سنڌ جي پياري ۽ مهان شاعر مُحترم اياز گُل جن کي سنڌي ميڊيا "ساليوُوڊ" طرفان جنم مُبارڪون هُجن سنڌي ميڊيا (ساليوُوڊ) جي چيف آرگنائزر عبدالرزاق ميمڻ ۽ سنڌي آرٽسٽس ويلفيئر ايسوسيئيشن (ساوا) جي مڙني عُهديدارن ميمبرن ۽ اُنهن جي زير اهتمام هلندڙ ڀلائي وارين تنظيمن، پروڊڪشن هائوس "ساليوُوڊ پروڊڪشن، پبليڪيشن ۽ ريسرچ سينٽر نيو سعيد آباد" جي مڙني ورڪرن طرفان سنڌ جي مهان شاعر جناب اياز گُل صاحب کي پنهنجي جنم ڏهاڙي جو لک لک مُبارڪون هُجن، ان آس ۽ اُميد سان ته هي عظيم شاعر پنهنجي شاعري وسيلي سنڌ جي سُتل ۽ مفلوج قوم کي هوش ۾ اچڻ جي تلقين ڪندا ۽ قومي شاعري ڪري سندن بيداري ۾ اضافو آڻيندا ته جيئن هي سُست ۽ ڪاهل قوم اجاين ناچ گانن، شوشن، شو بازين، نمود و نمائش ، ٽشن بازي ۽ کوکلن نعرن کان به ٻاهري نڪري زندگي جي عملي ڪمن ۾ به بهرو وٺندا ۽ ٻين ترقي پسند قومن وانگ محنت، مشقط تي به ڀاريندا ۽ وڏيرن، جاگيردارن، ڪامورن جي بُڇڙن عملن ۾ ساٿ ڇڏي قوم جي رهنمائي ۽ صحيح معني ۾ عملي خدمت ڪندا ۽ سنڌ بچائيندا ۽ اهو تڏنهن ئي ممڪن آهي جو هن قوم کي اڇي ۽ ڪاري جي پروڙ پوي ۽ وڏيرن جي پُڇن مان نڪري پاڻ تي ڀاڙيندا ۽ آسرو ڪندا۔
جواب: مُحترم اياز گُل جن کي سنڌي ميڊيا "ساليوُوڊ" طرفان جنم مُبارڪون هُجن اسان طرفان به اياز گُل صاحب کي سندن جنم ڏينهن جون واڌايون هجن۔۔۔
جواب: مُحترم اياز گُل جن کي سنڌي ميڊيا "ساليوُوڊ" طرفان جنم مُبارڪون هُجن اياز گل سنڌ جو هڪ خوبصورت شاعر آهي سندس جنم ڏينهن تي سنڌ سلامت پاران کيس واڌايون