سائين آريسر پنهنجي ڪنهن ڪتاب ۾ لکيو آهي۔۔( نالو ياد نه پيو اچي) غلام شاهه ڪلهوڙي جي وقت ۾ سنڌ جي مجموعي آبادي 20 لک هئي ۽ سنڌ ۾ 21 لک ايڪڙ زرعي زمين پوکي ويندي هئي۔ان وقت سنڌ جي خوشحالي اها هئي جو سنڌ جي بندر گاهن تان ماکي ۽ مکڻ جون ٻيڙيون ڀرجي ڏيساور وينديون هيون انهن کي ساهمي ۾ تورن سان نه پر ڪوڏر جي لپن سان ماپي وڪرو ڪيو ويندو هو۔۔