زاهد سومرو
سينيئر رڪن
پيارا سنڌ سلامت جا دوستو۔۔۔ السلام عليڪم ياعلي مدد!
دوستو۔۔۔ مرحوم مسرور پنائي جو هڪ ٻيو غزل جيڪو حقيقت ۾ مشاهبت (سونهن) آهي۔۔ سو مان اوهان دوستن سان هتي شيئر ڪريان ٿو۔ پر غزل جي پڙهن کان پهريان هي شعر ضرور پڙهجو۔۔۔۔
دوستو۔۔۔ مرحوم مسرور پنائي جو هڪ ٻيو غزل جيڪو حقيقت ۾ مشاهبت (سونهن) آهي۔۔ سو مان اوهان دوستن سان هتي شيئر ڪريان ٿو۔ پر غزل جي پڙهن کان پهريان هي شعر ضرور پڙهجو۔۔۔۔
مُرليون محبت جون ، ڳوهه اڳيان نه ڳاءِ
هُوءَ ڏيندي ڦِڪيون ڦُوڪون، جنهن ۾ لاءُ نه ساءُ
واسينگن اڳيان وڄاءِ ته سُرُ سمجهي سِرُ ڏيئنين۔۔۔
هُوءَ ڏيندي ڦِڪيون ڦُوڪون، جنهن ۾ لاءُ نه ساءُ
واسينگن اڳيان وڄاءِ ته سُرُ سمجهي سِرُ ڏيئنين۔۔۔
غزل
وارن جو واهه ڀَاڪُرُ ، ڇوڙي ڇڏيئي ڪُلهن تي،
ٿڌڙي هوا نچي پئي، ريشمي چَڳُن تي۔
سرهاڻ تنهنجي ساهن، يا گل ڪٿي ٽڙيا هن،
مخمل جيان بَجِ آ ٻانهن، ڄَڻُ ٻُور ٿيو انبن تي۔
ڀلجي پوان ڀِرن تي، ۽ ڪڻڪ جي سنگن تي،
موهيڙا ڄَڻُ ڳِٽن تي، پيرون پڪا ڀِٽن تي۔
سُرمو اکين ۾ پائي، لالي لبن کي لائي،
ڄَڻُ باک کي نوائي، آندو اٿئي چپن تي۔
چولو چِٽو سبائي، مسرور گُل ڀرائي،
سيني رکيئي سجائي، انگور جي ڇُڳن تي۔