ڪرڪيٽ ورلڊ ڪپ 2011 جو پهريون اپ سيٽ ، انگلينڊ کي آئرلينڊ هٿان شڪست

'سنڌ سلامت سپورٽس' فورم ۾ سليمان وساڻ طرفان آندل موضوعَ ‏2 مارچ 2011۔

  1. سليمان وساڻ

    سليمان وساڻ
    مينيجنگ ايڊيٽر
    انتظامي رڪن لائيبريرين

    شموليت:
    ‏6 آڪٽوبر 2009
    تحريرون:
    16,935
    ورتل پسنديدگيون:
    27,294
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    ماڳ:
    سچل ڳوٺ ، ڪراچي
    [justify]ڪالھ ادا رشيد سمون ذڪر پئي ڪيو ته اڃان تائين هن ورلڊ ڪپ ۾ ڪو اپ سيٽ ڪونه ٿيو آهي. اڄ آئرلينڊ جي ٽيم انگلينڊ کي شڪست ڏئي اهو خواب به پورو ڪيو.

    آئرلينڊ جي ڪيون اوبرائن ورلڊ ڪپ جي تاريخ جي تيز ترين سينچري صرف 50 بال تي ٺاهي هڪ نئون رڪارڊ ٺاهيو هن 112 رنسون ٺاهيون . 328 رنز جو ٽارگيٽ تمام گهڻو هو جيڪو چيز ڪرڻ ڪنهن معجزي کان گهٽ ڪونهي. انگلينڊ جي اسڪور 327/8 جي جواب ۾ آئرلينڊ 7 وڪيٽن جي نقصان تي 329 رنسون ٺاهي ڪاميابي حاصل ڪئي جيڪو به ورلڊ ڪپ ڪرڪيٽ جي تاريخ جو سڀ کان گهڻو اسڪور چيز ڪرڻ جو رڪارڊ آهي .
    [/justify]

    اڄ جي ميچ جو هيرو ڪيون اوبرائن

    [​IMG]

    http://www.youtube.com/watch?v=2DZ4DUc4rno
     
  2. نويد احمد ڪلوڙ

    نويد احمد ڪلوڙ
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏6 ڊسمبر 2010
    تحريرون:
    468
    ورتل پسنديدگيون:
    206
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    253
    ڌنڌو:
    ڪنٽري مينيجر، سماجي ورڪر
    ماڳ:
    سچل ڳوٺ ڪراچي سنڌ
    جواب: ڪرڪيٽ ورلڊ ڪپ 2011 جو پهريون اپ سيٽ ، انگلينڊ کي آئرلينڊ هٿان شڪست

    واه ادا واه اهو ته ڪمال ٿي ويو يار پاڻ واري ٽيم جو الله ئي وارث آهي
     
  3. ذيشان رشيد

    ذيشان رشيد Founder انتظامي رڪن منتظمِ اعلى

    شموليت:
    ‏19 مارچ 2009
    تحريرون:
    5,649
    ورتل پسنديدگيون:
    5,671
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    جواب: ڪرڪيٽ ورلڊ ڪپ 2011 جو پهريون اپ سيٽ ، انگلينڊ کي آئرلينڊ هٿان شڪست

    اڄ انتهائي مصروف ڏينهن گذريو ۔۔۔ ان ڪري ميچ تي نظر نه رکي سگهيم۔۔۔ انگلينڊ طرفان جوناٿن ٽروٽ جي 92 بالن تي 92 رنس جي بهترين اننگ

    http://www.youtube.com/watch?v=wqJtCkYJA-A

    کان سواءِ اي اين بيل جي طرفان 86 بالن تي 81 رنسن

    http://www.youtube.com/watch?v=ZdwX5mz6E4Q

    جي شاندار اننگ جون ڪجهه جهلڪيون ڏسڻ جو اتفاق ٿيو هيو۔۔۔ پر پوءِ مصروفيت ڪري ميسيج اپڊيٽ ذريعي ئي اپڊيٽ ٿي سگهيس ته انگلينڊ 327 رنس ٺاهيون۔۔۔
    بعد ۾ شام جو ادا مست جو ميسيج مليو ته ڪيون اوبرائن جي شاندار بيٽنگ ڏسڻ متان وساري اٿوَ ۔۔۔۔ جنهن 63 بالن ۾ شاندار 113 رنسون ٺاهيون۔۔۔

    http://www.youtube.com/watch?v=_MXAfaR7_B8

    بحرحال ميچ جو اختتام انتهائي شاندار ٿيو۔۔۔ ۽ آئرلينڊ جهڙي ٽيم هڪ دفعو ٻيهر پاڪستان کي گذريل ورلڊ ڪپ مان ٻاهر نڪرائڻ واري ياد ڏياري ڇڏي۔۔۔ هن ٽيم ۾ واقعي اهڙا رانديگر موجود آهن جيڪي انهوني ڏيکاري سگهن ٿا۔۔۔۔
    اڄ هڪ دفعو ٻيهر ڪرڪيٽ ميچ ڏسڻ جو مزو آيو۔۔۔
     
  4. آرزو

    آرزو
    نئون رڪن

    شموليت:
    ‏22 ڊسمبر 2009
    تحريرون:
    914
    ورتل پسنديدگيون:
    144
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    0
    ڌنڌو:
    مارڪيٽنگ مينيجر
    ماڳ:
    شڪارپور
    جواب: ڪرڪيٽ ورلڊ ڪپ 2011 جو پهريون اپ سيٽ ، انگلينڊ کي آئرلينڊ هٿان شڪست

    واهه سائين واهه اڄ جو حال احوال جوارين کان پڇو پيا ٿا روئندا وتن۔۔۔
     
  5. مست

    مست
    نئون رڪن

    شموليت:
    ‏1 آڪٽوبر 2009
    تحريرون:
    7,920
    ورتل پسنديدگيون:
    2,557
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    0
    ڌنڌو:
    ڪمپوزر
    ماڳ:
    ڄامشورو
    جواب: ڪرڪيٽ ورلڊ ڪپ 2011 جو پهريون اپ سيٽ ، انگلينڊ کي آئرلينڊ هٿان شڪست

    اڄ مون انگلينڊ‌جي اننگز ته ڪانه ڏٺي پر آئر لينڊ جي اننگز جي شروعاتي راند ۽‌ان کان بعد وري ڪيون اوبرائن جي بيٽنگ دوران ميچ ڏٺي، سچ پڇو ته ڏاڍو لطف آيو، ڪيون اوبرائن جي ڌماڪيدار راند ڏسي شاهد آفريدي وسري ويو۔۔ تيز رفتار سينچري ٺاهڻ‌کان سواءِ‌هن ورلڊ‌ ڪپ جو سڀ کان وڏو سڪسر به ڪيون اوبرائن هنيو جيڪو 102 ميٽر تائين هيو، ميچ ايتري ته لطف اندوز هئي جو آخري بال تائين راند ڏسي پوءِ مون ويب سائيٽ بند ڪئي۔۔۔ زبردست ​
     

هن صفحي کي مشهور ڪريو