جواني جي اهميت

'مختلف موضوع' فورم ۾ غلام قاسم تسنيمي طرفان آندل موضوعَ ‏1 مارچ 2011۔

  1. غلام قاسم تسنيمي

    غلام قاسم تسنيمي
    نئون رڪن

    شموليت:
    ‏30 ڊسمبر 2010
    تحريرون:
    225
    ورتل پسنديدگيون:
    156
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    0
    ڌنڌو:
    علم پرائڻ ۽ پکيڙڻ
    ماڳ:
    ڪوٽڙي
    جواني، انساني زندگي جو سنهري پيرڊ آهي، جيڪو ترقي ڪرڻ ۽ مقصد ماڻڻ لاءِ انهائي اهم آهي، ڇو جو ان وقت انسان همٿ هوندي آهي، اميدون جوان هودنيون آهن، ۽ انسان ڪجهه به ڪري سگهڻ جي سگه رکندو آهي. تنهنڪري ڪنهن به قوم يا ملڪ جو سرمايو سندن جوان هوندا آهن.
    ان بنياد تي جواني، الله سائين جي عظيم نعمت آهي، جنهن جو جيترو به شڪر ۽ قدر ڪجي اهو گهٽ آهي. قرآم مجيد جي نظر ۾ زندگي لاڙهي چاڙهي ، ڏکن۽ سکن جو مجموعو آهي، جنهن جا ٽي دور آهن: ٻالڪپڻي جي ڪمزوري، جواني جي سگهه ۽ پيري جي ناتواني. جئين ته ارشاد آهي:"اللَّهُ الَّذِى خَلَقَكُم مِن ضَعْفٍ ثُمَّ جَعَلَ مِن بَعْدِ ضَعْفٍ قُوَّةً ثُمَّ جَعَلَ مِن بَعْدِ قُوَّةٍ ضَعْفاً وَشَيْبَةً يَخْلُقُ مَا يَشَاءُ وَهُوَ الْعَلِيمُ الْقَدِيرُ» (روم /54) .
    رسول اڪرم صلي الله عليه و آله و سلم کان منقول آهي: پيري کان اڳ جواني جو قدر ڪيو: * بادِر… شَبابِكَ قَبلَ هِرَمِكَ … (بحار الانوار 68/180).جواني دنيا ۽ آخرت کي سنوارڻ جي بهترين فرصت آهي، جنهن کي غنيمت سمجهڻ گهرجي؛ ڇو جو هي عظيم الشان نعمت انسان کي هڪ ئي ڀيرو نصيب ٿيندي آهي. ان بهترين وقت ۾ انسان بهترين دوست ڳولي، سٺا تجربا ڪري ۽ وڏن بزرگن جي تجربن مان فائدو حاصل ڪري.
    پر افسوس جو ٿيندو ائين آهي جو اسان ان نعمت جو قدر تڏهن ڪندا آهيون جڏهن اها اسان وٽ نه رهندي آهي، اهڙي نموني جواني جي قدر به تڏهن معلوم ٿيندي آهي جڏهن انسان پوڙهو ٿي چڪو هوندو آهي. ان بابت علي عليه السلام فرمائن ٿا: ٻه شيون اهڙيون آهن، جنهن جي قدر اهو ڪندو آهي جنهن وث اها باقي نه رهنديون آهن هڪ جواني ۽ ٻيو تندرستي ۽ عافيت. شَيئانِ لا يَعرِفُ فَضلَهُما الاّ مَن فَقَدَهُما، اَلشَّبابَ وَ العافيَهَ (غرر الحكم/449).اسانجي لاءِ پيغمبر اڪرم صلي الله عليه و آله و سلم جي جواني آئيڊيل آهي، پاڪ سڳورن جواني ۾ ئي صادق ۽ امين جا لقب ورتا هئا، پاڪدامني سان مشهور ٿيا هئا. سندن پاڪيزه زندگي هر سور جي هر عمر واري انسان لاءِ نمونو آهي:ولقد ڪان لڪم في رسول الله اسوه حسنه، سورت احزاب، آيت 21. تنهنڪري جيڪو به انسان پنهنجي جواني کي سمنهندو اهو ڪڏهن به پنهنجي ان قيمتي گوهر کي گناه سان آلوده نه ڪندو(علي عليه السلام، غرر الحڪم).
    حضرت ابراهيم على نبينا و آله و عليه السلام بت شڪني عظيم الشان ڪارنامو جواني ۾ انجام ڏنو هو. جئين ته ارشاد ٿئي ٿو: فَجَعَلَهُمْ جُذَاذاً إِلَّا كَبِيراً لَّهُمْ لَعَلَّهُمْ إِلَيْهِ يَرْجِعُونَ قَالُوا مَن فَعَلَ هذَا بِآلِهَتِنَا إِنَّهُ لَمِنَ الظَّالِمِينَ قَالُوا سَمِعْنَا فَتىً يَذْكُرُهُمْ يُقَالُ لَهُ إِبْرَاهِيمُ» (انبياء / 58-60)
    حضرت اسماعيل، جواني ۾ پنهنجي والد جي خواب کي سچي ڪرڻ لاءِ، قرباني لاءِ تيار ٿي ويا: فَبَشَّرْنَاهُ بِغُلاَمٍ حَلِيمٍ فَلَمَّا بَلَغَ مَعَهُ السَّعْيَ قَالَ يَا بُنَىَّ إِنِّى أَرَى فِى الْمَنَامِ أَنِّى أَذْبَحُكَ فَانظُرْ مَاذَا تَرَى قَالَ يَا أَبَتِ افْعَلْ مَا تُؤْمَرُ سَتَجِدُنِى إِن شَاءَ اللَّهُ مِنَ الصَّابِرِينَ فَلَمَّا أَسْلَمَا وَتَلَّهُ لِلْجَبِينِ وَنَادَيْنَاهُ أَن يَاإِبْرَاهِيمُ قَدْ صَدَّقْتَ الرُّؤْيَا كَذلِكَ نَجْزِى الْمُحْسِنِينَ» (صافات /101 - 105) ]
    حضرت يوسف، جواني ۾ گناه کان پاسو ڪرڻ ڪريحڪمت، علم ۽ خواب جي تعبير سان مالا مال ٿيا. "وَلَمَّا بَلَغَ أَشُدَّهُ آتَيْنَاهُ حُكْماً وَعِلْماً وَكَذلِكَ نَجْزِى الْمُحْسِنِينَ وَرَاوَدَتْهُ الَّتِى هُوَ فِى بَيْتِهَا عَن نَفْسِهِ وَغَلَّقَتِ الْأَبَوْابَ وَقَالَتْ هَيْتَ لَكَ قَالَ مَعَاذَ اللَّهِ إِنَّهُ رَبِّى أَحْسَنَ مَثْوَاىَ إِنَّهُ لاَ يُفْلِحُ الظَّالِمُونَ. وَلَقَدْ هَمَّتْ بِهِ وَهَمَّ بِهَا لَوْلاَ أَن رَأى بُرْهَانَ رَبِّهِ كَذلِكَ لِنَصْرِفَ عَنْهُ السُّوءَ وَالْفَحْشَاءَ إِنَّهُ مِنْ عِبَادِنَا الْمُخْلَصِينَ» (يوسف /22 - 24)
    حضرت موسى، جواني ۾ فرعون جي محل يا قصر جي رعب نه آيا، بلڪه مظلومن جي ساٿ ڏيڻ لاءِ محل ڇڏي ظالم جي خلاف اٿي بيٺا: وَ لَمَّا بَلَغَ أَشُدَّهُ وَاسْتَوَى آتَيْنَاهُ حُكْماً وَ عِلْماً وَكَذلِكَ نَجْزِى الْمُحْسِنِينَ. وَدَخَلَ الْمَدِينَةَ عَلَى حِينِ غَفْلَةٍ مِنْ أَهْلِهَا فَوَجَدَ فِيهَا رَجُلَيْنِ يَقْتَتِلاَنِ هذَا مِن شِيعَتِهِ وَهذَا مِنْ عَدُوِّهِ فَاسْتَغَاثَهُ الَّذِى مِن شِيعَتِهِ عَلَى الَّذِى مِنْ عَدُوِّه فَوَكَزَهُ مُوسَى فَقَضَى عَلَيْهِ» (قصص /14 - 15).
    هي ته سڀ نبي ۽ معصوم هئا، هڪ بهترين نمونو ”اصحاب ڪهف“ آهن جيڪي سلڇڻا جوان هئا، شرڪ ۽ ڪفر جي ماحول سام مقابلي ڪرڻ لاءِ پنهنجون محل ماڙيون ڇڏي، ايمان جي حفاظت خاطر هجرت ڪيائون. رب تعالي اکين عجيب ننڊ ڏيئي ڪري معجزو بڻائي ڇڏيو:«نَحْنُ نَقُصُّ عَلَيْكَ نَبَأَهُم بِالْحَقِّ إِنَّهمْ فِتْيَةٌ آمَنُوا بِرَبِّهِمْ وَزِدْنَاهُمْ هُدىً وَرَبَطْنَا عَلَى قُلُوبِهِمْ إِذْ قَامُوا فَقَالُوا رَبُّنَا رَبُّ السَّماوَاتِ وَالْأَرْضِ لَن نَدْعُوَا مِن دُونِهِ إِلهاً لَقَدْ قُلْنَا إِذاً شَطَطاً» (كهف /14 - 13).
    جواني بابت اهي ڪجهه نمونا هيا، ڪٿي اهي قيمتي موتي ۽ ڪٿي اسان جي معاشري جو چوڻ جواني ته چري ٿيندي آهي، جواني ته نشو آهي، جواني ته مستتي جو موقعو آهي وغيره. انهن سوچن جي ڪري اسان جا اهي حال آهن، جيڪڏهن اسان جو نوجوان ۽ جوان پنهنجي مقام کي سڃانين ۽ قدر ڪن ته اسان به دنيا جي عظيم بڻجي سگهون ٿا، جئين اسان جا وڏا هئا.
     
  2. علي ظفر

    علي ظفر
    نائب منتظم
    انتظامي رڪن

    شموليت:
    ‏19 مارچ 2009
    تحريرون:
    3,074
    ورتل پسنديدگيون:
    3,018
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    1,580
    ڌنڌو:
    بزنس
    ماڳ:
    حيدر آباد سنڌ
    جواب: جواني جي اهميت

    ها بابا جواني جي اهميت اسان جهونن کان پڇو بابا اوهان اسان کي ان موضوع ذريعي اهو احساس ڏياري ڇڏيو ته اسان به ڪنهن نه ڪم جا اآهيون ابا اهو سچ آهي ته جواني ڍلجڻ کان پوء انسان ڪنهن نه ڪم جو آهي
     
  3. مست

    مست
    نئون رڪن

    شموليت:
    ‏1 آڪٽوبر 2009
    تحريرون:
    7,920
    ورتل پسنديدگيون:
    2,557
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    0
    ڌنڌو:
    ڪمپوزر
    ماڳ:
    ڄامشورو
    جواب: جواني جي اهميت

    بلڪل ادا! جوان انسان تي وڏيون ذميواريون لاڳو ٿين ٿيون، جيڪڏهن جوانيءَ‌ جا فائدا آهن ته ان جو پڇاڻو به ته اوترو ئي ٿيندو، قيامت جي ڏينهن پڇيل سوالن مان سڀ کان اهم سوال اهو به هوندو ته پنهنجي جواني ڪاٿي خرچ ڪيئي​
     
  4. غلام مصطفي ميمڻ

    غلام مصطفي ميمڻ
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏8 آڪٽوبر 2010
    تحريرون:
    1,524
    ورتل پسنديدگيون:
    3,476
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    473
    ڌنڌو:
    Govt job
    ماڳ:
    karachi, originally district Dadu
    جواب: جواني جي اهميت

    ادا سائين آسلام عليڪم ۔توهانجو ليک تمام بهترن ۽ ڪارائتو آهي۔جواني جي عبادت کي پوڙهپ جي عبادت کان وڌيڪ فضليت ڏني ويئي آهي۔بيشڪ جواني نيڪ ۽ سٺن عملن ۾ گذارجي۔ن ت زندگي ت جانور ب گذاريندا آهن۔بيهترين ٽاپڪ تي بهترين لکيل مضمون آهي۔توهان کي ان لاء تمام گهڻيون مبارڪون هجن۔
     
  5. سليمان وساڻ

    سليمان وساڻ
    مينيجنگ ايڊيٽر
    انتظامي رڪن لائيبريرين

    شموليت:
    ‏6 آڪٽوبر 2009
    تحريرون:
    16,941
    ورتل پسنديدگيون:
    27,308
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    ماڳ:
    سچل ڳوٺ ، ڪراچي
    جواب: جواني جي اهميت

    سائين تسنيمي صاحب لک قرب

    تمام سهڻو ليک ۔ جنهن جي جيتري تعريف ڪجي گهٽ آهي۔ سچ پڇو ته اوهان جا ليک پنهنجو مٽ پاڻ آهن۔ رسول صه جي سموري زندگي بي مثال ۽ بي نظير رهي آهي پر سندس جوانيء جي ياد ڏياري اوهان مون کي بار بار اهو سوچڻ تي مجبور ڪري رهيا آهيو ته اسان ڪٿي بيٺا آهيون۔

    جهوني فقير انڪري ته هن دفعي ديڳيون چاڙهڻ کان وٺي گڏه تي سرون به ڍويون جيئن صفا پوڙهائپ ۾ ڊاڙ هئي سگهي ته اسان به وڏا ڪم ڪيا ۔۔۔۔۔ يار انٽرنيشنل فقير علي علي اسان شاهديون ڏينداسون ته اوهان ڪيئن گوهيون ڏئي ڀڄي ويا۔

    سائين تسنيمي صاحب ۽ ابوجواد کي شاباسون هجن جو انهن سان گڏ چانھ جا ٻه ڍڪ ته پيتاسون پر اوهان وڄي ديڳيون سنڀاليون۔۔۔۔۔۔

    شايد مان مضمون جي سنجيدگيء کان هٽندو پيو وڃان ۔۔۔۔۔۔۔ مهربانيون سائين اهڙي لازوال ونڊ جون
     
  6. افتخار علي چوهاڻ

    افتخار علي چوهاڻ
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏12 ڊسمبر 2009
    تحريرون:
    1,800
    ورتل پسنديدگيون:
    2,033
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    483
    ماڳ:
    ڄامشورو
    جواب: جواني جي اهميت


    ادا تسنيمي صاحب جزاڪ الله!

    تمام بهترين مضمون جوڙيو اٿو ، جواني جي قدر ڪرڻ لا بهترين مثالون آهن ۔

    الله تعالى اوهان جو سعيو قبول فرما، آمين
     
  7. جواد رضا

    جواد رضا
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏22 جنوري 2010
    تحريرون:
    508
    ورتل پسنديدگيون:
    111
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    403
    ڌنڌو:
    لکڻ ۽ پڙهڻ
    ماڳ:
    شهدادپور
    جواب: جواني جي اهميت

    سائين تسنيمي صاحب تمام بهترين ڳالهه ڏي توجهه ڏياري اٿو۔۔۔الله سائين اوهان کي ضرور اجر ڏيندو۔​
     
  8. غلام قاسم تسنيمي

    غلام قاسم تسنيمي
    نئون رڪن

    شموليت:
    ‏30 ڊسمبر 2010
    تحريرون:
    225
    ورتل پسنديدگيون:
    156
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    0
    ڌنڌو:
    علم پرائڻ ۽ پکيڙڻ
    ماڳ:
    ڪوٽڙي
    جواب: جواني جي اهميت

    سڀني دوستن جي پسند ڪرڻ ۽ حوصله افزائي جون مهربانيون، هميشه جڙيا هجو شال۔
     

هن صفحي کي مشهور ڪريو