء هن دنيا ۾ ب عذاب جو مثل هوندي آهي۔ زندگي انسانن جي خدمت ۽ الله پاڪ جي خوشنودگي ۾ گذري ت ان جو صحيحي تصرف ٿي ويندو۔ زندگي هر موڙ تي امتحان وٺندي آهي جيڪو ان ۾ ڪامياب ت زندگي کي هو گذاريندو آهي ورن زندگي انسان کي گذاريندي آهي۔
     
  8. محمد فائق جمالي

    محمد فائق جمالي
    جونيئر رڪن

    شموليت:
    ‏4 جون 2023
    تحريرون:
    1
    ورتل پسنديدگيون:
    0
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    41
    زندگي ھڪ بي وفا ۽ بي بقا شيء جو نالو آهي ھن زندگي اڄ تائين نه ڪنھن سان وفا ڪئي ۽ نه ئي ڪندي، رسول اڪرم صلي الله عليه وسلم جن جو فرمان آهي ته ھن زندگي کي ھڪ مسافر وانگر گذاريو جيڪو مسافر ڪنھن مسافري تي ويندي ٿڪجڻ کان پوء ڪنھن وڃ جي ڇانوَ ۾ ويھي ڪجھ پل سڪون حاصل ڪري وري اڳتي روانو ٿئي ٿو توھان به ھن زندگي کي مسافر وانگر گزاري الله رب العالمين ڏانھن واپس ورندو.
     

هن صفحي کي مشهور ڪريو