ڪرڪيٽر يا نجومي بابا!؟؟؟؟

'سنڌ سلامت سپورٽس' فورم ۾ مست طرفان آندل موضوعَ ‏1 مارچ 2011۔

  1. مست

    مست
    نئون رڪن

    شموليت:
    ‏1 آڪٽوبر 2009
    تحريرون:
    7,920
    ورتل پسنديدگيون:
    2,557
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    0
    ڌنڌو:
    ڪمپوزر
    ماڳ:
    ڄامشورو
    [justify]
    انڊيا ۽ انگلينڊ‌ جو ميچ ته دلچسپ مقابلي بعد ٽائي تي ختم ٿي ويو پر ان ميچ سان گڏ ڪيترائي سوال بلند ٿين پيا۔۔!! ڇو؟؟ اهو ان ڪري جو ايترو هاءِ اسڪورنگ ميچ جنهن ۾‌ آخري اوور جي آخري بال تائين ڪنهن به ماڻهو کي خبر نه هئي ته ميچ جو رزلٽ ڇا ٿيندو۔۔ ان جي باري ۾ شين وارن پنهنجي ٽوئيٽر پيج تي اڳ ۾‌ئي اطلاع ڏنو هو ته هي ميچ ٽائي ٿيندو يعني برابر ٿيندو۔۔ بلڪل! ان ميچ شروع ٿيڻ‌کان 8 ڪلاڪ اڳ ۾ صرف پنهنجي ٽوئيٽر پيج تي شين وارن اهو لکيو ته منهنجي هن ميچ جي باري ۾ اڳڪٿي اها آهي ته هي ميچ برابر ٿيندو ۽ ان کان پوءِ‌جڏهن انڊيا جي اننگز ختم ٿي ۽ انگلينڊ‌جي اننگز شروع ٿي تڏهن به شين وارن اهو ئي لکيو ته مان هاڻي به سو سيڪڙو يقين سان چوان ٿو ته هي مقابلو برابريءَ تي ختم ٿيندو۔۔۔۔ !! آهي نه حيرت جي ڳالهه۔
    توڙي جو ڪي ماڻهو شين وارن جي ان اڳڪٿيءَ‌کي فٽ بال ورلڊ ڪپ ۾ مشهور ٿيندڙ آڪٽوپس ”پال“ جي اڳڪٿين سان ملائي ڳالهه مذاق ۾ ختم ڪرڻ جي ڪوشش ڪري رهيا آهن پر اها ڳالهه ڪنهن کان ڳجهي ناهي ته شين وارن جو ماضيءَ ۾ ريڪارڊ ڪهڙو رهيو آهي! سندس مٿان لوڪل توڙي انٽرنيشنل ميچن ۾ ڪيترائي ڀيرا ميچ فڪسنگ توڙي بڪيز سان رابطن جو الزام لڳي چڪو آهي پر ڪڏهن به مٿس ڪو فردِ جرم عائد نه ٿيو، پوءِ‌ان جو سبب ڇا سمجهجي؟؟ اها ڳالهه سراسر آءِ سي سي جي ٻِٽي معيار کي ظاهر ڪري رهي آهي۔۔ پاڪستان جي ڪنهن رانديگر جي واتان جيڪڏهن اهڙي ڳالهه نڪري ها ته سراسر ان جي مٿان انڪوائري ويهاري پابنديون هنيون وڃن ها پر شين وارن جي قسمت ڀلي آهي جو هو پاڪستاني رانديگر ناهي۔
    ان کان علاوه ٻي حيرت جي ڳالهه اها به‌آهي ته سٽيبازيءَ جي دنيا ۾ ڪڏهن به ميچ برابر ٿيڻ تي سٽو نه هنيو ويندو آهي پر ممبئي جي سٽيبازيءَ جي مرڪزن تي انڊيا ۽ انگلينڊ دوران ٿيل هن ميچ ۾ ميچ برابر ٿيڻ تي سٽو هنيو ويو۔۔ جنهن ڳالهه پاڪستان توڙي دنيا جي ٻين ملڪن جي ميڊيا جو ڌيان ڇڪي ورتو آهي، پاڪستان جا پراڻا رانديگر توڙي ميڊيا جا پروگرام ان ڳالهه تي بحث ڪرڻ ۾ شروع ٿي ويا آهن ته هاڻي اها ڳالهه واضح لڳي رهي آهي ته پاڪستان جي ٽيلنٽ کي ختم ڪرڻ‌لاءِ ۽ ورلڊ ڪپ جي ٽرافي کانئس ڏور رکڻ لاءِ ان جي چار رانديگرن تي سوچي سمجهي الزام هنيو ويو ۽ ان ۾ وڏي سازش لڳي رهي آهي۔۔ جنهن ۾ انڊين لابي سڀ کان اڳڀري نظر اچي پئي۔۔
    بهرحال ڳالهه ڪهڙي به هجي آءِ سي سي جيڪڏهن ڪرڪيٽ جي دنيا مان سٽيبازي ختم ڪرڻ لاءِ سنجيدگي سان ڪم ڪرڻ چاهي ٿي ته ان کي اهو ٻٽو معيار ڇڏڻو پوندو۔۔ سٽيباز ڪير به هجي، ڪٿان جو به هجي، ان کي ڪٽهڙي ۾ آڻڻ‌گهرجي، شين وارن جي انهن بيانن تي انڪوائري ڪرائي وڃي ۽ سندس رابطن جي پڇا ڳاڇا ڪئي وڃي نه ته ٻي صورت ۾‌پاڪستانين جي اها سوچ ويتر مضبوط ٿي ويندي ته صرف پاڪستاني ٽيلنٽ کي ختم ڪرڻ لاء ئي سندس رانديگرن تي فردِ جرم عائد ڪئي وئي۔۔۔
    مست
    [fv]10150113770549753[/fv]
    [/justify]
     
  2. ذيشان رشيد

    ذيشان رشيد Founder انتظامي رڪن منتظمِ اعلى

    شموليت:
    ‏19 مارچ 2009
    تحريرون:
    5,649
    ورتل پسنديدگيون:
    5,673
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    جواب: ڪرڪيٽر يا نجومي بابا!؟؟؟؟

    ها يار واقعي حيرانگي جي ڳالهه آهي ۔۔۔ حقيقت درست طريقي سان ڏسڻ لاءِ شين وارن جي ٽويٽر اڪائونٽ کي ڏٺم ته حيرانگي اڃان وڌيڪ لڳي۔۔۔

    [​IMG]
     

هن صفحي کي مشهور ڪريو