وقت جي تيز ڌار وانگي آ (ميڪش سومرو)

عاشق سولنگي

سينيئر رڪن
وقت جي تيز ڌار وانگي آ

زندگي آبشار وانگي آ

ريت ئي ريت سمنڊ سوچن جو

روح ڪنهن ريگزار وانگي آ

آ، تمنا گناه ۽ تنهنجي

بي رخي سنگسار وانگي آ

اف پڇي ڪير آخري خواهش

هيکلائي به دار وانگي آ

عيد جي چنڊ جو پڇئي مونکان

تنهنجي خمدار وار وانگي آ

پنهنجي جيون کي مون پروڙيو آ

حسرتن جي مزار وانگي آ

تنهنجو ميڪش مٽيءَ جو رانديڪو

درد بي سمجه ٻار وانگي آ


Untitled-1.jpg
 
جواب: وقت جي تيز ڌار وانگي آ (ميڪش سومرو)

تمام بهترين عاشق۔۔۔
 
Back
Top