وقت جي تيز ڌار وانگي آ زندگي آبشار وانگي آ ريت ئي ريت سمنڊ سوچن جو روح ڪنهن ريگزار وانگي آ آ، تمنا گناه ۽ تنهنجي بي رخي سنگسار وانگي آ اف پڇي ڪير آخري خواهش هيکلائي به دار وانگي آ عيد جي چنڊ جو پڇئي مونکان تنهنجي خمدار وار وانگي آ پنهنجي جيون کي مون پروڙيو آ حسرتن جي مزار وانگي آ تنهنجو ميڪش مٽيءَ جو رانديڪو درد بي سمجه ٻار وانگي آ