انگلينڊ جي ٽيم جي دلچسپ مقابلي کانپوء ڪاميابي ۽ ورلڊ ڪپ ۾ واپسي

'سنڌ سلامت سپورٽس' فورم ۾ سليمان وساڻ طرفان آندل موضوعَ ‏6 مارچ 2011۔

  1. سليمان وساڻ

    سليمان وساڻ
    مينيجنگ ايڊيٽر
    انتظامي رڪن لائيبريرين

    شموليت:
    ‏6 آڪٽوبر 2009
    تحريرون:
    16,938
    ورتل پسنديدگيون:
    27,305
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    ماڳ:
    سچل ڳوٺ ، ڪراچي
    [JUSTIFY]اڄ هڪ ٻئي گهٽ اسڪورنگ واري ميچ ۾ انگلينڊ جي ڪرڪيٽ ٽيم 171 رنسن جو دفاع ڪندي انتهائي دلچسپ مقابلي کانپوء ڏکڻ آفريڪا جي مضبوط ٽيم کي 6 رنسن تان شڪست ڏئي ورلڊ ڪپ ۾ ٻيهر واپس اچي وئي آهي۔

    پهريان بيٽنگ ڪندي انگلينڊ جي پوري ٽيم 46 هين اور ۾ صرف 171 رنسن تي آئوٽ ٿي وئي۔ انگلينڊ پاران بوپارا 60 ۽ ٽراٽ 52 رنسون ٺاهي نمايان رهيا۔ ڏکڻ آفريڪا پاران عمران طاهر 4 ۽ پيٽرسن 3 وڪيٽون حاصل ڪيون۔

    بظاهر هي اسڪور ڏکڻ آفريڪا جي مظبوط ٽيم اڳيان ڪجه به ڪونه هو ۽ هنن جي شروعات به بهترين رهي 32 هين اور ۾ سندن اسڪور ٽن وڪيٽن جي نقصان تي 124 رنسون هو۔ انکانپوء ڏکڻ آفريڪا جون ٻيون ٽي وڪيٽون 124 تي ڪري پيون ۽ پوء پوري ٽيم 48 هين اور ۾ 165 رنسن تي آئوٽ ٿي وئي۔ انگلينڊ پاران اسٽيورٽ براڊ 15 رنسون ڏئي 4 وڪيٽون حاصل ڪيون ۽ پنهنجي ٽيم کي ڪامياب ڪيو۔ ڏکڻ آفريڪا پاران هاشم آمله 42 رنسون ٺاهي نمايان اسڪورر رهيو۔

    انگلينڊ جي تيم جيڪا بد قسمت هئي ۽ انڊيا سان ميچ ٽائي ٿيڻ کانپوء آئرلينڊ جي ٽيم کان به هارائجي وئي هئي ۽ ڪوارٽر فائنل تائين پهچڻ مشڪل نظر اچي رهيو هو۔ پر هن ميچ ۾ ڪاميابيء کانپوء اهي چٽا امڪان آهن ته انگلينڊ ڪوارٽر فائنل ۾ پهچي سگهي ٿي۔[/JUSTIFY]

    اڄوڪي ميچ جو هيرو اسٽيورڊ براڊ


    [​IMG]

    http://www.youtube.com/watch?v=Y1P08wmEIwo
     
  2. Abdul Wahid Soomro

    Abdul Wahid Soomro
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏28 نومبر 2010
    تحريرون:
    1,057
    ورتل پسنديدگيون:
    353
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    443
    ڌنڌو:
    government job
    ماڳ:
    Bhitshah
    جواب: انگلينڊ جي ٽيم جي دلچسپ مقابلي کانپوء ڪاميابي ۽ ورلڊ ڪپ ۾ واپسي

    ادا سليمان هي ڪرڪيٽ آهي آخري بال تائين ڪجهه به نٿو چئي سگهجي۔
     
  3. ذيشان رشيد

    ذيشان رشيد Founder انتظامي رڪن منتظمِ اعلى

    شموليت:
    ‏19 مارچ 2009
    تحريرون:
    5,649
    ورتل پسنديدگيون:
    5,673
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    جواب: انگلينڊ جي ٽيم جي دلچسپ مقابلي کانپوء ڪاميابي ۽ ورلڊ ڪپ ۾ واپسي

    orانتهائي زبردست مقابلو ڏسڻ وٽان مليو۔۔۔ انگلينڊ جي اسٽيورڊ براڊ واقعي به حيران ڪري ڇڏيو۔۔۔ ورلڊ ڪپ جي تاريخ رهي آهي ته ڏکڻ آفريڪا پنهنجي بدقسمتي تي هميشه حيران پريشان رهي آهي ۔۔۔ اهو ئي سبب آهي جو ڪرڪيٽ جا شوقين ڏکڻ آفريڪا کي وڏن مقابلن ۾ فيورٽ رکڻ ۾ گهٻرائيندا رهندا آهن۔۔۔

    اسٽيورڊ براڊ زبردست بالنگ ڪرائيندي صرف 15 رنسون ڏئي 4 وڪيٽون ورتيون۔۔۔
    http://www.youtube.com/watch?v=8HTqMP99YH4

    ان کان اڳ انگلينڊ جي تباهي ڪندڙ ڏکڻ آفريڪي بالر طاهر 38 رنسون ڏئي 4 وڪيٽون ورتيون

    http://www.youtube.com/watch?v=--yNIfhGa8U
     

هن صفحي کي مشهور ڪريو