ماضي ۾ اپ سيٽ ڪندڙ ڪينيا اڄ سري لنڪا کان به هارائي وئي۔۔۔۔

'سنڌ سلامت سپورٽس' فورم ۾ ذيشان رشيد طرفان آندل موضوعَ ‏2 مارچ 2011۔

  1. ذيشان رشيد

    ذيشان رشيد Founder انتظامي رڪن منتظمِ اعلى

    شموليت:
    ‏19 مارچ 2009
    تحريرون:
    5,649
    ورتل پسنديدگيون:
    5,673
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    اڄوڪي ميچ ۾ سري لنڪا کي هڪ دفعو ٻيهر پنهنجي طاقت جو مظاهرو ڪرڻ جو موقعو مليو جيڪو پاڪستان خلاف ميچ هارائي سري لنڪا کان کسجي ويو هو۔۔۔ ان ميچ کان پوءِ هوم ڪرائوڊ جا شوقين ڪافي افسرده هيا۔۔۔ هن ميچ جي خاص ڳالهه سري لنڪا بالر ملنگا جي هيٽ ٽرڪ هئي۔۔۔۔

    ميچ جي جهلڪين لاءِ هي وڊيو ڏسو۔۔۔۔

    http://www.youtube.com/watch?v=DkwRlpBC5ng


    جڏهن ته ملنگا جي هيٽ ٽرڪ ڏسڻ لاءِ هي وڊيو حاضر آهي آهي ۔۔۔۔ هي ملنگا جي پهرين ورلڊ ڪپ 2011 جي ٻين ۽ ورلڊ ڪپ تاريخ جي ڇهين هيٽ ٽرڪ آهي۔۔۔۔ ملنگا هن ميچ ۾ هيٽ ٽرڪ سميت 6 وڪيٽون ورتيون۔۔۔۔

    http://www.youtube.com/watch?v=nyFeQq_PEtQ
     
  2. مست

    مست
    نئون رڪن

    شموليت:
    ‏1 آڪٽوبر 2009
    تحريرون:
    7,920
    ورتل پسنديدگيون:
    2,557
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    0
    ڌنڌو:
    ڪمپوزر
    ماڳ:
    ڄامشورو
    جواب: ماضي ۾ اپ سيٽ ڪندڙ ڪينيا اڄ سري لنڪا کان به هارائي وئي۔۔۔۔

    تمام مختصر ميچ رهيو، هڪ طرف ڪينيا جي ٽيم ۾ ورلڊ ڪپ جون سڀ کان سست رفتار ففٽيون ٺهيون ته ٻئي طرف سري لنڪا ورلڊ ڪپ جي هيل تائين جي سڀ کان تيز سينچري اجتماعي طور تي ٺاهي۔۔۔ مالنگا اهڙو بالر آهي جنهن جي اسٽائل سان ئي بيٽسمين پريشان ٿي وڃن ٿا، ياد رهي ته چار بالن تي چار وڪيٽون وٺڻ‌وارو منفرد اعزاز به مالنگا وٽ آهي اهو به سائوٿ آفريڪا جهڙي ٽيم خلاف
     
  3. ڦلپوٽو فقير

    ڦلپوٽو فقير
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏27 اپريل 2009
    تحريرون:
    7,759
    ورتل پسنديدگيون:
    1,387
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    ماڳ:
    شڪارپور
    جواب: ماضي ۾ اپ سيٽ ڪندڙ ڪينيا اڄ سري لنڪا کان به هارائي وئي۔۔۔۔

    وڏي مهرباني ادا اهڙيون جهلڪيون ڏيکارڻ لا۽ اسان وٽ هڪ ته لائيٽ نه هئي ٻيو مان ڳوٺ هيس
    وري جو شام جو موٽيم ته ادا طاهر سنڌي سان ملاقات ٿئي جيڪو مون جي انتظار ۾ هو
    وري سائين جو ٿورو مسئلو هو ان کي ڌڪو ڏنو سين
    سائين طاهر سنڌي صاحب کي ڏاڍي تڪڙ هئي سکر وڃڻ لا۽ انکي گاڏي تي ويهارڻ لا۽ جيئن نڪتاسين ته آرزو صاحب به رستي تي ملي ويو ان سان به سائين طاهر صاحب جي ملاقات ڪرائي ،
    وري ادا طاهر کي روانو ڪرڻ کان پو۽ واپسي ۾ سنگت ملي وئي ته رات جو گهر اچڻ ٿيو سو قرب توهان جا
    اوهان اسان لا۽ اهڙو انتظام ڪيو

    مهرباني

    سدائين گڏ
     

هن صفحي کي مشهور ڪريو