شاهده سمون
سينيئر رڪن
گڏيل قومن جي هڪ رپورٽ موجب سڄي دنيا ۾ 24 ڪروڙ 50 لک عورتون بيوه آهن جن مان 11 ڪروڙ 50 لک عورتون غربت جي لڪير کان هيٺ زندگي گذاري رهيون آهن. گڏيل قومن جي رپورٽ موجب افغانستان جون 20 لک ۽ عراق جون 7 لک 40 هزار بيوه عورتون غربت سبب پريشان آهن.
رپورٽ موجب بيوه عورتن سان بدسلوڪي صرف ٽين يا ترقي پزير دنيا جو مسئلو ناهي بلڪ ترقي يافته ملڪن سميت سڄي دنيا ۾ بيوه عورتن سان بُرو ورتاءُ ڪيو ويندو آهي. الاهي عورتن کي مڙس جي مرڻ کانپوءِ سندن ملڪيتن کان بيدخل ڪيو ويندو آهي جنهنڪري هو پنهنجن ٻارن جي بهتر پرورش ڪونه ڪري سگهنديون آهن.
گڏيل قومن جي ان رپورٽ موجب دنيا ۾ سڀ کان وڌيڪ بيوه عورتن جو تعلق دنيا جي سڀ کان وڌيڪ آبادي واري ملڪ چين سان آهي جن جي تعداد 4 ڪروڙ 30 لک آهي جڏهن ته هندستان ۾ بيوه عورتن جو انگ 4 ڪروڙ 20 لک ۽ آمريڪا ۾ بيوه عورتن جو انگ 1 ڪروڙ 36 لک آهي.
ان کان علاوه انڊونيشيا ۾ 94 لک، جاپان ۾ 74 لک، روس ۾ 71 لک، برازيل ۾ 56 لک، جرمني ۾ 51 لک، بنگلاديش ۽ ويٽنام ۾ 47، 47 لک عورتون بيوه آهن. ڪجهه ترقي پسند ملڪن ۾ اهڙين بيوه عورتن جي خبر پئي آهي جن جي عمر 17 سال آهي ۽ وچ ايشياء ۾ بيوه عورتن جي تعداد معلوم ناهي.