پيارا ڀاءُ! توکي ڄاڻڻ گهرجي ته، ڪاوڙ جڏهن غالب ٿي ٿئي،تڏهن ماڻهوءَ جي لاءِهڪڙي خراب صفت ٿيو پوي ۽ انهيءَ جو اصل باه مان ٿو نڪري،ڇو جو انهيءَ جو اثر دل تي ٿو ٿئي ۽ باه جي نسبت شيطان سان آهي،جيئن شيطان پاڻ چيو ته ; " پيدا ڪيو تو مون کي باه مان ۽ پيدا ڪيو تو آدم کي مٽيءَ مان" باه جو ڪم آهي حرڪت يا چُرپُر ۽ بيقراري ۽ مٽيءَ جو ڪم آهي سڪون ۽ آرام۔ جنهن ماڻهوءَ تي غصو غالب آهي،تنهنجي جيتري نسبت حضرت آدم عليه السلام سان آهي،تنهن کان وڌيڪ ظاهر ظهور نسبت شيطان سان اٿس۔انهيءَ ڪري حضرت عمر رضي الله عنه جڏهن رسول صّلي الله عليه وسلم کي عرض ڪيو ته، يا رسول الله ! اُها ڪهڙي شيءِ آهي جا مون کي حق تعالي جي ڪاوڙ کان پري رکي؟ فرمايائون،هي آهي ته تون ڪاوڙ نه ڪر۔ ۽ رسول صلي الله عليه وسلم کان پڇيائين ت،يا رسول الله ! اهو مختصر ڪم جنهن ۾ پڇاڙيءَ جي چڱائيءَ جي اميد هجي سو مون کي ڏس۔تڏهن پاڻ فرمايائون ته ،ڪاوڙبو نه ڪر۔جيترو وڌيڪ ٿي پڇائين ته به جواب اهو ساڳيو ٿي ڏنائون۔رسول الله صلي الله عليه وسلم فرمايو آهي ته " ڪاوڙ ايمان کي آهڙو خراب ڪيو ٿي ڇڏي جهڙو ايريو ماکيءَ کي !' حضرت عيسئ عليه السلام حضرت يحيء عليه السلام کي چيو ته ،ڪاوڙ نه ڪندو ڪر۔ هُن چيو ته،ائين مون کان ٿي نٿو سگهي جو آءُ انسان آهيان۔تڏهن فرمايائين ته،مال گڏ نه ڪر۔هُن ڄيو ته۔اهو ٿي سگهي ٿو۔ڄاڻڻ گهرجي ته ماڻهوءَ جو اصل ڪاوڙ ۽ غصي کان خالي رهڻ ممڪن ناهي،پر ڪاوڙ پي وڃڻ ضروري آهي۔ حق تعالي قران پاڪ ۾ اُنهن ماڻهن جي تعريف ڪئي آهي جي ڪاوڙ کي پئي وڃن ٿا۔رسول صلي الله عليه وسلم فرمايو آهي ته "جو شخص ڪاوڙ کي پئي وڃي ٿو الله پاڪ عذاب اُن کان کڻي ڇڏي ٿو ۽ جيڪو ماڻهو ڪو گناه ڪري ۽ الله سائين کان معافي طلبي ٿو ته الله پاڪ سندس عذر قبولي ٿو ۽ جيڪو پنهنجي زبان کي محفوظ رکي ٿو حق تعالي هن جي شرم لڪائي ٿو " ۽ فرمايو اٿن ته ،"جو ماڻهو ڪاوڙ ڪڍي سگهي ٿو پر پي وڃي ٿو ،تنهن جي دل کي حق تعالئ قيامت جي ڏينهن رضامنديءَ سان ڀري ڇڏيندو" ۽ فرمايو اٿن ته،"دوزخ جو هڪڙو دروازو آهي،جنهن مان ٻيو ڪو به اندر نه ايندو ،پر اُهو شخص جنهن شرع جي برخلاف پنهنجو غصو ظاهر ڪيو آهي " ۽ فرمايو اٿن ته ،"جيڪو ڍُڪ ماڻهو پيئي ٿو انهي مان ڪو ڍُڪ ڪاوڙ جي ڍُڪ کان وڌيڪ حق تعالي وٽ پسند ناهي ۽ جيڪو بندو ڪاوڙ جو ڍُڪ پيئي ٿو انهي جي دل کي حق تعالئ ايمان سان ڀري ٿو ڇڏي ۔" فضيل عياض ۽ سفيان ثوري رضي الله تعالئ عنها ۽ ٻين ڪيترن ئي بزرگن هن ڳاله تي اتفاق ڪيو آهي ته،ڪاوڙ جي وقت بُردباري ۽ طمع جي وقت صبر ڪرڻ کان وڌيڪ ٻيو ڪو به ڪم افضل ڪونهي ۔هڪڙي شخص خليفي عمر بن عبدالعزيز سان ڪاوڙجي ڳالهايو۔خليفي ڪنڌ کڻي جهڪايو ۽ چوڻ لڳس ته ۔تو ڀانيو هو ته مون کي ڪاوڙائين ۽ شيطان بادشاهيءَ جي هٺ ۽ وڏائي جي ڪري مون کي پنهنجي جاءِ تان کڻي،انهي لاءِ ته اڄ آءُ توتي ڪاوڙجان ۽ سڀاڻي قيامت جي ڏينهن تون مون کان بدلو وٺين،پر ائين ڪڏهن نٿيندو۔ايترو چئي ماٺ ڪري ويهي رهيا۔ هڪڙي نبي عليه السلام فرمايو آهي ته،اهڙو ڪو ماڻهو آهي جو مون سان ڪفالت ڪري،يعني شرط ۽ انجام ڪري ۽ قبول ڪري ته آءُ اصل نه ڪاوڙبس،ته انهي کي آءُ پاڻ کان پوءِ پنهنجو خليفو يا جانشين ڪريان ۽ بهشت ۾ به اهو مون سان هجي! هڪڙي شخص عرض ڪيو ته، مون ڪفالت ڪئي ۽ اهو شرط قبول ڪيو۔نبي وري ائين پڇيو ۽ هن وري به اهڙو جواب ڏنو ته،مون قبول ڪيو۔ پو انجام پوري ڪرڻ ڪري انهيءَ نبي جو قائم مقام ٿيو۔ماڻهن انهيءَ جو نالو ذوالڪفل رکيو،هن ڪري جو هن ڪفالت ڪئي،يعني انجام قبول ڪيو۔ ڪيمياءِ سعادت حجت الاسلام امام محمد غزالي رحمت الله عليه سنڌيڪار : شمس العلماءِ مرزا قليچ بيگ مانوارا ميمبرو ڪاوڙ پيئڻ جا توهان فائدا ڏٺا۔اسان ٿوري ٿوري ڳاله تي ڪاوڙجي پوندا آهيون ۔ڪاوڙ انسان جي دماغ تي ڪنٽرول ڪري هن کان سمجهڻ جي قوت کسي وٺندي آهي ۽ ماڻهوءِ اهي حرڪتون ڪندا آهن جيڪي سڄي عمر هنن جي پڇتاوي جو سبب بڻجي وينديون آهن۔ ڪاوڙ شيطان جو انسان جي اندر هٿيار آهي۔ڪاوڙ تي ڪنٽرول ڪرڻ سچ مچ ته هڪ وڏو جهاد آهي ۔آميد ته هي ليک پڙهڻ کانپوء اسان سڀ پنهجي ڪاوڙ تي ڪنٽرول ڪنداسين۔
جواب: غصو يا ڪاوڙ جزاڪ الله خئير ۔۔۔ بيشڪ ادا حق ۽ سچ جا ٻول ۽ قول آهن ۔۔۔ اسانجو دين اسانکي مڪمل انسان ۽ خدائي خلافت جي طرف حقيقي رهنمائي ڪري ٿو ۔۔۔ دين جو هر لفظ، قرآن شريف جو هر هڪ نقطو ۽ سهڻي رسول صلعم جو هر هڪ قول اسانجي رهنمائي ڪري ٿو ۔۔۔۔ سبحان الله بيشڪ ڪاوڙ انسان جي نيڪين کي کائي وڃي ٿي ۽ ڪاوڙ جو ڍڪ پيئڻ ايئن آهي جيئن امرت ڌارا پيتي وئي هجي ۔۔۔ لک ٿورا سائين غلام مصطفي ميمڻ صاحب ۔۔۔ تمام قيمتي ۽ سهڻو ونڊ ڪيو اٿوَ ۔۔۔ انجو اجر رب العالمين وٽ آهي ۔۔۔ اچو ته پاڻ سنواريون ۽ رب کي راضي ڪريون ۔۔۔ آخرت سنواريون ۔۔۔ سماج کي محبت ۽ اخلاق جي نور سان منور ڪريون ۔۔۔ سڌائتــــي سڀ ڪـــا، بــک نه باسـي ڪا، جيهي تيهي ذات جي، جنبش ڪانهي جا، مونسين هلــــي سا، جا جيءُ مٺو نه ڪري۔
جواب: غصو يا ڪاوڙ سائين ميمڻ صاحب مهربانيون اوهان واقعي هڪ اهم ۽ ڪم واري موضوع تي ليک ونڊ ڪيو آهي۔ ڪاوڙ ۽ غصي ۾ ڪيل فيصلا نقصان جو باعث بڻبا آهن۔ غصي جي حالت ۾ ڪيل فيصلا انسان کي تباه ڪري ڇڏيندا آهن ۽ دوستيون ختم ٿي وينديون آهن۔ ٿورا اوهان جا ۽ اميد ته جيئن هي ليک پڙهڻ کانپوء مون به اڄ ٻيهر ان ڳاله تي غور ڪيو آهي ته غصي تي ڪنٽرول ڪجي ۽ غصي جي حالت ۾ خاموش رهجي ۽ گهڻا ٻيا دوست به ان تي سوچيندا۔
جواب: غصو يا ڪاوڙ سائين غلام مصطفى ميمڻ صاحب تمام ڪارائتو مضمون ونڊ ڪيو آهي توهان ڪاوڙ هون به حرام آهي ڪاوڙ ۾ ماڻهو انتهائي غلط ڪم ڪري وجهي ٿو ۽ ان جا انتهائي خراب قسم جا ا ثرات نڪرندا آهن پو۽ اهي اثر جاني ۽ مالي نقصان ڏيندا آهن الله پاڪ اوهان کي شاد ۽ آباد رکي بهترين ڪوشش آهي اوهان جي جاري رکجو سدائين گڏ
جواب: غصو يا ڪاوڙ ادا تمام بهترين ليک، جنهن جي ونڊ تي اوهان جي مهرباني، واقعا ڪاوڙ تي ڪنٽرول ڪرڻ لازمي آهي نه اها اسان کي تباهي ۽ بربادي ۾ مبتلا ڪندي۔ جئين ته حديث ۾ وارد ٿيو آهي ته توهان مان بهادر اهو آهي جيڪو پنهنجي ڪاوڙ تي ڪنٽرول ڪري۔
جواب: غصو يا ڪاوڙ نثار ابڙو صاحب،سليمان وساڻ صاحب،ڦلپوٽو فقير صاحب،آرزو صاحب ۽غلام قاسم تسنيمي صاحب توهان مهربانن جا لک ٿورا جو اسان جي هن ننڍي ڪاوش کي توهان پسند ڪري اسانجي همٿ آفزائي ڪئي آهي۔توهان جو ساٿ رهيو ته آسان به ڪجه لکڻ جي قابل ٿي وينداسين۔
جواب: غصو يا ڪاوڙ ادا غلام مصطفى صاحب اوهان جو مضمون اڄ ڪل جي حالات جي عڪاسي ڪندي هڪ متوازن ۽ صحيح سمت ڏانهن وٺي وڃڻ جي راھ جو ڏس ڏئي ٿو ۔ ماشاء الله اوهان هاڻي باقائده پنهنجي قيمتي ۽ بهترين چوائش سان هن اڱڻ کي مزين ڪيو پيا ، الله تعالى اوهان جي قلم ۾ اڃان وڌيڪ طاقتور بڻائي جئين دوستن لا ائين ئي وقت ڪڍي دين جي رهنمائي جو فريضو ادا ڪندا رهو ، آمين
جواب: غصو يا ڪاوڙ ادا آفتخار۔آسلام عليڪم۔توهان جي ڪمنٽس ۽ رهنمائي جي جيتري تعريف ڪجي گهٽ آهي ڇاڪاڻ ته توهان جو شمار هڪ محنتي ۽ سٺي لکڻ وارن ۾ آهي۔اسان نه ته ليکڪ آهيون نه انجي بيسڪ ڄاڻ کان وقف آهيون۔ڪوشش ڪندا آهيون ته ٽٽل ڦٽل الفاظن ۾ ڪا آهڙي معلومات ونڍ ڪيون جنهن مان هن فورم جي ميمبرن جي ڄاڻ ۾ اضافعو ڪري سگهجي۔آسان جو لينڊ مافيا تي لکيل ليک توهانجي نظر جو منتظر آهي۔هميشه خوش رهو۔
جواب: غصو يا ڪاوڙ تمام بهترين مضمون آهي، ڪاوڙ اهڙي ڪيفيت آهي جنهن ۾ انسان تي شيطان جو ڪنٽرول وڌي وڃي ٿو۔۔۔ مولا علي عليه السلام جو هڪ فرمان آهي ته ”غلط ڳالهه تي ڪاوڙ اچڻ شرافت جي نشاني آهي پر ڪاوڙ کي پي وڃڻ (ڪنٽرول ڪرڻ) مومن جي نشاني آهي“