ايڪيهين صدي جي نئين ٽهي لا ،ٽيلي فلم "وتايو اِن ڪَراچِي" جي وتايو هن دئور ۾ هُجي ها ته؟ توهان سڀني سنڌي اديبن، ليکڪن، ڏاهن، صحافين، فنڪارن، تنقيد نگارن، قومي سوچ رکندڙن کي مُهنجي ڊراماٽائيز اسڪرپٽ تي کُلي تنقيد ڪرڻ جي اپيل ٿو ڪريان ته جيئن آئون هڪ تمام ڏُکئي سبجيڪٽ "درويش وتايو فقير" کي مذاحيه انداز ۾ڊراماٽائيز ڪري ۽ فلمائي سگهان۔ مُنهنجو نيڪ مقصد آهي ۽صرف نئين نسل کي وتائي کان مُتعارف ڪرائڻ آهي ۽ آئون ڪوشش ڪندس ته هن درويش صفت انسان جي مذاحيه انداز کي عزت ۽ احترام سان پر پُر مذاحيه انداز ۾ ري مڪسنگ ڪري پيش ڪريان جيڪي نئين ٽهي جي ضرورت آهي ته جيئن نئين ٽهي ڪتابن کان پو وِجوئل انداز ۾ وتائي کي ڏسي هميشه لا ياد ڪري سگهي ۽ درويش وتائي جي نصيحت ڀريل ٻولن کي سنجهي ۽ پرکي سگهي۔ هن ڏُکئي سبجيڪٽ کي فلمائڻ لا ڪو چينل به مُعاشرتي تنقيد ڪري جُرات نٿو ڪري جنهن جي ڪري سنڌ جو هي بهترين ڪريڪٽر پنهنجي جا نه پيو وٺي۔ ساليوُوڊ پروڊڪشن، پبليڪيشن ريسرچ سينٽر نيو سعيد آباد هن سبجيڪٽ کي ٽيلي فلم طور فلمائي رهيو آهي اُن ڪري هي ڊراماٽائيز اسڪرپٽ سڀني تنقيد نگارن جي سامهون رکجي ٿو جيئن درويش وتائي فقير کي پُراڻي ۽ جديد انداز ۾ ري مڪسنگ ڪري پيش ڪجي۔ توهان سڀني جو اهو قومي فرض بڻجي ٿو ته هن مضمون تي گهري تنقيد ڪريو ته هي مضمون اڃا بهتر انداز ۾ پيش ڪري سگهجي۔ هن نيڪ ڪم ۾ جيڪڏنهن ڪو فرد، انويسٽر، مارڪيٽر، ادارو، پبليڪيشن هائوس، ڊائريڪٽر پرائيويٽ پروڊڪشن، ڪو مذاحيا فنڪار ، ڪا ڊراميٽڪ ڪلب، جيڪو سمجهي ٿو ته هو وتائي جو ڪردار ڀرپور انداز ۾ ڪري سگهي ٿو، ڪو چينل ٻانهن ٻيلي ٿيڻ چاهي ته اُن کي هن قومي ڪم ۾ ويل ڪم ڪبو، جو ڪو چاهي ٿو ته هو اسانکان به هن مضمون کي بهتر نموني ملي ڪري يا اڪيلو(سولو) وڌائي سگهي ٿو ته به اسانکي اعتراض نه هوندو ان ڪري جو اسان جو مقصد خالص قومي آهي ، ڪه ڪاروباري پر اسانکي انفارم ڪرڻ لازمي آهي چو جو هن ڪيپشن ۽ اسڪرپٽ جا سڀ حق ۽ واسطا ليکڪ وٽ آهن