نثارابڙو
نائب منتظم
دوستو، ڪجه ڏينهن اڳ مون هڪ زال جو خط موڪليو هو ۽ هي مڙس جو خط زال ڏانهن ...
دوستو، هي پرديس ۾ رهندڙ هر ان ماڻهونءَ جا جذبا آهن ... جن جون خاندان ته ملڪ ۾ آهي ۽ پاڻ پرديس ۾ آهن ... پر تنهن هوندي به سڀ آڱريون برابر ناهن، ڪي زالون ۽ خاندان ته انتهائي صبر ۽ سمجهه وارا هوندا آهن ۽ هروڀرو پنهنجي پرديسي مائٽ کي تنگ نه ڪندا آهن ... پر انهن ماڻهن ۽ خاندانن جو انگ ڪجهه گهٽ آهي ... هڪ ٻي ڳالهه ته هي ترجمو آهي سو به اردو شاعريءَ مان سنڌي ڪئي اٿم ... شاعر ته آهيان ڪونه ... انڪري وزن جي گهٽتائي هوندي ... پر انکي معاف ڪري موضوع تي توجهه ڏيندا ته ڳالهه ڳڙ ٿيندي ...
مهربانيون ...
نثار ابڙو
________________________________________
پرديسي مڙس جو خط زال ڏانهن؛
تنهنجو خطِ محبت ڪلهه ملي ويو پياري،
پڙهي لسٽ شين جي، جيرو سيڙو ويو پياري،
ساڳيو تڪرار تحفن جو، ساڳيون فرمائشون سڀ جون،
لکيون آهن خط ۾، ڄڻ دل کولي خواهشون سڀ جون،
سڀ ڪجهه لکي ڇڏيوتو، جو ڪنهن لکايو آهي،
هِن مائٽ هي گهرايو ۽ هُن مائٽ هي گهرايو آهي،
ڪڏهن سوچيو به آهي تو، پئسا ڪيئن ڪمايانٿو؟
قهر جي اس سهي مان ، وهنجي پگهر ۾ ڪمايانٿو،
شايد ناهي معلوم توکي ، رهان ڪيئن هت ٿو مان؟
کاڌي پيتي کي به گهٽ ڪري بچايان ٿو پئسا مان،
پر تون ته فقط مٽن مائٽن جو ئي خيال رکين ٿي،
لٽائي پنهنجو ئي گهر ، مائٽن کي خوش رکين ٿي،
جي هجي ناڻو کيسي ۾، ستل مائٽ جاڳي پون ٿا،
برو وقت جڏهن اچي ٿو، سڀ مائٽ ڀڄي وڃن ٿا،
مان پهچان ته ويٺي ڏسجانءِ ، اصلي ڌاڙيلن کي،
ڀاڪر پائي ملن ٿا ڪيئن؟ فصلي ڀَاڙُنُ کي،
پهچي ويندا سڀ ، پنهنجي ڪوڙي محبت ۾،
ايندا آهن جيئن فقير ، قلندر جي ميلي ۾،
ان موقع پرستن کي، ڪوئي ڪيئن چوي،
روپيا لڳندا ناهن ڪنهن ملڪ به، وڻن تي،
چيو جو به تو، جانم! ، مون ڪيو آ،
تنهنجي اڳين پوئن کي به، مون ڀريو آ،
مونکي مسقط ۾ آئي هاڻ نائون ڏهون سال آ پياري،
ديس کان ڏور ڪڏهن کان شڪسته حال آ پياري،
پوءِ به تون هر وقت، ڪرين ٿي تڪرار اهو ئي،
ڪريان ٻي ايگريمنٽ، ڪرين ٿي اصرار اهو ئي،
هوس زر جي خدا ڄاڻي، ڪيڏانهن وٺي ويندي،
خوشي گڏجي رهڻ جي، شايد ڪڏهن نه ايندي،
چاهيان ٿو ته، ٻار به ڪن عزت منهنجي،
ٿڪيل اچان ته، ڪن خدمت منهنجي،
ٻار منهنجا ئي مونکان ، اڻڄاڻ رهنٿا،
بابا چوڻ جي بجاء،ِ مامو جان چونٿا.
الله جي واسطي جان منهنجي! ، جان آزاد ڪراءِ،
منهنجي اولاد کي خدارا، منهنجي سڃاڻپ ڪراءِ،
پاڻکي پاڻ ئي سهي، شيشي ۾ ته ڏس ڀلا،
وارن ۾ ظاهر ٿيڻ واري، چاندي ته ڏس ڀلا،
فراق هجر جي صدمي کي پٿر ٿي سهڻو پوي ٿو،
سهاڳڻ هوندي به، توکي بيواه ٿي رهڻو پوي ٿو،
ڍانچا ٿي ويا آهيون، هلڻ هاڻ ته مشڪل ٿي ويو آهي،
ڪڏهن سون هئاسون، سرير هاڻ ته پتل ٿي ويو آهي،
اها حالت ايئن رهي ته، هڪ ڏينهن اهڙو به ايندو،
منهنجو لاش پياري، توکي هت مسقط مان ملندو،
الله واسطي منهنجي جان، پنهنجي گهر کان پري نه رک،
ٻن سالن جي ايگريمينٽ ڪرڻ لاءِ وڌيڪ زور نه رک،
ڇڏ لٽائڻ دولت کي، هاڻ ڪجهه ڪفايت ڪرڻ به سک،
گهڻو ڪجهه ٿي ويو آ، هاڻ ڪجه قنايت ڪرڻ به سک،
دعا ڪجانءِ ته جلد رهائي هن بندي خاني کان ملي،
سزا هن ملڪ بدريءَ کان، ديس جي زندگي ڪا ملي،