فيسبوڪرز۔۔۔۔ حفيظ ڪنڀر جو مزاحيه ڪالم

'ويب سائيٽس' فورم ۾ مست طرفان آندل موضوعَ ‏7 مارچ 2011۔

  1. مست

    مست
    نئون رڪن

    شموليت:
    ‏1 آڪٽوبر 2009
    تحريرون:
    7,920
    ورتل پسنديدگيون:
    2,557
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    0
    ڌنڌو:
    ڪمپوزر
    ماڳ:
    ڄامشورو
    [JUSTIFY]
    ڀوڳ ڀوڳ
    فيس بُڪرز!
    حفيظ ڪنڀر

    اڃان آئون موبائيل فون جو عذاب ئي سهي رهيو هئس ته فيس بُڪ ۾ اچي ڦاٿس. منهنجو وڪيل دوست لطيف علي راڄپر عرف بابُو راڄپر ماڻهن کي عدالتن مان ٽيپون ڏياريندو آهي ۽ ان مون لاءِ پنهنجي هٿن سان جيڪا سزا منهنجي لاءِ تيار ڪئي، سا هئي فيس بُڪ جو اڪائونٽ. مون کي انهيءَ کان اڳ انهيءَ جهان جي خبر به ڪو نه هئي. جڏهن کان فيس بُڪ تي آيس ته سرڪلز ۾، حلقن ۾ معتبر ٿيڻ جي ماليخوليا ۽ خفن ۾ مبتلا ٿي ويس. مون کي ته نه مصري ٿيڻو هو، نه ليبيائي عرب ٿيڻو هو، جيڪي فيس بُڪ ۽ موبائيل فون استعمال ڪندي چاليهه سالن جي ”چونڊيل جمهوري اڳواڻن“ جا طوق ڳچي مان لاهي ويا. آئون ته آهيان سنڌي ماڻهو، مون کي ته پنهنجي نوڪري مان ٽائيم بچائي، فيس بُڪ تي گلائون ڪرڻيون، گانا لوڊ ڪرڻا، پنهنجي فوٽن تي قيمتي رايا وٺڻا آهن. فيس بُڪ مان مون کي اوطاقي ڪم وٺڻو آهي، ان ڪري ته آئون فيس بُڪ کي فيضو جي اوطاق چوندو آهيان ۽ هيستائين سنڌ کي اوطاقن جيڪو ڪجهه ڏنو آهي، اهو اوهان جي اکين اڳيان آهي. ڪچهريون، ڪنهن وڏيري ڀوتار جا جرڳا، اوطاقن جي اڪثريت ته رهي وڏيري ڀوتار وٽ، وڌ کان وڌ اوهان اهو ئي چوندئو ته انهن تان سياست به ٿي، ها! آئون غلط ٿو چوان ته انهيءَ سياست جو به اڪثر حصو سنڌ دشمن رهيو. ها! ته مون فيس بُڪ جي ڳالهه پئي ڪئي. هي ڀوتار سردار الائي وچ ۾ ڪٿان اچي ويا-خير! ڀوتار سردار ته وچ ۾ اچڻا ئي آهن. اوهان چاهيو يا نه چاهيو؟ اسڪول کولائڻ چاهيو؟ پنهنجا ٻار پڙهائڻ چاهيو، سياست ڪرڻ چاهيو، ايف آءِ آر ڪٽائڻ چاهيو، ڀوتار سردار ضرور وچ ۾ ايندا....
    ته مون ڳالهه پئي ڪئي فيضو جي اوطاق جي-يعني فيس بُڪ جي-ان ڏينهن منظور ميراڻي کان پڇيم ته تون فيس بُڪ تي ڇو نٿو اچين چيٽ لاءِ؟؟ ته چيائين: ”يار! آئون پنهنجي فلاڻي شاعر جي ڊپ کان فيس بُڪ کوليان ئي نٿو...“ ۽ هو سچو هو. فيس بُڪ کي مون جڏهن به کوليو ته اهو شاعر ٺڪاءُ مٿي ۾...فيس بُڪ بند ڪري ڇڏيم...ٻي سائيٽ تي ويس اتان ڦري آيو، وري ٽي، چوٿين، پنجين...ائين جتان وڃان منهنجو هيءُ شاعر دوست، سامهون ڦريو اچي. نيٺ سندس Contact بلاڪ ڪري ڇڏيم، پر هي همراهه الائي ڪٿان ڦٿڙائي ڦٿڙائي پهچي ويو. مون فيس بُڪ جي اختيارين کي لکيو ته منهنجي هن مان جان ڇڏايو ته فيس بُڪ وارن الٽو فلم ئي ڳچي ۾ وڌي ته تون پنهنجي دوست کي اسان جي پارت ڪر، اسان به منجهائنس ڦاسي ويا آهيون. ساڳي وڪيل دوست، بابُو راڄپر سان رابطو ڪيم ته ڪو قانوني مشورو ڏي، ته آئون هن شاعر مان فيس بُڪ تان جند ڇڏايان، ته ٺپ چيائين ”انهيءَ شاعر مان مون جند ڇڏائڻ جي ڪوشش ڪئي هئي، پاڙيسري آهي، ڪاوڙجي پيو، اچي گهر ويٺي ننڊ مان اٿاري پنج شعر پڙ تي ٻڌائي، بقايا سڀاڻي ٻڌائڻ جو چئي ويو.“
    مستقبل ۾ بيماريون، بيمارين جو حال احوال، ڪِري پرهيز، ڊاڪٽر، سڀ گڏجي ويندا، بيمار نوجوان جا وارث ڊاڪٽر کي حال احوال هن طرح ئي ڏيندا ته...”ڊاڪٽر صاحب! اسان جي پٽ کي الائي ڇا ٿو ٿئي، چار ڏينهن ٿيا آهن، جو فيس بُڪ تي نٿو ويهي، ڪا دوا درمل ڏيوس“. يا-دوا درمل وٺڻ کانپوءِ ٻيهر چڪاس لاءِ وڃڻ تي چوندا...”ڊاڪٽر صاحب! شڪر آهي...اڄ ڪجهه ٺيڪ آهي، صبح جو فيس بُڪ تي به ٻچڙو ويٺو هو ۽ وڏي ڀاءُ سان جهيڙو به ڪيائين.“
    ٿي سگهي ٿو ته ايندڙ وقت ۾ ڦاهي کائيندڙ ڏوهاري به پنهنجي آخري خواهش ”فيس بُڪ تي چيٽ/ڪچهري ڪرڻ ڏيو“ طور ظاهر ڪن، ٿي سگهي ٿو ته انهن مان چند اهڙا به هجن، جيڪي قبر ۾ به فيس بُڪ جو ڪنيڪشن ڏيڻ جي آخري ٻي خواهش ظاهر ڪن.
    ها! پنهنجي ڪن کي ٿورو هن ردي ڪالم جي ويجهو ڪريو ته اوهان کي هڪ راز جي ڳالهه ٻڌايان. ”فيس بُڪ“ تي جيڪا چيٽ ٿئي ٿي، اها رومن سنڌي ۾ ٿئي ٿي ۽ ائين اڳتي ٿيندي به رهندي، ڇو ته اهو ٿيڻو به هو. هاڻ اصل ڳالهه جيڪا راز جي آهي، اها هيءَ آهي ته سنڌي لپي، سنڌي لپي، گهوڙا ڙي سنڌي لپي جو راڳ ڳائيندي ملڪ مٿي تي کڻي ويٺا آهن. سي به جڏهن فيس بُڪ تي ويهن ٿا ته اهي به رومن-سنڌي ۾ چيٽنگ ٿا ڪن. اها ڳالهه هو اوهان سان سنڌي لپي جو ڪيس رکندي اسٽيجن تان قطعي شيئر ڪو نه ڪندا، باقي مون کي انهيءَ راز جي خبر ناهي ته هو فيس بُڪ يا نيٽ چيٽ ڪندي رومن سنڌي ٿا استعمال ڪن يا رومن-اردو ۽ فيس بُڪرز ۾ ٻارڙا ته اسان کان به تيز آهن، جيڪو ڪم (رومن سنڌي) اسان سالن کان روڪي رکيو هو، اسان جي هن نسل اسان کان پڇيو به ڪو نه، فيس بُڪ تان سڌو رومن سنڌي طرف هليا ويا ۽ ٻئي ڪا واهه نه ڏسي، اسان موجوده الفابيٽ کي بچائڻ لاءِ جهيڻي، هلڪي، شڪست کاڌل آواز ۾ سنڌي ڊپارٽمينٽ جي هڪ استاد جيان اهو چوڻ لڳاسون ته ”رومن سنڌي ڀلي ته متبادل طور ٻيو نمبر اسڪرپٽ هجي.“ شڪر آهي جو ايترو به مڃين ٿا ۽ آئون بي شڪرو آهيان، ڇو ته مون کي خبر آهي ته جنهن کي هو اڄ ٻيو نمبر، متبادل اسڪرپٽ مڃن ٿا، انهيءَ کي هڪ ڏينهن پهريون نمبر اهو ئي اسڪرپٽ ٿيڻو آهي.​

    ڊيلي ڪاوش: 7 مارچ 2011

    [/JUSTIFY]
     
    2 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.
  2. علي ظفر

    علي ظفر
    نائب منتظم
    انتظامي رڪن

    شموليت:
    ‏19 مارچ 2009
    تحريرون:
    3,074
    ورتل پسنديدگيون:
    3,017
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    1,580
    ڌنڌو:
    بزنس
    ماڳ:
    حيدر آباد سنڌ
    جواب: فيسبوڪرز۔۔۔۔ حفيظ ڪنڀر جو مزاحيه ڪالم

    [quoteابُو راڄپر سان رابطو ڪيم ته ڪو قانوني مشورو ڏي، ته آئون هن شاعر مان فيس بُڪ تان جند ڇڏايان، ته ٺپ چيائين ”انهيءَ شاعر مان مون جند ڇڏائڻ جي ڪوشش ڪئي هئي، پاڙيسري آهي، ڪاوڙجي پيو، اچي گهر ويٺي ننڊ مان اٿاري پنج شعر پڙ تي ٻڌائي، بقايا سڀاڻي ٻڌائڻ جو چئي ويو.“][/quote]

    ها ها ها اصل ڏاڍي ٿي جوان سان سو شاعرن سان فٽائيندو ته ائين ته ٿيندو نه ههه
     
  3. سليمان وساڻ

    سليمان وساڻ
    مينيجنگ ايڊيٽر
    انتظامي رڪن لائيبريرين

    شموليت:
    ‏6 آڪٽوبر 2009
    تحريرون:
    16,940
    ورتل پسنديدگيون:
    27,305
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    ماڳ:
    سچل ڳوٺ ، ڪراچي
    جواب: فيسبوڪرز۔۔۔۔ حفيظ ڪنڀر جو مزاحيه ڪالم

    مطلب مون جهڙو حشر گهڻن جو ٿيو آهي۔ مان وري به دوستن جا موبائيل ته اٽينڊ ڪندو آهيان۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔ پر مهربان سنڌ سلامت جا دوستو مونکي موبائل تي شاعري نه ٻڌائجو ۔۔۔۔ منهنجو موبائل قيمتي آهي ڪٿي ڀڃي نه وجهانس۔


    گهڻيون ڳالهيون سائين حفيظ برابر سچ لکيون آهن اتي فيس بوڪ جا گهڻا فائدا به ٿيا آهن ، جن جو ذڪر به ڪري ها ته بهتر ٿئي ها۔

    پوء به سٺو مزاحيه /حقيقي ڪالم آهي۔
     

هن صفحي کي مشهور ڪريو