مهربان ساٿيو ۔۔۔۔۔
توهان جي ڪوششن سان سنڌ سلامت فورم کي اهو اعزاز حاصل ٿيو آهي جو ٿوري ئي وقت ۾ نه صرف سموري سنڌ پر دنيا ۾ جتي به ڪمپيوٽر تي ڪم ڪندڙ سنڌي موجود آهن تائين سنڌ سلامت جو نانءُ پهتو آهي نتيجي طور روزانو دنيا جي ڪنڊ ڪڙڇ مان سنڌي سنڌ سلامت فورم جو ڦيرو ڀرين ٿا۔۔۔۔۔
سنڌ سلامت جي فيڊ بيڪس مان خبر پئي پوي ٿي ته ڪجهه دوستن کي سنڌي لکڻ ۾ پريشاني ته وري ڪجهه دوستن کي رجسٽريشن جي دوران منجهه کي ڏسڻو پيو پوي۔۔۔ اهڙن مسئلن کي منهن ڏيڻ لاءِ فورم تي بهتريءَ جي ڪوشش جاري آهي۔۔۔ ان جي باوجود توهان جي موڪليل بي حد قيمتي مواد کي سانڍڻ ۽ ان کي آساني سان هر سنڌي جي پهچ تائين بنائڻ لاءِ اها پوري پوري ڪوشش ڪئي وئي آهي ته فورم تي اهڙيون غير ضروري رڪاوٽون نه رکجن جنهن سان فورم تي ايندڙ مهمان جيڪي ڪنهن سبب جي ڪري رجسٽريشن ڪرائي نه ٿا سگهن کان معلومات لڪيل رهي ۔۔۔۔
سنڌ سلامت فورم تي ٿوري ئي وقت ڪافي مواد گڏ ٿي چڪو آهي جنهن جي ڳولڻ کي آسان بنائڻ لاءِ جتي توهان سموري ساٿ جون قيمتي لکڻيون گوگل ۽ ياهو سرچ انجڻين ۾ لڳائڻ جي لاءِ اپاء ورتا پيا وڃن اتي فورم تي موجود رڪنن کي سندن ۽ ٻين ساٿين جي نئين ۽ پراڻي مواد کي ڳولڻ لاءِ گوگل ڪسٽم ڳولا جي مدد سان فورم جي لوگو جي هيٺان هڪ سرچ بار لڳايو ويو آهي جتي توهان سنڌ سلامت ۾ موجود لکڻين کي ڪو لفظ لکي آرام سان ڳولي سگهو ٿا۔۔۔۔۔
ياد رهي ته گوگل تي سنڌي پيڊ جي سهولت موجود نه آهي ۽ فورم جي زبان سنڌي آهي ان ڪري توهان سائين ماجد ڀرڳڙي صاحب جو ڪي بورڊ يا سنڌ سلامت جي ڪي پيڊ کي استعمال ڪري لفظ لکي ڳولا ۾ لڳائي سنڌ سلامت فورم جي لکڻين کي آساني سان تلاش ڪري سگهو ٿا۔۔۔۔
ان سلسلي ۾ جيڪڏهن ڪنهن مهربان کي ڪو مسئلو يا منجهه اڳيان اچي ته هتي بيان ڪري سگهي ٿو۔۔۔۔ جنهن سان فورم کي وڌيڪ بهتر پڻ بڻائي سگهبو۔۔۔۔
توهان جي راين جو انتظار رهندو۔۔۔
سنڌ سلامت ساٿ سلامت