پرديسي مڙس جو خط زال ڏانهن؛

'کِل ڀوڳ' فورم ۾ نثارابڙو طرفان آندل موضوعَ ‏18 جولائي 2009۔

  1. نثارابڙو

    نثارابڙو
    نائب منتظم

    شموليت:
    ‏21 اپريل 2009
    تحريرون:
    8,321
    ورتل پسنديدگيون:
    6,890
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    ڌنڌو:
    انتظامي امور
    ماڳ:
    مڪو پاڪ
    دوستو، ڪجه ڏينهن اڳ مون هڪ زال جو خط موڪليو هو ۽ هي مڙس جو خط زال ڏانهن ...
    دوستو، هي پرديس ۾ رهندڙ هر ان ماڻهونءَ جا جذبا آهن ... جن جون خاندان ته ملڪ ۾ آهي ۽ پاڻ پرديس ۾ آهن ... پر تنهن هوندي به سڀ آڱريون برابر ناهن، ڪي زالون ۽ خاندان ته انتهائي صبر ۽ سمجهه وارا هوندا آهن ۽ هروڀرو پنهنجي پرديسي مائٽ کي تنگ نه ڪندا آهن ... پر انهن ماڻهن ۽ خاندانن جو انگ ڪجهه گهٽ آهي ... هڪ ٻي ڳالهه ته هي ترجمو آهي سو به اردو شاعريءَ مان سنڌي ڪئي اٿم ... شاعر ته آهيان ڪونه ... انڪري وزن جي گهٽتائي هوندي ... پر انکي معاف ڪري موضوع تي توجهه ڏيندا ته ڳالهه ڳڙ ٿيندي ...
    مهربانيون ...
    نثار ابڙو
    ________________________________________
    پرديسي مڙس جو خط زال ڏانهن؛

    تنهنجو خطِ محبت ڪلهه ملي ويو پياري،
    پڙهي لسٽ شين جي، جيرو سيڙو ويو پياري،

    ساڳيو تڪرار تحفن جو، ساڳيون فرمائشون سڀ جون،
    لکيون آهن خط ۾، ڄڻ دل کولي خواهشون سڀ جون،

    سڀ ڪجهه لکي ڇڏيوتو، جو ڪنهن لکايو آهي،
    هِن مائٽ هي گهرايو ۽ هُن مائٽ هي گهرايو آهي،

    ڪڏهن سوچيو به آهي تو، پئسا ڪيئن ڪمايانٿو؟
    قهر جي اس سهي مان ، وهنجي پگهر ۾ ڪمايانٿو،

    شايد ناهي معلوم توکي ، رهان ڪيئن هت ٿو مان؟
    کاڌي پيتي کي به گهٽ ڪري بچايان ٿو پئسا مان،

    پر تون ته فقط مٽن مائٽن جو ئي خيال رکين ٿي،
    لٽائي پنهنجو ئي گهر ، مائٽن کي خوش رکين ٿي،

    جي هجي ناڻو کيسي ۾، ستل مائٽ جاڳي پون ٿا،
    برو وقت جڏهن اچي ٿو، سڀ مائٽ ڀڄي وڃن ٿا،

    مان پهچان ته ويٺي ڏسجانءِ ، اصلي ڌاڙيلن کي،
    ڀاڪر پائي ملن ٿا ڪيئن؟ فصلي ڀَاڙُنُ کي،

    پهچي ويندا سڀ ، پنهنجي ڪوڙي محبت ۾،
    ايندا آهن جيئن فقير ، قلندر جي ميلي ۾،

    ان موقع پرستن کي، ڪوئي ڪيئن چوي،
    روپيا لڳندا ناهن ڪنهن ملڪ به، وڻن تي،

    چيو جو به تو، جانم! ، مون ڪيو آ،
    تنهنجي اڳين پوئن کي به، مون ڀريو آ،

    مونکي مسقط ۾ آئي هاڻ نائون ڏهون سال آ پياري،
    ديس کان ڏور ڪڏهن کان شڪسته حال آ پياري،

    پوءِ به تون هر وقت، ڪرين ٿي تڪرار اهو ئي،
    ڪريان ٻي ايگريمنٽ، ڪرين ٿي اصرار اهو ئي،

    هوس زر جي خدا ڄاڻي، ڪيڏانهن وٺي ويندي،
    خوشي گڏجي رهڻ جي، شايد ڪڏهن نه ايندي،

    چاهيان ٿو ته، ٻار به ڪن عزت منهنجي،
    ٿڪيل اچان ته، ڪن خدمت منهنجي،

    ٻار منهنجا ئي مونکان ، اڻڄاڻ رهنٿا،
    بابا چوڻ جي بجاء،ِ مامو جان چونٿا.

    الله جي واسطي جان منهنجي! ، جان آزاد ڪراءِ،
    منهنجي اولاد کي خدارا، منهنجي سڃاڻپ ڪراءِ،

    پاڻکي پاڻ ئي سهي، شيشي ۾ ته ڏس ڀلا،
    وارن ۾ ظاهر ٿيڻ واري، چاندي ته ڏس ڀلا،

    فراق هجر جي صدمي کي پٿر ٿي سهڻو پوي ٿو،
    سهاڳڻ هوندي به، توکي بيواه ٿي رهڻو پوي ٿو،

    ڍانچا ٿي ويا آهيون، هلڻ هاڻ ته مشڪل ٿي ويو آهي،
    ڪڏهن سون هئاسون، سرير هاڻ ته پتل ٿي ويو آهي،

    اها حالت ايئن رهي ته، هڪ ڏينهن اهڙو به ايندو،
    منهنجو لاش پياري، توکي هت مسقط مان ملندو،

    الله واسطي منهنجي جان، پنهنجي گهر کان پري نه رک،
    ٻن سالن جي ايگريمينٽ ڪرڻ لاءِ وڌيڪ زور نه رک،

    ڇڏ لٽائڻ دولت کي، هاڻ ڪجهه ڪفايت ڪرڻ به سک،
    گهڻو ڪجهه ٿي ويو آ، هاڻ ڪجه قنايت ڪرڻ به سک،

    دعا ڪجانءِ ته جلد رهائي هن بندي خاني کان ملي،
    سزا هن ملڪ بدريءَ کان، ديس جي زندگي ڪا ملي،
     
  2. ذيشان رشيد

    ذيشان رشيد Founder انتظامي رڪن منتظمِ اعلى

    شموليت:
    ‏19 مارچ 2009
    تحريرون:
    5,649
    ورتل پسنديدگيون:
    5,673
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    پرديسين جي اندر جا درد اهي ٿئي۔۔۔۔ hatt-pare هاڻي ئي واپس وربو
     
  3. عبدالوهاب

    عبدالوهاب
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏17 اپريل 2009
    تحريرون:
    4,157
    ورتل پسنديدگيون:
    268
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    443
    ڌنڌو:
    اسٽينو ٽائپسٽ
    ماڳ:
    ڪنڌڪوٽ
    asul mattasul mattasul mattasul matt
    shabash
    suhnan saan
     
  4. ڦلپوٽو فقير

    ڦلپوٽو فقير
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏27 اپريل 2009
    تحريرون:
    7,759
    ورتل پسنديدگيون:
    1,387
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    ماڳ:
    شڪارپور
    لاجواب ادا سائين
     
  5. نثارابڙو

    نثارابڙو
    نائب منتظم

    شموليت:
    ‏21 اپريل 2009
    تحريرون:
    8,321
    ورتل پسنديدگيون:
    6,890
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    ڌنڌو:
    انتظامي امور
    ماڳ:
    مڪو پاڪ
    ادا رشيد،
    حق موجود
    يار! ڀئو نه ڪر، جي خيال اٿي ٻاهر وڃڻ جو ته زمانو ايئن ڪري ٿو ... دوست جي ٻاهر وڃڻ جي تيارين ۾ آهن ... انهن لاءِ هڪ ڳالهه واضح ڪريان ته ديس کان پرديس وڃڻ سان ڪيترائي فائدا آهن ۽ ڪيترائي نقصان آهن ...
    فائدن ۾ وڏو فائدو ممڪن حد تائين پئسي جو آهي ... پر نقصان اڻڳڻيا آهن ... مثلن

     سماجي حيثيت جو نقصان
     دوستن جي دوستيءَ جو نقصان
     ٻوليءَ جي قرباني
     ڌرتيءَ جي سڪ جي شدت (حيف تنهي کي هوءِ وطن جن وساريو)
     آخر ۾ هڪ ڳالهه جا انتهائي اهم آهي سا آهي ٻاهرين ملڪ ۾ ڪمائڻ کانپوءِ ماڻهون پنهنجي ملڪ ۾ ڪمائڻ جهڙو ئي نه ٿو رهي ... انڪري جڏهن هو موٽڻ چاهي ٿو ته کيس پنهنجا پراوا سڀ منع ڪنٿا ۽ موٽي اچڻ واري کي بيوقوف ...
     وغير ه وغيره

    وري ساڳي ڳالهه پڻ ڪندس ته سڀ آڱريون برابر به ناهن ... ڪٿي ڪٿي ڳالهه ان جي ابتڙ به ٿي سگهي ٿي ... جو؛

    واڳ ڌڻيءَ وس، آءُ ڪا پاڻ وهيڻي ...!!!!

    رب اسانکي پنهنجي ڌرتيءَ کان جدا نه ڪري ۽ پنهنجي ڌرتيءَ تي ئي ايمان ۽ رزق حلال جا دروازا کولي ... آمين
     
  6. رنجيت

    رنجيت
    نئون رڪن

    شموليت:
    ‏21 جولائي 2009
    تحريرون:
    823
    ورتل پسنديدگيون:
    158
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    0
    ڌنڌو:
    ٽيڪنيڪل صلاحڪار ... فلمي تڙڪا پروڊڪشنس
    ماڳ:
    لقمان خيرپور پر هاڻي ممبئي
    واه ڀوتار مزو اچي ويو! مان به هتي پرديس ۾ آهيان
    مان ممبئي ۾ رهان ٿو مان ڊسمبر 2008 ۾ خيرپور ميرس سنڌ مان هتي آيو آهيان پر شڪر آهي جو منهنجي شادي ناهين ٿيل نه ته۔۔۔۔۔۔۔۔ اهي سور ڏسڻا پون هان
    واه جي شيئرنگ آهي
     
  7. علي ظفر

    علي ظفر
    نائب منتظم
    انتظامي رڪن

    شموليت:
    ‏19 مارچ 2009
    تحريرون:
    3,074
    ورتل پسنديدگيون:
    3,017
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    1,580
    ڌنڌو:
    بزنس
    ماڳ:
    حيدر آباد سنڌ
    سائين نثار اوهان جي شيئرنگ ڏسي ڪري مون کي مرحوم جلال جو ڪلام ياد اچي ويو

    پرديس هليو وئين پيارا تو لاء ويس ڪيا مون ڪارا ڙي هليا هلون ٻئي لڏي هي ظالم دنيا ڇڏي

    پر ادا هتي ته ڪم ئي ٻيو لڳو پيو آهي اسان جي جاء ئي ناهي تنهن ڪري اسان ڪنهن ڀت جي ڪنڊ جهلي ٿا ويهون
     

هن صفحي کي مشهور ڪريو