اڄوڪي ميچ ۾ سري لنڪا کي هڪ دفعو ٻيهر پنهنجي طاقت جو مظاهرو ڪرڻ جو موقعو مليو جيڪو پاڪستان خلاف ميچ هارائي سري لنڪا کان کسجي ويو هو۔۔۔ ان ميچ کان پوءِ هوم ڪرائوڊ جا شوقين ڪافي افسرده هيا۔۔۔ هن ميچ جي خاص ڳالهه سري لنڪا بالر ملنگا جي هيٽ ٽرڪ هئي۔۔۔۔ ميچ جي جهلڪين لاءِ هي وڊيو ڏسو۔۔۔۔ http://www.youtube.com/watch?v=DkwRlpBC5ng جڏهن ته ملنگا جي هيٽ ٽرڪ ڏسڻ لاءِ هي وڊيو حاضر آهي آهي ۔۔۔۔ هي ملنگا جي پهرين ورلڊ ڪپ 2011 جي ٻين ۽ ورلڊ ڪپ تاريخ جي ڇهين هيٽ ٽرڪ آهي۔۔۔۔ ملنگا هن ميچ ۾ هيٽ ٽرڪ سميت 6 وڪيٽون ورتيون۔۔۔۔ http://www.youtube.com/watch?v=nyFeQq_PEtQ
جواب: ماضي ۾ اپ سيٽ ڪندڙ ڪينيا اڄ سري لنڪا کان به هارائي وئي۔۔۔۔ تمام مختصر ميچ رهيو، هڪ طرف ڪينيا جي ٽيم ۾ ورلڊ ڪپ جون سڀ کان سست رفتار ففٽيون ٺهيون ته ٻئي طرف سري لنڪا ورلڊ ڪپ جي هيل تائين جي سڀ کان تيز سينچري اجتماعي طور تي ٺاهي۔۔۔ مالنگا اهڙو بالر آهي جنهن جي اسٽائل سان ئي بيٽسمين پريشان ٿي وڃن ٿا، ياد رهي ته چار بالن تي چار وڪيٽون وٺڻوارو منفرد اعزاز به مالنگا وٽ آهي اهو به سائوٿ آفريڪا جهڙي ٽيم خلاف
جواب: ماضي ۾ اپ سيٽ ڪندڙ ڪينيا اڄ سري لنڪا کان به هارائي وئي۔۔۔۔ وڏي مهرباني ادا اهڙيون جهلڪيون ڏيکارڻ لا۽ اسان وٽ هڪ ته لائيٽ نه هئي ٻيو مان ڳوٺ هيس وري جو شام جو موٽيم ته ادا طاهر سنڌي سان ملاقات ٿئي جيڪو مون جي انتظار ۾ هو وري سائين جو ٿورو مسئلو هو ان کي ڌڪو ڏنو سين سائين طاهر سنڌي صاحب کي ڏاڍي تڪڙ هئي سکر وڃڻ لا۽ انکي گاڏي تي ويهارڻ لا۽ جيئن نڪتاسين ته آرزو صاحب به رستي تي ملي ويو ان سان به سائين طاهر صاحب جي ملاقات ڪرائي ، وري ادا طاهر کي روانو ڪرڻ کان پو۽ واپسي ۾ سنگت ملي وئي ته رات جو گهر اچڻ ٿيو سو قرب توهان جا اوهان اسان لا۽ اهڙو انتظام ڪيو مهرباني سدائين گڏ