اڄ هڪ ٻئي گهٽ اسڪورنگ واري ميچ ۾ انگلينڊ جي ڪرڪيٽ ٽيم 171 رنسن جو دفاع ڪندي انتهائي دلچسپ مقابلي کانپوء ڏکڻ آفريڪا جي مضبوط ٽيم کي 6 رنسن تان شڪست ڏئي ورلڊ ڪپ ۾ ٻيهر واپس اچي وئي آهي۔
پهريان بيٽنگ ڪندي انگلينڊ جي پوري ٽيم 46 هين اور ۾ صرف 171 رنسن تي آئوٽ ٿي وئي۔ انگلينڊ پاران بوپارا 60 ۽ ٽراٽ 52 رنسون ٺاهي نمايان رهيا۔ ڏکڻ آفريڪا پاران عمران طاهر 4 ۽ پيٽرسن 3 وڪيٽون حاصل ڪيون۔
بظاهر هي اسڪور ڏکڻ آفريڪا جي مظبوط ٽيم اڳيان ڪجه به ڪونه هو ۽ هنن جي شروعات به بهترين رهي 32 هين اور ۾ سندن اسڪور ٽن وڪيٽن جي نقصان تي 124 رنسون هو۔ انکانپوء ڏکڻ آفريڪا جون ٻيون ٽي وڪيٽون 124 تي ڪري پيون ۽ پوء پوري ٽيم 48 هين اور ۾ 165 رنسن تي آئوٽ ٿي وئي۔ انگلينڊ پاران اسٽيورٽ براڊ 15 رنسون ڏئي 4 وڪيٽون حاصل ڪيون ۽ پنهنجي ٽيم کي ڪامياب ڪيو۔ ڏکڻ آفريڪا پاران هاشم آمله 42 رنسون ٺاهي نمايان اسڪورر رهيو۔
انگلينڊ جي تيم جيڪا بد قسمت هئي ۽ انڊيا سان ميچ ٽائي ٿيڻ کانپوء آئرلينڊ جي ٽيم کان به هارائجي وئي هئي ۽ ڪوارٽر فائنل تائين پهچڻ مشڪل نظر اچي رهيو هو۔ پر هن ميچ ۾ ڪاميابيء کانپوء اهي چٽا امڪان آهن ته انگلينڊ ڪوارٽر فائنل ۾ پهچي سگهي ٿي۔

اڄوڪي ميچ جو هيرو اسٽيورڊ براڊ
http://www.youtube.com/watch?v=Y1P08wmEIwo