سنڌ سلامت فور تي لکڻين جي ڳولا۔۔۔

'فورم جا قانون، قاعدا ۽ ضروري اعلان' فورم ۾ ذيشان رشيد طرفان آندل موضوعَ ‏17 جولائي 2009۔

  1. ذيشان رشيد

    ذيشان رشيد Founder انتظامي رڪن منتظمِ اعلى

    شموليت:
    ‏19 مارچ 2009
    تحريرون:
    5,649
    ورتل پسنديدگيون:
    5,673
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    مهربان ساٿيو ۔۔۔۔۔
    توهان جي ڪوششن سان سنڌ سلامت فورم کي اهو اعزاز حاصل ٿيو آهي جو ٿوري ئي وقت ۾ نه صرف سموري سنڌ پر دنيا ۾ جتي به ڪمپيوٽر تي ڪم ڪندڙ سنڌي موجود آهن تائين سنڌ سلامت جو نانءُ پهتو آهي نتيجي طور روزانو دنيا جي ڪنڊ ڪڙڇ مان سنڌي سنڌ سلامت فورم جو ڦيرو ڀرين ٿا۔۔۔۔۔
    سنڌ سلامت جي فيڊ بيڪس مان خبر پئي پوي ٿي ته ڪجهه دوستن کي سنڌي لکڻ ۾ پريشاني ته وري ڪجهه دوستن کي رجسٽريشن جي دوران منجهه کي ڏسڻو پيو پوي۔۔۔ اهڙن مسئلن کي منهن ڏيڻ لاءِ فورم تي بهتريءَ جي ڪوشش جاري آهي۔۔۔ ان جي باوجود توهان جي موڪليل بي حد قيمتي مواد کي سانڍڻ ۽ ان کي آساني سان هر سنڌي جي پهچ تائين بنائڻ لاءِ اها پوري پوري ڪوشش ڪئي وئي آهي ته فورم تي اهڙيون غير ضروري رڪاوٽون نه رکجن جنهن سان فورم تي ايندڙ مهمان جيڪي ڪنهن سبب جي ڪري رجسٽريشن ڪرائي نه ٿا سگهن کان معلومات لڪيل رهي ۔۔۔۔
    سنڌ سلامت فورم تي ٿوري ئي وقت ڪافي مواد گڏ ٿي چڪو آهي جنهن جي ڳولڻ کي آسان بنائڻ لاءِ جتي توهان سموري ساٿ جون قيمتي لکڻيون گوگل ۽ ياهو سرچ انجڻين ۾ لڳائڻ جي لاءِ اپاء ورتا پيا وڃن اتي فورم تي موجود رڪنن کي سندن ۽ ٻين ساٿين جي نئين ۽ پراڻي مواد کي ڳولڻ لاءِ گوگل ڪسٽم ڳولا جي مدد سان فورم جي لوگو جي هيٺان هڪ سرچ بار لڳايو ويو آهي جتي توهان سنڌ سلامت ۾ موجود لکڻين کي ڪو لفظ لکي آرام سان ڳولي سگهو ٿا۔۔۔۔۔
    ياد رهي ته گوگل تي سنڌي پيڊ جي سهولت موجود نه آهي ۽ فورم جي زبان سنڌي آهي ان ڪري توهان سائين ماجد ڀرڳڙي صاحب جو ڪي بورڊ يا سنڌ سلامت جي ڪي پيڊ کي استعمال ڪري لفظ لکي ڳولا ۾ لڳائي سنڌ سلامت فورم جي لکڻين کي آساني سان تلاش ڪري سگهو ٿا۔۔۔۔
    ان سلسلي ۾ جيڪڏهن ڪنهن مهربان کي ڪو مسئلو يا منجهه اڳيان اچي ته هتي بيان ڪري سگهي ٿو۔۔۔۔ جنهن سان فورم کي وڌيڪ بهتر پڻ بڻائي سگهبو۔۔۔۔
    توهان جي راين جو انتظار رهندو۔۔۔
    سنڌ سلامت ساٿ سلامت
     
  2. علي ظفر

    علي ظفر
    نائب منتظم
    انتظامي رڪن

    شموليت:
    ‏19 مارچ 2009
    تحريرون:
    3,074
    ورتل پسنديدگيون:
    3,017
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    1,580
    ڌنڌو:
    بزنس
    ماڳ:
    حيدر آباد سنڌ
    ادا رشيد اوهان جي تمام گهڻي مهرباني ادا پر چوندا آهين ته هڪ ڌڪ ٻه شڪار سو اسان به گوگل سرچ انجڻ جي سائيز ڪجه ننڍي ڪئي آهي ۽ ان سان گڏوگڏ اوهان ڪجه به سرچ ڪندا ته اهو صرف ۽ صرف سنڌ سلامت تي موجوده تهريڊن ۾ اوهان جي ڏنل لفظن کي تلاش ڪندو ۽ ٻي ڪبهن به سايٽ جو لنڪ نه ايندو ان ڪري اوهان ڪابه تحرير هڪ منٽ ۾ ڳولهي سگهو ٿا
    پر اوهان کي هڪ ڌڪ ٻه شڪار واري خوشخبري ته بڌائڻ ته وسري وئي اها اها آهي ته اوهان ڪا به شي سرچ ڪندا ته ان جو به ڪريڊٽ گوگل وارا سنڌ سلامت کي ڏيندا مطلب hall charihall chari ته ائين سمجهو اها به هڪ گوگل ايڊ ئي آهي اوهان جيترا سرچ ڪندا اوترو سنڌ سلامت کي فائدو ملندو مطلب ته اوهان جو ڪم به ٿي ويندو ۽ سنڌ سلامت کي به ڪريڊٽ ملندو ان لا اوهان جيترو وڻيو سرچ ڪيو ۽ ضرور سرچ ڪجو ڀلي اوهان کي ڪجه نه به ڳولڻو هجي ته به سرچ ڪجو ها ها ها تاڪه سنڌ سلامت کي ڪجه فائدو ملي
    اوهان سڀني دوستن جي مهرباني
     
  3. TAHIR SINDHI

    TAHIR SINDHI
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏25 فيبروري 2010
    تحريرون:
    7,856
    ورتل پسنديدگيون:
    2,488
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    473
    ڌنڌو:
    سرڪاري ملازم
    ماڳ:
    KARACHI
    جواب: سنڌ سلامت فور تي لکڻين جي ڳولا۔۔۔

    سائين پراڻين لکڻين پڙهڻ سان خبر پوي ٿي ته ڪيڏي محنت سان هن منزل تي فورم پوتو آهي
    سڄي سنگت قابل تعريف آهي
     
  4. abdullah

    abdullah
    نئون رڪن

    شموليت:
    ‏17 مئي 2010
    تحريرون:
    6
    ورتل پسنديدگيون:
    8
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    0
    جواب: سنڌ سلامت فور تي لکڻين جي ڳولا۔۔۔

    ادا مان ڪجهه لڪيو آهي ڪنهن طريقي سان لوڊ ڪيا
     
  5. نثارابڙو

    نثارابڙو
    نائب منتظم

    شموليت:
    ‏21 اپريل 2009
    تحريرون:
    8,321
    ورتل پسنديدگيون:
    6,890
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    ڌنڌو:
    انتظامي امور
    ماڳ:
    مڪو پاڪ
    جواب: سنڌ سلامت فور تي لکڻين جي ڳولا۔۔۔

    ادا عبد الله جيئن هي ليک لکيو اٿو، بلڪل ساڳئي طريقي سان لکي موڪليو ۔۔۔ پاڻ لکو يا ڪاپي پيسٽ ڪيو ۔۔۔ يا وري هيٺ ڪلڪ ڪري طريقو سمجهي وٺو ۔۔۔ يا وري ”سنڌ سلامت فورم جي سکيا “ واري ڌاڳي ۾ ويندا ته ڪافي معلومات ڏنل آهي ۔۔۔
    http://www.sindhsalamat.com/showthread.php?t=1104
     
  6. TAHIR SINDHI

    TAHIR SINDHI
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏25 فيبروري 2010
    تحريرون:
    7,856
    ورتل پسنديدگيون:
    2,488
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    473
    ڌنڌو:
    سرڪاري ملازم
    ماڳ:
    KARACHI
    جواب: سنڌ سلامت فور تي لکڻين جي ڳولا۔۔۔

    سائين ڪجه وقت اڳ گوگل ايڊز جي باري ۾ فورم تي پڙهيو هيو
    ڇا اڃان اهي ايڊز آهن ڪنهن طرح فورم تي؟
     
  7. ALI AKBAR SHAR

    ALI AKBAR SHAR
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏10 فيبروري 2010
    تحريرون:
    1,433
    ورتل پسنديدگيون:
    741
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    483
    ڌنڌو:
    موبيلنڪ
    ماڳ:
    ڏهرڪي
    جواب: سنڌ سلامت فور تي لکڻين جي ڳولا۔۔۔

    مهرباني سائين
     

هن صفحي کي مشهور ڪريو