
تو تان واريان جند، منهنجي مٺڙي سنڌ !
تون آن منهنجو چنڊ، ته آهيان تنهنجو آءُ چڪور،
تون بادل جئن برسين مون تي، مان هان تنهنجو مور،
تو تان واريان جند،
منهنجي مٺڙي سنڌ !
تنهنجي ڌرتي، مون کي پرتي، منهنجو تو ۾ ساهه،
تنهنجيءَ کيتيءَ، تنهنجي ريتيءَ سان آ منهنجو چاهه،
تو تان واريان جند،
منهنجي مٺڙي سنڌ !
تنهنجو پاڻي منهنجو ساڻي، جنهن سان منهنجو جيءُ،
تون سنڌوءَ جي ساهيڙي آن، او ڌرتيءَ جي ڌيءُ،
تو تان واريان جند،
منهنجي مٺڙي سنڌ !
منهنجي من ۾ آهن تنهنجون چانڊوڪيون ۽ چيٽ،
منهنجون لاتيون منهنجون باتيون، آهن تنهنجي ڀيٽ،
تو تان واريان جند،
منهنجي مٺڙي سنڌ !
تنهنجيءَ ٻولي جو مان ٻيلي، واريان تنهن تان پاڻ،
ڳالهيون تنهنجون ڳايان، منهنجو سُر آهي تو ساڻ،
تو تان واريان جند،
منهنجي مٺڙي سنڌ !
مٺڙو آهي هر ماڻهوءَ لَيءِ پنهنجو پنهنجو ديس،
پيارو آهي ساري جڳ کي، پنهنجو وَن ۽ ويس،
تو تان واريان جند،
منهنجي مٺڙي سنڌ !
منهنجي سهڻي، منهنجي سسئي، منهنجو مومل آءُ!
روئي روئي آءُ سبان اڄ، تنهنجو گهرو گهاءُ !
تو تان واريان جند،
منهنجي مٺڙي سنڌ !
تنهنجا ويري ٿيندا ڪيري، تن جي منهن ۾ ڌوڙ،
ساٿي آ سچ، تون بيٺي نچ، ڪيسين ڪڏندو ڪوڙ !
تو تان واريان جند،
منهنجي مٺڙي سنڌ !