سکڻي دل کي آ دلجا

جاويد نواز

سينيئر رڪن
نظم
سکڻي دل کي آ دلجا
ڪجهه نه ڪيو سين پنهنجي لا

مونکي حج ڪرائج ٻچڙا
منهنجو عرض اگهائج ٻچڙا
چوندي رهي هي مونکي ما
ڪجهه نه ڪيو سين پنهنجي لا

خون جا رشتا مٽجي ويا هن
پنهنجا به پنهنجا نه رهيا هن
ڀا نه ٿيا اڄ پنهنجا ڀا

جنهن کي ڏک سک ساٿي ڀانيم
جنهن لئي پنهنجو پاڻ وڃايم
سو ڀي ڏئي ويو گهرو گها
ڪجهه نه ڪيو سين پنهنجي لا

غربت نفرت پنهنجي قسمت
گهڻو پري وئي مونکان محبت
ٽٽي پيو سڀ جو ويسا
ڪجهه نه ڪيو سين پنهنجي لا

سڀئي خوشيون ماڻي ويٺو
پيڙهي مونکي گهاڻي ويٺو
هن وٽ خوشين جي هٻڪا
ڪجهه نه ڪيو سين پنهنجي لا

اهڙو غربت گهيرو ڪيو آ
پئسو ڏوڪڙ ڪجهه نه رهيو آ
سير مان ٿي ير وياسين پا
ڪجهه نه ڪيو سين پنهنجي لا

من ڪو مالڪ ٿي پئي راضي
هاريل ٿي پئي کٽيل بازي
ڏينهن اهڙو آڻي الله
ڪجهه نه ڪيو سين پنهنجي لا
ڪجهه نه ڪيو سين پنهنجي لا

جاويد نواز
دعائن ۾ ياد
 
Back
Top