هارڊ ويئر ڪلاس چوٿون ..........

'هارڊويئر' فورم ۾ ڦلپوٽو فقير طرفان آندل موضوعَ ‏1 مارچ 2011۔

  1. ڦلپوٽو فقير

    ڦلپوٽو فقير
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏27 اپريل 2009
    تحريرون:
    7,759
    ورتل پسنديدگيون:
    1,387
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    ماڳ:
    شڪارپور
    السلام عليڪم سنڌ سلامت فورم جا سڄڻو
    دوستو اڄ اسان هارڊ ويئر جي سبق کي اڳتي وڌائينداسين جيئن ته گذريل سبق ۾ اسان سسٽم جي انٽرنل پارٽس جي باري ۾ سکيا هئاسين
    اڄ سبق نمبر چوٿين ۾ اسان ڪمپيوٽر کي کولڻ ۽ انٽرنل پارٽس کي کولي ڪري وري لڳائڻ سکنداسين

    اچو ته بسم الله ڪري ڪم جو آغاز ڪريون
    دوستو ڪمپيوٽر کولڻ لا۽ اسان وٽ هڪ عدد اسڪرو ڊرائيور هئڻ ضروري آهي
    هاڻي اوهان ڪمپيوٽر جي ڪيسنگ کي ٻاهرين طرف کان غور سان ڏسو ته ڪيسنگ
    ريموابل پينل آهي يا وري ان کي پاسن کان اسڪرو لڳل آهن
    جيڪڏهن ريموابل پينل ڪينسگ آهي ته صرف ٿورو پريس ڪرڻ سان ئي ڪينسگ
    لهي ويندي آهي
    [​IMG][/IMG]

    جيڪڏهن اسڪرو لڳل آهن ته اسڪرو کولي ڪري ڪيسنگ کي الڳ ڪري سگهو ٿا
    [​IMG][/IMG]
    اڄ ڪلهه جي ليٽيسٽ ڪمپيوٽرس ۾ وري ليور به لڳل اچن ٿا جيڪي صرف ٿورو ڇڪڻو پوندو آهي
    مٿي ڄاڻايل طريقي سان توهان ڪمپيوٽر کي کولي سگهو ٿا
    دوستو هاڻي اسان ڪمپيوٽر ته کولي ڇڏيو آهي سو هاڻي وري مرحلو آهي انٽرنل پارٽس کي کولي ڪري وري لڳائڻ جو
    اڄوڪي سبق ۾ اسان سڀ کان پهريائين ويڊيو ڪارڊ کي ريمو ڪري وري لڳائڻ سکنداسين
    ويڊيو ڪارڊ ايڪسپينشن سلاٽ ۾ لڳل هوندو آهي
    ويڊيو ڪارڊ ريمو ڪرڻ کان پهريائين ته توهان ڪمپيوٽر کي شٽ ڊائون ڪريو ڪمپيوٽر جون سڀ ڪيبلز بشمول ويڊيو ڪارڊ واري پلڪ به الڳ ڪريو
    ويڊيو ڪارڊ کي مٿئي پاسي کان احتياط سان پڪڙي ڪري ويڊيو ڪارڊ کي سلاٽ مان ڪڍي وٺو .
    (نوٽ ) ڪي ڪارڊ بلٽ ان به ٿيندا آهن جيڪي سڙي وڃن ته وري نئون ڪارڊ لڳائڻو پوندو آهي
    اهي ڪارڊ ايڪسپينشن سلاٽس ۾ ويهندا آهن
    [​IMG]
    ويڊيو ڪارڊ کي سلاٽ مان ڪڍڻ کان پو۽ توهان اتي سلاٽ کي ۽ ڪارڊ کي غور سان ڏسو ته ڪهڙي نموني سان
    ڪارڊ سلاٽ ۾ ويٺل آهي هاڻي وري ويڊيو ڪارڊ کي احتياط سان وري واپس سلاٽ ۾ لڳايو ويڊيو ڪارڊ کي درست نموني سان سلاٽ ۾ رکي ڪري ويڊيو ڪارڊ کي مٿئي پاسي کان احتياط سان ٿورو زور ڏيو جيئن ويڊيو ڪارڊ درست نموني سان سلاٽ ۾ ويهي رهي .
    [​IMG]
    هاڻي جڏهن ويڊيو ڪارڊ درست نموني سان لڳي چڪو آهي ته توهان ويڊيو ڪارڊ واري پورٽ ۾ پلڪ لڳايو ۽ سڀ جا سڀ ڪيبلز سسٽم ۾ لڳائي ڪري ڪمپيوٽر کي اسٽارٽ ڪريو
    جيڪڏهن ويڊيو ڪارڊ درست نموني سان نه لڳل هوندو ته ڪمپيوٽر اسٽارٽ ٿيڻ مهل آواز ڪندو آهي جيڪڏهن ائين ٿئي ته توهان وري ڪمپيوٽر مان سڀ ڪيبلز هڻائي ڪري ڪمپيوٽر کي کولي ڪارڊ کي چيڪ ڪري ته ڪارڊ سهي ويٺل آهي يا نه ؟ ان سان گڏ سائونڊ ڪارڊ واري پلڪ کي پڻ چيڪ ڪريو .
    وري ٻيهر سسٽم کي ري اسٽارٽ ڪريو توهان جو ڪمپيوٽر اسٽارٽ ٿئي ويندو .
    ان نموني سان توهان ويڊيو ڪارڊ کي ريموو ڪري وري لڳائي سگهو ٿا

    دوستو توهان کي هڪ سبق ڪيئن لڳو توهان جي راين جو شدت سان انتظار رهندو.

    دوستن جي را۽ جو احترام ڪندي گذريل سبقن جا لنڪس به لڳايا ويا آهن .

    سبق نمبر پهريئن تي وڃڻ لا۽ هت ڪلڪ ڪريو

    سبق نمبر ٻئي تي وڃڻ لا۽ هت ڪلڪ ڪريو

    سبق نمبر ٽئي تي وڃڻ لا۽ هت ڪلڪ ڪريو
    .
     
    4 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.
  2. رحيم بخش

    رحيم بخش ايڊيٽر

    شموليت:
    ‏23 جون 2009
    تحريرون:
    3,284
    ورتل پسنديدگيون:
    2,924
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    473
    جواب: هارڊ ويئر ڪلاس چوٿون ..........

    سائين سبق ڀلو لڳو ليڪن ڪجهه مشورا آهن هڪ ته ان وڊيو ڪارڊ جي ڪا هڪ ٻه تصوير لڳايو پيو ته اهو جنهن سلاٽ ۾ لڳندو ان جي به تصوير لڳايو ته وڌيڪ ڳالهه سمجهه ۾ ايندي اگر ممڪن ٿئي ورنه ان تي به گذارو ٿي ويندو.
    الله تعالى توهان کي سلامت رکي. آمين.
     
    2 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.
  3. عاشق سولنگي

    عاشق سولنگي
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏20 مئي 2010
    تحريرون:
    5,689
    ورتل پسنديدگيون:
    1,190
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    473
    ڌنڌو:
    ًپاڪ نيوي
    ماڳ:
    شڪارپور/ مدئجي
    جواب: هارڊ ويئر ڪلاس چوٿون ..........

    سائين۔۔۔تمام بهتر نموني سان اوهان سمجهاڻي۔۔ڏني۔ مهرباني۔
     
  4. جواد رضا

    جواد رضا
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏22 جنوري 2010
    تحريرون:
    508
    ورتل پسنديدگيون:
    111
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    403
    ڌنڌو:
    لکڻ ۽ پڙهڻ
    ماڳ:
    شهدادپور
    جواب: هارڊ ويئر ڪلاس چوٿون ..........

    سائين تمام بهترين سلسلو آهي ۔۔۔انشاءالله دوست استفادو ڪندا۔۔۔
     
  5. مست

    مست
    نئون رڪن

    شموليت:
    ‏1 آڪٽوبر 2009
    تحريرون:
    7,920
    ورتل پسنديدگيون:
    2,557
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    0
    ڌنڌو:
    ڪمپوزر
    ماڳ:
    ڄامشورو
    جواب: هارڊ ويئر ڪلاس چوٿون ..........

    فقير سائين تمام بهترين طريقي سان هن سلسلي کي جاري رکيو پيا اچو۔۔۔ اسان جي معلومات ۾ اضافو پيو ٿئي۔۔ ان ڪم کي جاري رکو
     
  6. غلام قاسم تسنيمي

    غلام قاسم تسنيمي
    نئون رڪن

    شموليت:
    ‏30 ڊسمبر 2010
    تحريرون:
    225
    ورتل پسنديدگيون:
    156
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    0
    ڌنڌو:
    علم پرائڻ ۽ پکيڙڻ
    ماڳ:
    ڪوٽڙي
    جواب: هارڊ ويئر ڪلاس چوٿون ..........

    سائين وعليڪم السلام و رحمه الله و برڪاته، ادا تمام بهترين نموني سان هي درس سمجهايو اٿو ان لا اوهان جي مهرباني، اهو سلسلو اسان سيکڙاٽن لا تمام گهڻو مفيد آهي۔ باقي جي هن درس لا سائين رحيم بخش جي ڳالهه وانگر تصويرون هجن ها ته اڃان وڌيڪ ڪارائتو بڻجي سگهي ٿو۔ مهرباني۔
     
  7. ڦلپوٽو فقير

    ڦلپوٽو فقير
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏27 اپريل 2009
    تحريرون:
    7,759
    ورتل پسنديدگيون:
    1,387
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    ماڳ:
    شڪارپور
    جواب: هارڊ ويئر ڪلاس چوٿون ..........


    محترم سائين پنهنجي به اها ڪوشش هوندي آهي ته جيئن هر شي جي تصوير ونڊ ڪيان پر هڪ ته ٽائيم ٿورو هو ٻيو وري هت مسلسل برسات جي ڪري برائوزنگ ئي نه پئي ٿئي
    ان ڪري تصوير ونڊ نه ڪري سگهيس باقي تصوير به اپ لوڊ ڪري ٿو ڇڏيان ان ۾ ڪو مسئلو ناهي

    توهان جي رهنمائي جو هميشه منتظر رهندو آهيان

    اميد ته اهڙي نموني سان رهنمائي ڪندا رهندا

    سدائين گڏ
     
    2 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.
  8. ڦلپوٽو فقير

    ڦلپوٽو فقير
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏27 اپريل 2009
    تحريرون:
    7,759
    ورتل پسنديدگيون:
    1,387
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    ماڳ:
    شڪارپور
    جواب: هارڊ ويئر ڪلاس چوٿون ..........


    مجبور ،

    وڏي مهرباني ادا

    توهان جي ، جو اوهان کي فقير جي شيئرنگ پسند آئي

    اهڙا قرب جاري رکجو

    سدائين گڏ
     
  9. ڦلپوٽو فقير

    ڦلپوٽو فقير
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏27 اپريل 2009
    تحريرون:
    7,759
    ورتل پسنديدگيون:
    1,387
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    ماڳ:
    شڪارپور
    جواب: هارڊ ويئر ڪلاس چوٿون ..........

    پسند ڪرڻ جي مهرباني ادا عمران

    دوستن جي فائدي لا۽ ته ادا اهڙي ننڍڙي ڪوشش ڪئي آهي

    سدائين گڏ
     
  10. ڦلپوٽو فقير

    ڦلپوٽو فقير
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏27 اپريل 2009
    تحريرون:
    7,759
    ورتل پسنديدگيون:
    1,387
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    ماڳ:
    شڪارپور
    جواب: هارڊ ويئر ڪلاس چوٿون ..........


    بس ادا توهان جي مهرباني آهي نه ته اهڙي ڪا به ڳالهه نه آهي

    اهڙا قرب جاري رکجو
    سدائين گڏ
     
  11. ڦلپوٽو فقير

    ڦلپوٽو فقير
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏27 اپريل 2009
    تحريرون:
    7,759
    ورتل پسنديدگيون:
    1,387
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    ماڳ:
    شڪارپور
    جواب: هارڊ ويئر ڪلاس چوٿون ..........

    سائين غلام قاسم صاحب

    سڀ کان پهريائين ته مان اوهان جو ٿورائتو آهيان جو توهان فقير جي ٿريڊ ۾ ريپلائي ڪريو باقي تمام جلد مان اهي تصويرون اپ لوڊ ڪريان پيو

    هڪ دفعو ٻيهر سائين لک لائق اوهان جا


    ٿورا نه ٿورا مون تي ماروئڙن جا .................


    سدائين گڏ
     
  12. رحيم بخش

    رحيم بخش ايڊيٽر

    شموليت:
    ‏23 جون 2009
    تحريرون:
    3,284
    ورتل پسنديدگيون:
    2,924
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    473
    جواب: هارڊ ويئر ڪلاس چوٿون ..........

    واه سهڻا سائين واه تمام خوبصورت مضمون ٺهي ويو اسان جهڙن اڌ سيکڙياٽن لاء به رهنمائي ٿي پئي اوهان جا لک لائق جو اسان جي عرض کي اجابت جو جامو پهرايو ٿا الله تعالى توهان کي شاد رکي.
     
  13. ڦلپوٽو فقير

    ڦلپوٽو فقير
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏27 اپريل 2009
    تحريرون:
    7,759
    ورتل پسنديدگيون:
    1,387
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    ماڳ:
    شڪارپور
    جواب: هارڊ ويئر ڪلاس چوٿون ..........

    مهرباني سائين

    لک لائق اوهان جا جو توهان پنهنجو قيمتي وقت ڪڍي ڪري فقير جي رهنمائي ڪريو پيا

    قرب


    سدائين گڏ
     

هن صفحي کي مشهور ڪريو