غلام مصطفي ميمڻ
سينيئر رڪن
پيارا ڀاءُ! توکي ڄاڻڻ گهرجي ته، ڪاوڙ جڏهن غالب ٿي ٿئي،تڏهن ماڻهوءَ جي لاءِهڪڙي خراب صفت ٿيو پوي ۽ انهيءَ جو اصل باه مان ٿو نڪري،ڇو جو انهيءَ جو اثر دل تي ٿو ٿئي ۽ باه جي نسبت شيطان سان آهي،جيئن شيطان پاڻ چيو ته ; " پيدا ڪيو تو مون کي باه مان ۽ پيدا ڪيو تو آدم کي مٽيءَ مان" باه جو ڪم آهي حرڪت يا چُرپُر ۽ بيقراري ۽ مٽيءَ جو ڪم آهي سڪون ۽ آرام۔ جنهن ماڻهوءَ تي غصو غالب آهي،تنهنجي جيتري نسبت حضرت آدم عليه السلام سان آهي،تنهن کان وڌيڪ ظاهر ظهور نسبت شيطان سان اٿس۔انهيءَ ڪري حضرت عمر رضي الله عنه جڏهن رسول صّلي الله عليه وسلم کي عرض ڪيو ته، يا رسول الله ! اُها ڪهڙي شيءِ آهي جا مون کي حق تعالي جي ڪاوڙ کان پري رکي؟ فرمايائون،هي آهي ته تون ڪاوڙ نه ڪر۔ ۽ رسول صلي الله عليه وسلم کان پڇيائين ت،يا رسول الله ! اهو مختصر ڪم جنهن ۾ پڇاڙيءَ جي چڱائيءَ جي اميد هجي سو مون کي ڏس۔تڏهن پاڻ فرمايائون ته ،ڪاوڙبو نه ڪر۔جيترو وڌيڪ ٿي پڇائين ته به جواب اهو ساڳيو ٿي ڏنائون۔رسول الله صلي الله عليه وسلم فرمايو آهي ته " ڪاوڙ ايمان کي آهڙو خراب ڪيو ٿي ڇڏي جهڙو ايريو ماکيءَ کي !' حضرت عيسئ عليه السلام حضرت يحيء عليه السلام کي چيو ته ،ڪاوڙ نه ڪندو ڪر۔ هُن چيو ته،ائين مون کان ٿي نٿو سگهي جو آءُ انسان آهيان۔تڏهن فرمايائين ته،مال گڏ نه ڪر۔هُن ڄيو ته۔اهو ٿي سگهي ٿو۔ڄاڻڻ گهرجي ته ماڻهوءَ جو اصل ڪاوڙ ۽ غصي کان خالي رهڻ ممڪن ناهي،پر ڪاوڙ پي وڃڻ ضروري آهي۔ حق تعالي قران پاڪ ۾ اُنهن ماڻهن جي تعريف ڪئي آهي جي ڪاوڙ کي پئي وڃن ٿا۔رسول صلي الله عليه وسلم فرمايو آهي ته "جو شخص ڪاوڙ کي پئي وڃي ٿو الله پاڪ عذاب اُن کان کڻي ڇڏي ٿو ۽ جيڪو ماڻهو ڪو گناه ڪري ۽ الله سائين کان معافي طلبي ٿو ته الله پاڪ سندس عذر قبولي ٿو ۽ جيڪو پنهنجي زبان کي محفوظ رکي ٿو حق تعالي هن جي شرم لڪائي ٿو " ۽ فرمايو اٿن ته ،"جو ماڻهو ڪاوڙ ڪڍي سگهي ٿو پر پي وڃي ٿو ،تنهن جي دل کي حق تعالئ قيامت جي ڏينهن رضامنديءَ سان ڀري ڇڏيندو" ۽ فرمايو اٿن ته،"دوزخ جو هڪڙو دروازو آهي،جنهن مان ٻيو ڪو به اندر نه ايندو ،پر اُهو شخص جنهن شرع جي برخلاف پنهنجو غصو ظاهر ڪيو آهي " ۽ فرمايو اٿن ته ،"جيڪو ڍُڪ ماڻهو پيئي ٿو انهي مان ڪو ڍُڪ ڪاوڙ جي ڍُڪ کان وڌيڪ حق تعالي وٽ پسند ناهي ۽ جيڪو بندو ڪاوڙ جو ڍُڪ پيئي ٿو انهي جي دل کي حق تعالئ ايمان سان ڀري ٿو ڇڏي ۔" فضيل عياض ۽ سفيان ثوري رضي الله تعالئ عنها ۽ ٻين ڪيترن ئي بزرگن هن ڳاله تي اتفاق ڪيو آهي ته،ڪاوڙ جي وقت بُردباري ۽ طمع جي وقت صبر ڪرڻ کان وڌيڪ ٻيو ڪو به ڪم افضل ڪونهي ۔هڪڙي شخص خليفي عمر بن عبدالعزيز سان ڪاوڙجي ڳالهايو۔خليفي ڪنڌ کڻي جهڪايو ۽ چوڻ لڳس ته ۔تو ڀانيو هو ته مون کي ڪاوڙائين ۽ شيطان بادشاهيءَ جي هٺ ۽ وڏائي جي ڪري مون کي پنهنجي جاءِ تان کڻي،انهي لاءِ ته اڄ آءُ توتي ڪاوڙجان ۽ سڀاڻي قيامت جي ڏينهن تون مون کان بدلو وٺين،پر ائين ڪڏهن نٿيندو۔ايترو چئي ماٺ ڪري ويهي رهيا۔ هڪڙي نبي عليه السلام فرمايو آهي ته،اهڙو ڪو ماڻهو آهي جو مون سان ڪفالت ڪري،يعني شرط ۽ انجام ڪري ۽ قبول ڪري ته آءُ اصل نه ڪاوڙبس،ته انهي کي آءُ پاڻ کان پوءِ پنهنجو خليفو يا جانشين ڪريان ۽ بهشت ۾ به اهو مون سان هجي! هڪڙي شخص عرض ڪيو ته، مون ڪفالت ڪئي ۽ اهو شرط قبول ڪيو۔نبي وري ائين پڇيو ۽ هن وري به اهڙو جواب ڏنو ته،مون قبول ڪيو۔ پو انجام پوري ڪرڻ ڪري انهيءَ نبي جو قائم مقام ٿيو۔ماڻهن انهيءَ جو نالو ذوالڪفل رکيو،هن ڪري جو هن ڪفالت ڪئي،يعني انجام قبول ڪيو۔
ڪيمياءِ سعادت
حجت الاسلام امام محمد غزالي رحمت الله عليه
سنڌيڪار : شمس العلماءِ مرزا قليچ بيگ
مانوارا ميمبرو ڪاوڙ پيئڻ جا توهان فائدا ڏٺا۔اسان ٿوري ٿوري ڳاله تي ڪاوڙجي پوندا آهيون ۔ڪاوڙ انسان جي دماغ تي ڪنٽرول ڪري هن کان سمجهڻ جي قوت کسي وٺندي آهي ۽ ماڻهوءِ اهي حرڪتون ڪندا آهن جيڪي سڄي عمر هنن جي پڇتاوي جو سبب بڻجي وينديون آهن۔ ڪاوڙ شيطان جو انسان جي اندر هٿيار آهي۔ڪاوڙ تي ڪنٽرول ڪرڻ سچ مچ ته هڪ وڏو جهاد آهي ۔آميد ته هي ليک پڙهڻ کانپوء اسان سڀ پنهجي ڪاوڙ تي ڪنٽرول ڪنداسين۔
ڪيمياءِ سعادت
حجت الاسلام امام محمد غزالي رحمت الله عليه
سنڌيڪار : شمس العلماءِ مرزا قليچ بيگ
مانوارا ميمبرو ڪاوڙ پيئڻ جا توهان فائدا ڏٺا۔اسان ٿوري ٿوري ڳاله تي ڪاوڙجي پوندا آهيون ۔ڪاوڙ انسان جي دماغ تي ڪنٽرول ڪري هن کان سمجهڻ جي قوت کسي وٺندي آهي ۽ ماڻهوءِ اهي حرڪتون ڪندا آهن جيڪي سڄي عمر هنن جي پڇتاوي جو سبب بڻجي وينديون آهن۔ ڪاوڙ شيطان جو انسان جي اندر هٿيار آهي۔ڪاوڙ تي ڪنٽرول ڪرڻ سچ مچ ته هڪ وڏو جهاد آهي ۔آميد ته هي ليک پڙهڻ کانپوء اسان سڀ پنهجي ڪاوڙ تي ڪنٽرول ڪنداسين۔