نثارناز
سينيئر رڪن
پيارا سنڌ سلامت جا ساٿيو اسان جي سنڌ سلامت جي ميمبر دوست محترم امين سمون منهنجي هن آزاد نظم کي پنهنجي دل جو آواز سمجهي لاجواب چترڪاري ڪري مون مسڪين ٽي درجي واري شاعر مٿان پنهنجا پيار واريا آهن جنهن جا ٿورا ته لاهڻ جهڙا ئي ڪونه آهن ، پو دوستو توهان جو ڇا خيال آهي
آزاد نظم
نثاراحمد ناز
ڀلي اسان سان
وفا جي ناتن،
اکين جي ناتن،
دلين جي ناتن،
روئڻ جي ناتن،
کلڻ جي ناتن،
جِي وِڙهي ڪريو،
سڀ پُڄاڻيون سائين،
اسان توهان جي
جوڙ جيڏا،
نه ڪلهه هُئاسين،
نه اڄ به آهيون ،
نه سڀاڻي سائين،
اسان وقت ويريءَ
جي ظالم
هٿن ۾
کلي سدائين دلبريون وڃايون
عاشقيون وڃايون،
سڀني اسانجي
سچائين کي جانان
بزدلي ڄاتي،
آ ڪوڙ ڄاتو،
ڀلي ڪريو
ڪنارا اسان کان،
اسان سدائين
ٽنگيل ٽياسن
اسان سدائين
چِٽيل نشانن،
اسان جي اوقات
ڪڏهن اڌروري
ڪڏهن
ته ڳولي
لڀي نه سائين
ڀلي ڪريو
اسان کان دُوريون
ڀلي ڪريو
رُساما سائين،
اسان توهان جي
جوڙ جيڏا،
نه ڪلهه هُئاسين،
نه اڄ به آهيون ،
نه سڀاڻي سائين ....!!!
نه سُڀاڻي سائين ....... !!!
نه سُڀاڻي سائين .......!!!
آزاد نظم
نثاراحمد ناز
ڀلي اسان سان
وفا جي ناتن،
اکين جي ناتن،
دلين جي ناتن،
روئڻ جي ناتن،
کلڻ جي ناتن،
جِي وِڙهي ڪريو،
سڀ پُڄاڻيون سائين،
اسان توهان جي
جوڙ جيڏا،
نه ڪلهه هُئاسين،
نه اڄ به آهيون ،
نه سڀاڻي سائين،
اسان وقت ويريءَ
جي ظالم
هٿن ۾
کلي سدائين دلبريون وڃايون
عاشقيون وڃايون،
سڀني اسانجي
سچائين کي جانان
بزدلي ڄاتي،
آ ڪوڙ ڄاتو،
ڀلي ڪريو
ڪنارا اسان کان،
اسان سدائين
ٽنگيل ٽياسن
اسان سدائين
چِٽيل نشانن،
اسان جي اوقات
ڪڏهن اڌروري
ڪڏهن
ته ڳولي
لڀي نه سائين
ڀلي ڪريو
اسان کان دُوريون
ڀلي ڪريو
رُساما سائين،
اسان توهان جي
جوڙ جيڏا،
نه ڪلهه هُئاسين،
نه اڄ به آهيون ،
نه سڀاڻي سائين ....!!!
نه سُڀاڻي سائين ....... !!!
نه سُڀاڻي سائين .......!!!