شهيد امان الله دائودپوٽو سماجي تعليمي ادبي صحافتي ميدان جو هيرو

'مقالا' فورم ۾ khadim ghirano طرفان آندل موضوعَ ‏1 مارچ 2011۔

  1. khadim ghirano

    khadim ghirano
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏28 ڊسمبر 2010
    تحريرون:
    118
    ورتل پسنديدگيون:
    118
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    403
    ڌنڌو:
    استاد
    ماڳ:
    نصرپور سنڌ
    شهيد امان الله دائودپوٽو سماجي تعليمي ادبي صحافتي ميدان جو هيرو
    خادم گھراڻو
    وقت جو وهڪرو ائين گذري ويندو آهي جنهن جي ڪا به ڪل ڪانه پوندي آهي تڏهن ته هڪ شاعر وقت جي باري ۾ چيو آهي ته وقت چوي آئون بادشاهه وقت واقعي بادشاهه آهي جنهن جي وڃڻ وقت چرپر ۽ آواز جي ڪنهن کي به ڪل ڪانه پوندي آهي ته اهو ڪيئن گذري ويو .تنهن ڪري اهو چيو ويندو آهي ته اڄ جو ڪم سڀاڻي تي نه ڇڏيو سڀاڻي ڇا ٿيندو سڀاڻي ڇا هوندو اڄ جيڪي اسان وٽ آهن اهي سڀاڻي هوندا يا نه هوندا اسان رڳو چونداسين ته ڪجھه پل پهرين ته اسان سان گڏ هو . خبر نه آهي ڪيئن جدا ٿي ويو . ائين اسان جو ساٿي شهيد امان الله به اسان کان ائين جدا ٿي ويو جو اسان کي اعتبار نه پيو اچي ته جنهن سان اسان ڪجھه پل پهرين ويهي روح رهاڻ ڪئي هئي اهو اسان جو ساٿي اسان کان جدا ٿي ويندو .هر ڪنهن ائين چيو ٿي ته ڪجھه پل پهرين سائين سان ملاقات ٿي هئي هاڻ اسان وٽ نه آهي . سائين جو جنم نصرپور شهر ۾ ڪريم بخش دائودپوٽي جي گھر ۾ پهرين فيبروري 1958 ع تي ٿيو پاڻ انٽر تائين تعليم حاصل ڪئي هئي پهرين فيبروري 1977ع ۾ تعليم کاتي ۾ استاد طور ڀرتي ٿيا سال 1981ع ۾ پاڻ پي ٽي سي جو امتحان پاس ڪيو 52 سالن جي عمر ۾ 20 ربيع الاول 1432هجري بمطابق 25 جنوري 2011ع بروز اڱارو بوقت سوائي يارهين بجي جام شهادت پي امر ٿي ويا .هر موڪل جي ڏينهن آئون سائين جن وٽ دوڪان تي ويندو هوس اتي اخبار جي مختلف حوالن سان ڳالهه ٻولهه ڪندا هئاسين . سائين جو تعلق ادب جي لکڻ سان نه هو پر کيس ان سان دلچسپي هوندي هئي اڪثر پاڻ مختلف ايڊيشن ڪڍڻ جي ڳالهه ڪندا هئا سندس تمنا هوندي ته ايڊيشن ڪڍجن ان ڪري پاڻ مون سان ڪافين جي بادشاهه مصري شاهه جي ميلي تي ڪامياب ايڊيشن ڪڍيو شاهه مراد جي عرس مبارڪ تي ايڊيشن ڪڍيو هاڻ سندن تمنا هئي ته شيخ السنڌ مولانا عبدالحق رباني ۽ يارهين شريف تي ايڊيشن ڪڍجي .ان ڏينهن به آئون سائين جن سان گڏ ڪلاڪ کن هوس پاڻ مون سان مولانا عبدالحق رباني جي مواد جي باري ۾ ڳالهه ٻولهه ڪئي ۽ چيو ته ان جي تحقيق ڪريو جيئن اسان جي سنڌ واسين کي هن بزرگ بابت ڄاڻ ملي سگھي جيئن ته سائين جي هڪ عزيز مون کي فون ڪيو ته مٽياري هلڻو آهي ان ڪري سائين سان آئون موڪلائي مٽياري وڃڻ جي تياري ڪرڻ لڳس اها خبر نه هئي ته اها سائين سان آخري ملاقات ۽ آخري موڪلاڻي هوندي .وري سائين سان ڪڏهن به نه ملنداسين ڇو جو سائين جيڪا راهه وٺي ويو آهي اتان ڪير به موٽي نه آيو آهي اسان اڃا ڇنڊڻ ڪراس ڪئي ته محمد بچل چنا مون کي فون ڪري اها ڏک واري خبر ٻڌائي ۽ مون وري گل دائودپوٽو کي فون ڪري پڇيو جنهن چيو ته سڪندر بيگ گھراڻو سائين کي گولي هڻي شهيد ڪري ڇڏيو آهي سائين شهيد ٿي چڪو آهي سائين هاڻ اسان ۾ نه آهي آئون هن وقت اسپتال ۾ آهيان سائين جو جسم خاڪي به اتي رکيل آهي .اسان کي اعتبار نه پيو اچي ته جنهن سان اسان ملي آيا آهيون اهو اسان کان ائين جدا ٿي ويندو پر چوندا آهن ته موت مهمان مينهن جو ڪوبه ٽائيم نه هوندو آهي ته اهي ڪنهن وقت ٿا اچن اسان نصرپور موٽي آياسين نصرپور جو سڄو شهر بند هو هن خوني واردات تي جيڪا مين بس اسٽاپ تي ٿي هئي ۽ اسپتال ۾ ماڻهن جو وڏو انبوهه هو جڏهن اسان اسپتال پهتاسين ته اسان کي ٻڌايو ويو ته سائين جو جسم خاڪي جنرل وارڊ ۾ آهي جتي سائين جا عزيز ۽ دوست بيٺل هئا هر اک آلي هئي هر اک ۾ لڙڪ هئا آهون ۽ دانهون هنيون . جڏهن اسان سائين جو چهرو ڏٺو ائين لڳو ته سائين هميشه وانگر مرڪي رهيو آهي ۽ چئي رهيو آهي ته عوام جي پارت هجيو ڏاڍ خلاف جنگ جاري رکجو ظالمن کي جيئڻ نه ڏجو انهن جي خلاف جنگ جاري رکجو غريبن جي مدد ڪجو دهشتگردن جي ڏاڍ کان نه ڊڄجو غريبن جي مسئلن کي حل ڪرڻ جي لاءِ جدوجهد ڪندا رهجو سائين جو جسم خاڪي ڪافي وقت اسپتال ۾ پيل هو ڇاڪاڻ ته پوسٽ مارٽم لاءِ حيدرآباد وڃڻو هو هو اهو ان ڪري جو چاليهه هزار آبادي واري يوسي نصرپور جي هن واحد اسپتال ۾ پوسٽ مارٽم جي وارڊ جي ڇت ٽٽل هئي ان وقت هن اسپتال ۾ ايمبولنس به هئي جيڪڏهن ڪنهن سان ايمرجنسي ٿئي ته وڃي پنهنجي پرائيويٽ گاڏي ڪري اچي ڪيڏي نه افسوس جي ڳالهه آهي ته هن هيڏي وڏي يوسي جي اسپتال ۾ ايمبولنس نه آهي جيڪڏهن آهي ته اها ڪيڏانهن وئي هئي .سائين جو جسم خاڪي رات جو ٻارهين بجي سندس گھر پهتو جتي کين غسل ڏنو ويو ٻئي ڏينهن کين اباڻي قبرستان مخدوم مئيڏنو ۾ مٽي ماءُ حوالي ڪيو ويو ان ڏينهن به شهر بند هو هزارين ماڻهن جنازي نماز ۾ شرڪت ڪئي هر اک آلي هئي هر طرف لڙڪ ۽ اوڇنگارون هنيون سائين جا فرزند ڀائر . بابو سليم ، محمد سومار ڇٽو ، گل دائودپوٽو ۽ ٻيا دل وارا دوست زارو زار روئي رهيا . اڄ سائين جو چهلم آهي ڪيترا ڏينهن گذري ويا آهن پر لڳي ٿو ته سائين اسان سان گڏ هو شهيد امان الله پنهنجي سموري زندگي سماجي تعليمي صحافتي خدمتن کي ارپي ڇڏي هئي .سائين جيڪي خدمتون ڪيون آهن انهن تي نه لکڻ ڪنجو سي هوندي سائين هر ميدان ۾ پاڻ ملهايو آهي هر جاءِ تي سائين جون خدمتون هونديون هنيون جن جي باري ۾ لکڻ ضروري آهي سائين امان الله دائودپوٽو صحافت جي شروعات برسات کان ڪئي هئي جيڪا هنن جي پنهنجي اخبار آهي جڏهن برسات هفتيوار مان روزاني ٿي آئي هئي ته هن جو ايڊيٽر شيخ اياز هو ان وقت آئون به برسات ۾ ڪم ڪندو هوس سائين به ڪندو هو سائين مون کي چوندو هو ته جيڪڏهن توهان چاهيو ته آئون برسات کي ڇڏي ڏيان مون سائين جن کي چيو ته توهان برسات ۾ ڪم ڪريو آئون پاڪ ۾ ٿو ڪم ڪريان . سائين جن آخر تائين برسات سان لاڳاپيل رهيا جڏهن برسات جي آفيس حيدرآباد ۾ کلي محمد سليم دائودپوٽو جي ايڊيٽري ۾ اخبار نڪرڻ لڳي ته پاڻ ان جا نمائنده ٿيا هڪ ڏينهن مون کي چيائون دوڪان تي اچو آئون جڏهن دوڪان تي ويس ته مون کي چيائون ته برسات ۾ لکو مون چيو ته لکنداسين پاڻ چيائون ته نه اڄ کان لکڻ شروع ڪيو سندن زور تي مون لکڻ شروع ڪيو جيڪا مون کي برسات سان عزت ملي آهي آئون ان کي وساري نٿو سگھان اها عزت مون کي شهيد امان الله دائودپوٽي جي حوصلا افزائي ۽ همت ڏيارڻ جي ڪري ملي آهي سندس زور هو ته مصري شاهه جي ميلي تي ايڊيشن ڪڍون اهو نڪتو دوستن کي وڻيو دوستن اي ميل sms ۽ روبرو اچي مبارڪون ڏنيون جنهن تي سائين ڏاڍو خوش ٿيو پاڻ چيائين ته هاڻ اهڙا ايڊيشن نڪرندا رهندا . سندس آخري تمنا هئي ته يارهين شريف تي ايڊيشن نڪري پر پاڻ ان کان اڳ اسان کان جدا ٿي ويا سندن فرزند جو چوڻ آهي ته بابا جو اهو سپنو هو اسان يارهين تي ضرور ايڊيشن ڪڍنداسين سائين جيڪي شهر جا مسئلا هئا انهن تي وڌ کان وڌ لکيو مين پڙي ، لينڊ مافيا ،حد دخلي ، ڦرون چوريون غريبن سان ظلم وغيره جي خلاف سائين تمام گھڻو لکيو پاڻ چوندا هئا ته منهنجي سچ لکڻ تي ماڻهو ناراض ٿين ٿا پر سچ جو ساٿ نه ڇڏبو جڏهن کيسن جي ماهر ڪاريگر قمرالدين درس جي بيماري جو مون ذڪر ڪيو ته پاڻ ان وقت ئي چيائين هلون ٿا هن جو انٽرويو ڪرڻ هيءُ اسان جي ديس جو سرمايو آهي ان جي مدد ڪرڻ ۽ ان کي ان جو جائز مقام ۽ حق ڏيارڻ اسان تي فرض آهي . جڏهن غلام حيدر دائودپوٽو لنڊن کان نصرپور آيو هو ته مون کي چوندو هو اهو توهان جو عزيز آهي ان تي ايڊيشن ڪڍجي تون ان کان انٽرويو ڪر پر مون چيو ته گڏ هلنداسين ائين سائين گڏ هليو انٽرويو ٿيو ايڊيشن نڪتو سائين کي مبارڪون مليون . هڪ نصرپور جي هيري کي نروار ڪرڻ جون .سائين اڪثر اهو به چوندو هو ته جيڪڏهن اسان سچ لکڻ بند ڪري ڇڏيون ته هتي جھنگ جو قانون ٿي وڃي ، عوام کي نقصان ڏيڻ وارن عملن جي خلاف پاڻ قلم جي نوڪ کي تيز هلايو جنهن ڪري ظالمن جي اک ۾ پاڻ ڪنڊو هئا پاڻ صحافتي ميدان ۾ رهندين اديبن کي به گڏ کڻي هليو پاڻ اهڙو ته دل جو سخي بي باڪ بهادر هو جو پنهنجا غم لڪائي ٻين کي خوش رکڻ جي ڪوشش ڪندو هو ٻين جي مسئلن کي پنهنجو مسئلو سمجھي حل ڪرڻ جي ڪوشش ڪندو هو پاڻ هر وقت اسان جي حوصلا افزائي ڪندو هو اسان کي همٿ ڏياريندو هو جنهن ڪري ئي اسان ڪامياب ايڊيشن ڪڍيا . مصري شاهه جي ميلي جي ايڊيشن تي گل دائودپوٽو مون کي چيو ته سائين امان الله ۽ توهان کي ايوارڊ مليو آهي مون چيو مون کي خبر نه آهي سائين به مون کي فون ڪري اها ڳالهه ٻڌائي ته پاڻ کي ايوارڊ مليو آهي پر اڃا اکين سان ڏٺو نه آهي رڳو دوستن ٻڌايو آهي سنڌ ٽي وي چينل تي پٽي ۾ پڙهيو آهي . ڪافي ڏينهن گذرڻ بعد مون کي چيائون ته اعلان ٿيل ايوارڊ نه مليا آهن پر پاڻ کي وڏو ايوارڊ مليو آهي دوستن جون مبارڪون جن ۾ دوستن جي پيار جي اڪير محبت شامل آهي ان کان وڏو ڪوبه ايوارڊ نه آهي جنهن سان اسان کي چاهت ملي ماڻهن اسان جي قلم جي پورهئي کي پسند ڪيو .شيخ السنڌ تي ايڊيشن سندن شهادت کان پوءِ نڪتو پر سپنو سندن ئي هو جنهن کي اسان پورو ڪيو سندس سپنو يارهين شريف تي ايڊيشن وارو اسان پورو ڪنداسين اهو سندن خواب هو ان کي اڌورو نه ڇڏبو رڳو حياتي جو ساٿ هجي . پاڻ صحافت جي ميدان ۾ پاڻ ملهائي ويا حق ۽ سچ جي خاطر جان قربان ڪري شهادت ماڻي جيستائين دنيا آهي سندن قرباني ياد رهندي . سندس هن وڏي ڏنل قرباني تي روزاني برسات طرفان کيس شهيدِ صحافت جو خطاب ڏنو ويو . جتي سائين صحافتي ميدان ۾ پاڻ ملهايو آهي اتي سماجي ميدان ۾ پاڻ ملهايو آهي پاڻ سنڌ برادرس ڪلب نصرپور جو بنياد رکيو جنهن جا صدر هئا . ان بعد پاڻ ماروئڙا سوشل ويلفيئر ايسوسيشن ۾ ميمبر ٿيا . صدر ۽ جنرل سيڪريٽري جي عهدي تي ڪم ڪيو ، نصرپور ينگ ڪائونسل ، گھراڻا ويلفيئر ايسيشن ٻين سماجي تنظيمن سان سندن سهڪار هوندو هو پاڻ ڪنهن به مسئلي کي اجتماعي طور حل ڪرڻ جي ڪوشش ڪندا هئا ۽ سڀني سماجي تنظيمن کي گڏ کڻي هلڻ جا خواهشمند هئا ،سماجي ڪمن ۾ سندن يادون هزارين آهن ڪهڙيون لکي ڪهڙيون لکجن پاڻ زڪوات ڪميٽي جا ميمبر ٿيا هئا جڏهن غريبن جي لاءِ اٽو ۽گيهه ايندو هو ته پاڻ مون کي ساڻ کڻي هر پاڙي جي چونڪ تي سامان رکي غريبن جي در تي پهچائيندا هئا جيئن ڪنهن غريب کي سندن لاءِ آيل اٽي گيهه جي لاءِ پريشان ٿيڻو نه پوي پاڻ چوندا هئا ته اها غريبن جي امانت آهي انهن کي انهن جي در تي اها پهچائجي .نصرپور ۾ جڏهن ڌاڙيل فيڪٽر جو زور هوندو هر رات گولين جو مينهن ڪٿان نه ڪٿان ايندو هو ان وقت نصرپور جي هڪ غريب ڊرائيور سليمان ميئو کي ڌاڙيلن گوليون هڻي شهيد ڪيو هو جنهن ظلم خلاف شهر جون سماجي تنظيمون ۽ شهري احتجاج ڪري رهيا هئا . ان وقت نصرپور پوليس احتجاج ڪندڙ ڊرائيورن ۽ شهرين مٿان سڌيون گوليون هلايون هنيون حافظ محمد صديق دائودپوٽي . مرحوم قادر بخش سمون ۽ن علي شير شيخ کي گرفتار ڪري تشدد جو نشانو بنايو هو ان وقت سائين شهرين سان گڏ ٿاڻي جو گھيراءُ ڪري انهن کي آزاد ڪرايو پوليس خلاف هائيڪورٽ ۾ ڪيس داخل ڪيو هن عمل ۾ سائين جن اڳيان اڳيان هئا .ان وقت جي چيئر مين به سائين جن جو مڪمل ساٿ ڏنو هو جنهن ڪري پوليس مجبور ٿي شهرين کان معافي ورتي هئي .پاڻ بي باڪ دلير هوندا هئا ڪڏهن به سندن چهري تي اسان مايوسي نه ڏٺي هر وقت مسڪراهٽ هوندي هئي پاڻ چوندا هئا ته هن وقت نصرپور شهر کي سماجي ادبي تنظيمن جي ضرورت آهي اهي نه هئڻ ڪري اسان جي شهر جون برايون ۽ مسئلا وڌيا آهن اسان جو نوجوان اڳ سماجي ادبي تنظيمن ۾ اچي پنهنجي صلاحيتن کي استعمال ڪندو هو هن وقت اهو پنهنجي صلاحيتن کي ضايع ڪري رهيو آهي جنهن ڪري انهن جي جيون لاءِ انهن تنظيمن جي ضرورت آهي جيئن انهن مان اديب شاعر صحافي سماجي ورڪر پيدا ٿي سگھن پاڻ ڪيترن ئي دوستن سان ان مسئلي تي ڳالهايو به هو چيو ته سماجي تنظيم جو وجود رکجي سندن دل ۾ سماجي ڪمن جو هڪ جذبو هوندو هو اسان جيڪڏهن سندس ادبي سماجي تعليمي صحافتي خدمتن تي لکون ته هڪ ڪتاب ٺهي وڃي پاڻ چوندا هئا ته جڏهن آئون ٻين کي خوش ڏسندو آهيان ته مون کي ان وقت ڏاڍي خوشي ٿيندي آهي سندن سماجي خدمتون اڄ شهر وارن جي اڳيان آهن جيڪي کين سرخ سلام پيش ڪن ٿا .جتي سائينءَ جون سماجي ادبي صحافتي ميدان ۾ خدمتون آهن اتي پاڻ تعليم جي ميدان ۾ به پاڻ ملهايو پاڻ جتي به ڊيوٽي ڪئي اتي علم جا گل نڇاور ڪيا جنهن ڪري سندن چوٽيهه سالن جي تعليمي خدمتن ۾ سندن شاگردن جو وسيع تعداد آهي پاڻ ٽنڊوالهيار جي مين سنڌي اسڪول نصرپور جي محمد صالح دائودپوٽو ، چوڌري برڪت علي آرائين . او سي ميمڻ محلا مسجد اسڪول ، ميمڻ محلا پرائمري اسڪول ، مين سنڌي اسڪول ۽ هن وقت مين اردو اسڪول ۾ ڊيوٽي ڪري رهيا هئا .پاڻ درس و تدريس جي عمل ۾ پنهنجو مٽ پاڻ هئا جنهن ڪري سندن شمار نصرپور جي بهترين استادن ۾ ٿئي ٿو پاڻ سدائين اهو چاهيندا هئا ته سڀ استاد هڪ هجن انهن ۾ ٻڌي ۽ ايڪو هجي . پاڻ 1993ع ۾ استادن جي نمائنده تنظيم پ ٽ الف ٽنڊوالهيار جا جنرل سيڪريٽري به ٿي رهيا . هن عهدي تي رهي استادن جي مسئلن کي حل ڪرائڻ انهن جي ڀلائي استادن جي اولاد کي ٽيچرس ڪوٽا مان نوڪريون وٺائي ڏيڻ جهڙا ڪم ڪيا اڄ به نصرپور ۾ ڪافي استاد آهن جيڪي سندن ڪوشش سان ٽيچرس ڪوٽا تي استاد ڀرتي ٿيا .پاڻ هر استاد جو ڪم دل وجان سان ڪندا هئا .جنهن ڪري ڪنهن کي به آفيسن جا چڪر ڪاٽڻا نه پوندا هئا سندن اها ڪوشش هوندي ته استادن جي نمائنده تنظيم ۾ نصرپور جو هڪ گڏيل اميدوار هجي جنهن کي چونڊبو هو پاڻ ان جي اليڪشن جي صورت ۾ ورڪ ڪندا هئا .ٻي نومبر 1996ع کان چوويهه سيپٽمبر 2003ع تائين پاڻ مين سنڌي اسڪول نصرپور جا هيڊ ماستر ٿي رهيا بهترين منتظم ثابت ٿيا جنهن جي هرڪو واکاڻ ڪري ٿو پاڻ اسڪول ۽ ٻارن جي تعليم جي واڌاري جي لاءِ اهم ڪردار ادا ڪيو جنهن ڪري اڄ به هرڪو هن بهترين استاد ۽ بهترين منظم طور تعريف ڪري ٿو . ۽ اهو چون ٿا ته نصرپور هڪ بهترين استاد کان محروم ٿي ويئي پاڻ اسڪول جي هم نصابي سرگرمين ۾ بهترين نموني حصو وٺندا هئا بهترين مقرر به هوندا هئا . هر موضوع تي ڳالهائڻ جي لاءِ وٽن لفظن جو خزانو هوندو هو پاڻ چوندو هو ته اسان پنهنجي پاڻ ۾ ناراضگيون نه رکون نه ته ڪمزور ٿي وينداسين سائين جي لاءِ اسان وٽ لفظ نه آهن جو هن عظيم بهترين استاد سماجي ڪارڪن صحافي تي ويهي لکون سائين ته هر ميدان ۾ پاڻ ملهائي ويو جنهن جي شاهدي اهو تاثراتي ڪتاب ڏيندو جيڪو مرحوم جي تڏي تي رکيل هو ان تاثراتي ڪتاب مان ڪجھه هتي قلمبند ڪريون ٿا . روزاني برسات ڪراچي جي ايڊيٽر ۽ پبلشر محمد سليم دائودپوٽو لکيو آهي ته هيءُ برسات اخبار جو بي باڪ نه ڊڄڻ وارو صحافي هو هن هميشه شهر جا مسئلا لکيا هر مسئلي تي مون کان صلاح به ڪندو هو سائين امان الله جھڙو استاد صحافي وري اهڙو انسان پيدا ٿيڻ ۾ وقت لڳندو . هي انسان دوست همدرد ماڻهو هو هو سڀني جو دوست ۽ مائٽ هو . يو سي نصرپور جي اڳوڻي نائب ناظم اصغر الدين بروهي جي لکڻ موجب اسين سٺي دوست کان محروم ٿي ويا آهيون هو سٺو دوست هو اسان جو رشتو ڀائرن وارو هو اهو رشتو سندس ڀائرن ۽ اولاد سان قائم رهندو . پ پ پ نصرپور جي سينئر ورڪر محمد يعقوب ڪاڪيپوٽو لکيو ته شهيد امان الله عظيم انسان هو نصرپور اڄ عظيم شخصيت کان محروم ٿي ويئي آهي . حافظ عبدالله لغاري جن لکن ٿا هي قوم جو محسن هو جنهن کي بزدل بي دردي سان شهيد ڪيو ڊاڪٽر وڪيل استاد عالم قوم جا هيرا هوندا آهن انهن جو موت پوري قوم جو موت آهي . حافظ محمد صديق دائودپوٽو جن لکيو آهي ته عظيم استاد دوستن جو دوست حق ۽ سچ گفتار هو حق ۽ سچ خاطر پنهنجي جان جو نذرانو ڏنو سماج ۾ غلط ڏوهه جبر جي خلاف هر اول دسته هو . احسان سمون موجب سائين کي موت نه ماريو هو سائين موت کي مات ڏيئي امر ٿي ويو سچ لکڻ لاءِ سائين ءَ شهادت قبول ڪئي سچ لکڻ نه ڇڏيو .سائين هڪ انمول انسان هو حق جي واٽ تي جدوجهد ڪرڻ سندن دليري هئي . سابق ايڊيشنل سيڪريٽري تعليم نصرپور جي بهترين استاد ليکڪ خليل الرحمان جن لکيو آهي ته سائين امان الله ڀرپور زندگيءَ جو نانءُ آهي حق سچ محبت فضيلت تمدن تهذيب جو نالو سائين امان الله آهي بهادر بي باڪ همتن جو امين سچائي جي ساٿين مان هڪ هو سچائي ۾ اڳڀرو هوندو هو سٺو انسان بهترين دوست دل جو ڪشادو هو ادب دوست ۽ نقطئه شناس سائين امان الله سدائين مسڪرائيندڙ مک سان حاضر هوندو هو . جي پي ايس ميمڻ محلا نصرپور جي هيڊ ماستر سيد غلام مصطفى شاهه بخاري جن لکيو ته سائين منهنجو پ ٽ الف جو سياسي استاد هو شهيد سدائين زنده رهندا آهن . سنڌ ٽي وي نيوز نصرپور جي رپورٽر گل دائودپوٽو جن لکيو آهي ته مون وٽ اهڙا لفظ نه آهن جيڪي آئون هن بهادر ۽ عظيم انسان تي لکان شهيد امان الله کي رب پاڪ شهادت بخشي عزت جو مانائتو مرتبو ڏنو . نصرپور جي استاد غلام محمد ابڙو جيڪو شهيد امان الله دائودپوٽو جو استاد به آهي جن لکيو آهي ته پاڻ سٺو شاگرد سٺو استاد ۽ سٺو انتظام رکندڙ هو سنجيده ۽ بلند اخلاق وارو هو . پ پ پ نصرپور جي صدر سيد سجاد علي شاهه جن لکيو آهي ته دنيا اندر جڏهن صحافتي حوالي سان تاريخ تي نظر وجھبي ته سچ جي صحافت کي هميشه تڪليفون آيون آهن اڄ وري به هڪ درنده صفت شخص صحافت جي مقدس پيشي سان تعلق رکندڙ سائين امان الله کي بي گناهه قتل ڪري سڄي شهر کي غم ۾ بي حال ڪري ڇڏيو آهي . معظم الحسن دائودپوٽو جن لکيو ته هي هڪ عظيم انسان ۽ هڪ عظيم استاد هو جنهن سان ملڻ وقت پنهنجائپ جي خوشبوءِ ايندي هئي هيءُ عظيم انسان نصرپور جو پهريون شهيد صحافي آهي . ڪي ٽي اين ۽ ڪاوش گروپ جي ٽنڊوالهيار جي نمائندي اعجاز مڱڻهار موجب حق ۽ سچ جي راهه ۾ شهيد ٿيندڙن ۾ امان الله جيڪو بهترين دوست ساٿي پڻ شامل هو سنڌ ٽي وي نيوز جي ٽنڊوالهيار جي نمائندي نصير نهڙيو موجب سنڌ اندر حق ۽ سچ جو آواز دليري سان بلند ڪندڙ صحافين لاءِ پڻ هن وقت سنڌ ٽامو بڻيل آهي . محمود سلطان چانڊئي جي قتل کان پوءِ ڪافين جي بادشاهه مصري شاهه امام جي شهر ۾ هڪ ٻئي بهادر صحافي کي سچ لکڻ جي ڏوهه ۾ موت جي سوداگرن موت جي ننڊ سمهاريو آهي .رياض علي دائودپوٽو جن لکن ٿا سچي صحافت کي هميشه سور ۽ تڪليفون مليون آهن سائين امان الله سچ جو آواز بلند ڪندڙ ۽ ڪنهن کان نه ڊڄندڙ هو هن جي عظيم شهادت کي سلام آهي . نصرپور جي عبرت جي رپورٽر پرنس عزيز ساند جن لکيو ته سائين گلاب جي گل جي خوشبوءِ جيان سدائين واسيل هو هڪ بهادر سچ لکڻ وارو هو . گسٽا يونٽ نصرپور جي صدر احمد خان دائودپوٽو خيالن کي قلمبند ڪندي لکيو ته بهترين استاد حق ۽ صداقت وارو صحافي هو . استاد محمد اسماعيل خانزاده جن لکن ٿا ته هي هڪ سٺو ملنسار انسان هو هن جھڙو بهترين دوست نه ڏٺو آهي . پ پ پ سنڌ ڪائونسل جي ميمبر رئيس منظور علي پتافي جن لکن ٿاته سائين امان الله نصرپور جي اهم شخصيت هو سماجي ڪارڪن هو . جھانگير ملاح نمائنده عوامي آواز ٽنڊو غلام علي جن لکيو آهي ته نصرپور جي بهادر صحافي حق ۽ سچ لکڻ تي بي گناهه قتل ڪري سچ لکندڙ صحافي امان الله دائودپوٽو کي شهيد ڪيو ويو استاد غلام عباس گھراڻو جن لکن ٿا سائين شهر جي سماجي علمي ادبي ڪمن ۾ اڳيان اڳيان هو اسان کي سندس شهادت تي ناز آهي . استاد ظفرالله دائودپوٽو موجب پاڻ کل مک مزاح جو مالڪ هو مرحوم بهترين منظم هو کيس انتظام هلائڻ جو خدا داد ڏانءُ هو .شمس الرحمان پانڌياڻي جن لکيو آهي ته سائين نهايت نيڪ انسان هو. هو انسان دوست هو هڪ بهترين استاد هو . محمد يوسف صبح پوٽي موجب اسان هڪ بهترين ماڻهو وڃائي چڪا آهيون هيءُ بهترين دوست هو . اي ڊي او اي مٽياري محترم محمد صديق شاهاڻي جن لکن ٿا ته هيءُ هڪ سخت محنت ڪندڙ استاد هو . استاد ناصر خانزاده جن جي لکڻ موجب سٺو دوست خوش اخلاق خوش گفتار هو جنهن سڄي زندگي نيڪي جي ڪمن ۾ وقف ڪري ڇڏي . جھڙي نموني هن کي قتل ڪيو ويو اهو ناقابل معافي ڏوهه آهي . ڪي ٽي اين ۽ ڪاوش گروپ نصرپور جي رپورٽر آر بي ميمڻ جن لکيو آهي ته نصرپور جي صحافت ۾ پنهنجي جان جو نذرانو ڏيئي پهريون شهيد صحافي جو رتبو حاصل ڪيو هن جي شهادت صحافين جا سر بلند ڪري ڇڏيا شهيد جنهن ظلم خلاف قلم کنيو انتي قائم رهنداسين .روزاني شام جي نصرپور جي رپورٽر عبدالله دائودپوٽو جي لکڻ موجب حق ۽ سچ جي راهه تي هلندي پنهنجي قلم ذريعي سچ لکي شهادت ماڻي هيءُ هڪ بهترين استاد ۽ بهترين صحافي هو هن اهو پيغام ڏنو آهي ته سچ لکڻ لاءِ ڪيڏيون به اذيتون ملن پر سچ ضرور لکبو .محترم تاج محمد قاضي جن لکن ٿا ته اڄ نصرپور شهر هڪ بهترين استاد کان محروم ٿي ويو آهي رب سائين کيس شهادت جو اعزاز نصيب فرمايو . نصرپور جي ڪاليج جي ليڪچرار اسلم نهالاڻي پنهنجا خيال قلمبند ڪندي لکي ٿو ته سائين امان الله هڪ بهادر شخص هو هو هميشه همت جو سبب رهيو آهي هاڻ اهڙو نظر نٿو اچي هيءُ بهترين منظم به هو . ليڪچرار محمد اعظم دائودپوٽو جي لکڻ موجب ته هيءُ شهر جي با شعور ۽ پڙهيل عوام لاءِ اتساهه ڏيندڙ هو . ڊاڪٽر در محمد درس جن موجب سائين اسان جو محسن هو سماجي سرگرمين جي حوالي سان سندن جدوجهد اڻ ورچ هئي پاڻ هميشه سدا بهار هئا .مهراڻ ڪلب نصرپور جي صدر سيد آفتاب علي شاهه جن لکيو آهي ته اسان اڄ بهترين صحافي وڃايو آهي هيءُ بهترين استاد هو روزاني برسات جو بهادر صحافي هو هيءُ هميشه غريبن لاءِ ڪم ڪندو هو . مهراڻ سوشل ويلفيئر ڪلب نصرپور جي جنرل سيڪريٽري عزيز احمد دائودپوٽو جن لکيو آهي ته سائين امان الله نڊر بهادر جرئتمند سچ جي راهه تي هلندڙ محبوب انسان هو سندس گجگوڙ ڪانئر جي اک ۾ ڪنڊو هو سندن شهادت سچ جي آواز تي حملو ڪيو ويو پر ڇا ڪڏهن سچ ماٺو ٿيو آهي شهيد زنده آهن . سبجيڪٽ اسپيشلٽ علي شير شيخ جن لکن ٿاته سائين هڪ سچو هڏ ڏوکي جاکوڙي باهمت عظيم انسان هو هڪ عظيم استاد هو هڪ وڏي سماجي شخصيت هو . ابو بڪر درس جن لکن ٿا ظلم بر بريت ڏاڍ ڏمر جي خلاف مسلسل جهاد ڪندڙ شهيد امان الله هو .ليکڪ راشد دائودپوٽو جن لکن ٿا ته سچ چوندڙ جو تاريخ ۾ سلسلو نه ئي گھٽيو آهي نه ئي سچ چوندڙن کي هٿيارن ذريعي روڪيندڙن جو سلسلو بند ٿيو آهي سائين امان الله جھڙو برجستو همٿ ڀريو پير جھلي بيهڻ وارو انسان ڪو ڪو ٿيندو آهي شهيد امان الله جي شهادت سچ ڳالهائڻ جي ريت کي ٻيجارو ڏنو آهي رت جو ريج ڏنو آهي .ڊاڪٽر خليل قاضي جن لکن ٿا وڏي رتبي واري عظمتن ڀري شهادت امان الله دائودپوٽو جي نصيب ۾ آئي هو موت ڌمڪين کان نه ڊنو ظلم ۽ ڏاڍ اڳيان پنهنجي قلم جي لڄ رکي هن استاد هئڻ جو حق ادا ڪيو آزاد صحافت جو مان مٿاهون ڪيو سچ تي ثابت قدم رهڻ جو حق ادا ڪرڻ وارن شهيدن جي روحن سان وڃي مليو آهي ۽ هر ان جي طاقت سگھه ۽ حوصلو آهي جيڪو سچ جو ساٿي آهي .سنڌ صحافي سنگت سنڌ جي مرڪزي چيئر مين نور سنڌي جن لکن ٿا ته شهيد امان الله جنهن فرض جي ادائيگي ڪندي پنهنجي رت جو نذرانو ڏنو . سندس صحافتي سماجي علائقي خدمتون اڻ وسرندڙ قابل تعريف آهن کيس سرخ سلام آهي . محرم راز خاصخيلي نمائنده ايڪسپريس مٽياري جن لکن ٿا ته 2011ع جي پهرين مهيني ۾ صحافت دشمن عناصرن جو ٻيو حملو آهي شهر جي بي باڪ صحافي امان الله دائودپوٽو جي قتل جي جيتري مذمت ڪجي اها ٿوري آهي شهيد امان الله کي لک سلام هجن .ڳوٺ سڌار سنگت تنظيم سچو ابڙو جو جنرل سيڪريٽري عبدالله لکي ٿو ته دنيا ۾ چند خوش نصيب انسان هوندا آهن جن کي شهادت جو موت نصيب ٿيندو آهي اهڙن مان شهيد امان الله به هڪ هو هي هڪ بي باڪ بهترين دوست شفيق انسان هو هميشه حق ۽ سچ لاءِ جاکوڙيندڙ انسان هو جنهن حق ۽ سچ تي سر ڏنو .آواز نيوز راڻيپور جي نمائندي اڪبر شاهاڻي لکيو ته شهادتون هميشه حق تي هلڻ وارن کي نصيب ٿينديون آهن . بچل هنگورو مرڪزي نائب صدر سنڌ صحافي سنگت سنڌ نوشهروفيروز جن لکن ٿاته شهيد امان الله دائودپوٽو هڪ بهادر دلير صحافي هو جنهن پنهنجي قلم جي نوڪ سان هميشه سچ لکيو هيءُ ڌمڪين باوجود سچ لکندو رهيو .غلام حسين چانگ صدر پريس ڪلب هنگورجا رپورٽر سنڌ ٽي وي نيوز جن لکيو آهي ته حق ۽ سچ جي جنگ وڙهندي شهيد امان الله جام شهادت پيتو ان جي عظمت کي سلام پيش ڪريون ٿا . صحافي صالح ميمڻ ماتلي جن لکن ٿاته حق ۽ سچ جي راهه تي قربان ٿيندڙ شهيد امان الله دائودپوٽو جي دليري بهادري کي سلام هجي امان الله دائودپوٽو سنڌ جي صحافين جي دل ۾ هڪ بهادر صحافي طور هميشه ياد رهندو ايندڙ دورن ۾ صحافت ڪندڙ نوجوانن لاءِ بهادري جو هڪ درس هوندو .ملڪ طارق محمد اعواڻ چيئر مين مرڪزي ايگزيڪيٽو ڪميٽي سنڌ صحافي سنگت سنڌ مئنيجنگ ايڊيٽر عوامي جاگير ڪراچي جن لکن ٿاته شهيد امان الله دائودپوٽي جي دليري بهادري کي سلام هجي کيس حق ۽ سچ لکڻ تي شهيد ڪيو ويو صحافي برادري کيس سلام پيش ڪري ٿي اسين سندن خون رائيگان وڃڻ نه ڏينداسون .جي پي ايس مين سنڌي اسڪول نصرپور جي هيڊ ماستر پورن داس پريمي جن لکيو آهي ته سائين جي اوچتي موت مون کي تمام گھڻو ڏک پهچايو آهي وقت جي وهڪري اسان کان بهترين دوست بهترين استاد بهترين ڪارڪن جدا ڪري ڇڏيو سندس تعليم جي ميدان ۾ خدمتون ۽ تخليقون هميشه ياد رهنديون .عبدالعليم سمون مٽياري جن لکن ٿا ته ڇا لکجي اسان جو يار نه پر اسان جو ڀاءُ وڇڙي ويو ظالمن قهر ڪيو آهي لکندي دل رت جا ڳوڙها ڳاڙي ٿي .غلام نبي مير جت صدر پريس ڪلب عثمان شاهه هڙي جن لکن ٿاته شهيد امان الله هڪ با خلوص بهترين استاد جاکوڙي شخص هو سندس ڪيل خدمتن تي کيس خراج تحسين پيش ڪريون ٿا .اي ڊي او ٽنڊوالهيار محمد رمضان پرهياڙ جن لکيو آهي ته سائين امان الله هڪ سٺو استاد ۽ ذميدار انتظام رکندڙ هو پاڻ جاکوڙي جدوجهد ۾ يقين رکندڙ ڪارڪن نظر آيو . استاد خالد حسين دائودپوٽو جن جي لکڻ موجب شهيد امان الله هر وقت شهر جي ترقي جي لاءِ ڪوشان رهندو هو بلو برڊ اڪيڊمي نصرپور جي پرنسپل محمد رمضان ميمڻ جن لکن ٿا ته شهيد امان الله بهادر اڻ ورچ دوستن جو دوست همدرد غريبن جو ساٿي هو با اخلاق نيڪ انسان هو ڊيوٽي جو پابند هوندو هو. استاد محمد صالح سمون جي لکڻ موجب هڪ بهترين استاد معزز شخصيت هو هن وٽ ننڍي وڏي جي عزت هوندي هئي هي هڪ ايماندار استاد ۽ صحافي هو غريبن جو دوست هو . استادن جي نمائنده تنظيم پ ٽ الف جي مرڪزي صدر رفيق جروار جن لکن ٿاته شهيد امان الله دائودپوٽو سچو بهادر انسان هو هن دردناڪ واقعي تي تمام گھڻو ڏک پهتو آهي سچ جي آواز کي هميشه دٻايو ويو آهي پر سچ هميشه زنده رهندو . خادم گھراڻو جن لکن ٿا شهيد امان الله دائودپوٽو هڪ بهادر دلير هو جنهن هر ميدان تي جدوجهد ڪئي اهڙا ماڻهو ورلي پيدا ٿيندا آهن محبوب علي گھراڻو حيدر آباد جن لکن ٿا ته شهيد امان الله يارن جو يار با اخلاق دلير انسان هو هر وقت مسڪرائيندا رهندا هئا .پ ٽ الف مٽياري جي خزانچي محمد بچل چنا جن لکن ٿا ته شهيد امان الله هڪ بهترين استاد هو بهتر انتظام هلائيندڙ ۽ رهنما هو .روزاني برسات سجاول جي نمائندي جي ايم ميمڻ جن لکن ٿا شهيد امان الله دائودپوٽو پنهنجي زندگيءَ جو ڊگھو عرصو مظلوم غريب عوام جي خدمتن ۽ ظالمن خلاف جهاد ۾ ارپي ڇڏيو ان عيوض نصرپور شهر لاءِ عذاب بڻيل غنڊن کين شهيد ڪيو . هنن خيالن مان اها سڌ پوي ٿي ته شهيد امان الله دائودپوتو گھڻ رخو انسان هو جنهن ادبي سماجي صحافتي تعليمي ميدان ۾ پاڻ ملهايو . جنهن جي هرڪو ساراهه ڪري ٿو شهيد امان الله حق ۽ سچ خاطر پنهنجي جان قربان ڪري ڇڏي شهيد امان الله دائودپوٽو جي شهادت انهن کي وري قلم کڻڻ تي مجبور ڪري وڌو آهي جيڪي خاموش ٿي ويهي رهيا هئا شهيد امان الله جيڪو سلو پوکي ويو اهو هڪ ڏينهن وڌي وڻ ٿيندو . هتي اها گذارش ڪندس شهيد امان الله حق ۽ سچ خاطر وڏي قرباني ڏني نصرپور شهر ۾ ڪنهن به روڊ يا چونڪ جو نالو سندس نالي پويان رکيو وڃي .
     
  2. رسول بخش دائودپوٽه

    رسول بخش دائودپوٽه
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏10 مارچ 2011
    تحريرون:
    1,691
    ورتل پسنديدگيون:
    2,296
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    483
    ڌنڌو:
    job
    ماڳ:
    karachi
    جواب: شهيد امان الله دائودپوٽو سماجي تعليمي ادبي صحافتي ميدان جو هيرو

    ادا وساڻ صاحب توهان جو ڪيلينڊر اسان لا وڏي اهميت رکيٿو پر ان ۾ علامه شمس العلما عمر بن محمد دائودپوٽه کي شامل نه ڪيو ويو آهي خبر نه آهي ته اهو ڇو وسري ويو سٿ کان۔۔۔۔
     

هن صفحي کي مشهور ڪريو