شهر تنهنجي مان ٿيو آهي گذر جانا، بنا تو پي لڳو اجڙيل شجر جانا۔ سوا تنهنجي اڌوري زندگي گذري، لڳي دردن جو سارو سا وکر جانا۔ نه ايندي تون آ پڪ مونکي تڏهن ڀي سڪ، رکيو کليل مون ساري رات در جانا۔ حياتي جو صحيح مقصد ٿئي حاصل، رهين ها گڏجي تون مونسا اگر جانا۔ رخِ انور تان نه زلفن کي ته کسڪايو، لڳي چنڊ جي نه تنهنکي ڪا نظر جانا۔ جسم بي جان بڻجي ويو جهلڪ هڪ سان، هيو اهڙو ته نظرن ۾ڪو اثر جانا۔ وصل خاطر سميٽيل يادگيرين سان، سجايو مون سمورو آ ته گهر جانا۔ فسانه پيار پنهنجي جا نه ٻڌجن ٿا، ٿيون سنسان گليون ۽ شهر جانا۔
جواب: منهنجي شاعري بنا تو پي لڳو اجڙيل شجر جانا۔ ادا ٿورو هن سٽ جي وضاحت ڪندا ته مهرباني ٿيندي ۽ اهيو به ٻڌائيندا ته اهيو ڪهڙو وزن اوهان لکيو آهي۔
جواب: منهنجي شاعري تمام زبردست شاعري آهي ابا عبدالواحد بس اسان جي لڏي ۾ رڳو رشيد ۽ ادو سليمان ئي شاعر ناهين باقي سڀن جا ڪم پورا آهين الله ڪري اهي به ڪا شاعري ڪن ته ڪو قسم کڻڻ جهڙا ٿيون ته سنڌ سلامت جا سڀ رڪن شاعر آهين لڳي ٿو انهن کي ادي ڏاڏل ڏي موڪلڻو پوندو
جواب: منهنجي شاعري ادا آئون ايڏو وڏو شاعر نه آهيان مڙئي ڪچي ڦڪي شاعري ڪندو آهيان۔ هن غزل جو بحر آهي مفاعيلن مفاعيلن مفاعيلن مفاعيلن مفاعيلن مفاعيلن ادا مون عدنا کان ڪٿي غلطي ٿي هجي ته معاف ڪجو۔
جواب: منهنجي شاعري ادا واحد اهو بحر آهي يا وزن آهي بهرحال خوب آهي تمام سُٺي شاعري اسان جهڙا سيکڙاٽ شاعر تنهنجي هن شاعريءَ مان تمام گهڻو لاڀ حاصل ڪندا۔
جواب: منهنجي شاعري يار علي پاڻ کان شاعري ڪانه پڄي شاباس آهي سنڌ سلامت جي دوستن کي جن شاعريء سان نڀايو آهي، ڪجه ڪچي ته ڪجه پڪي پر ڪم سان لڳل آهن ۽ هوريان ڏاڍيان هڪ ڏينهن سٺا شاعر ليکبا ڏاڏل ته اسان سڀن جو پيارو آهي ان وٽ به وينداسون ، نه صرف ان وٽ پر سنڌ سلامت جي هر رڪن وٽ وڃبو ادا عبدالواحد مهرباني