آئي رُت بهار جيجاني خاصخيلي سڄي سنڌ ۾ بهار جي رُت جا بادل برسڻ سان چؤڏس چاهت وارن چهرن تي محبتن جون مرڪون مهڪي پيون آهن. مارئي جي ملڪ ملير تي بهار جي تازين برساتن بهاريون ڪندي ماڳ مهڪائي ڇڏيا آهن. بهار جي دلڪش هوائن ۽ خوشبوءَ جي خمارن ۾ ٿر جون وارياسي ورهين کان اُڃايل ڀٽون مدهوش ٿي ويون آهن ته وري پيار جون پوڄاري ٿر جون سانوريون ڪارين ڪجلين اکڙين واريون سندر بانوريون مٿي تي محبت ڀريا مٽ کڻي ٽڪ ٻڌيو ٽولين جي صورت ۾ ٽهڪنديون ٻهڪنديون ڀٽن مٿي بهار ۾ ساٿ سهيلين سين روح رهاڻيون ڪندي رقص ڪري رهيون آهن. هيءَ بهار جي رُت جيڪا رُٺل روح جي راڻن کي ريجهائڻ جي لاءِ من اندر مانڌاڻ مچائيندي آهي ۽ گهلندڙ ٿڌيون ٿڌيون هيرون دلبرن جي دلربائن کي پيار، محبت ۽ سڪ ڀريا سنيها ڏيندي سڏي رهيون آهن. بهار جي رُت جيڪا جوڀن جوهه جوانيءَ جهڙي ديواني ۽ مستاني هوندي آهي ته من جي محبوب جي حسين ادائن جهڙي به هوندي آهي، سا پيار جي پانڌيئڙن ۽ محبت جا ميلا مچائيندڙن جي من جي محبوبا هوندي آهي. بهار جي مند ۾ گهاريل ٻالڪپڻ جا حسين ۽ رنگين ڏينهڙا جن ۾ بهار جي برسات ۾ تڙڳڻ، ترڪڻ ڊڪڻ ۽ فطري سونهن سرنهن گلن جي پيلاڻ جو ديدار ڪرڻ واريون اهي ماضيءَ جون محبت ڀريون يادون بدن ۾ ڪتڪتايون ڪڍي ڇڏينديون آهن ته وري وهندڙ وقت سان گڏ بهار ۾ گهاريل جوڀن جوهه جوانيءَ جا جوشيلا جذباتي پل جن ۾ دل جي دلبرن سان ڪيل دلربايون، محبوبن جا ماڻا، رسڻ، پرچڻ ۽ ڏينهن، رات پرهه ڦٽيءَ، سانورن شام جي پلن ۾ پرينءَ سان ڪيل قرب ڀريون ڪچهريون اڄ به هن بهار جي مدهوش هوائن ۾ يادون وڇوڙي جي واچوڙي ۾ وڪوڙي ڇڏينديون آهن. بهار تي لکيل هڪ گيت آهي ته: يادون ساريون يار ڳوٺن ۾ٿيندي آ ٿڌڪار ڳوٺن ۾هيل به آهي بهار ڳوٺن ۾هيل به آهي بهار ڳوٺن ۾ بهار جي بادلن جو ڏور آڪاش تان برسڻ ڄڻ روح جي رُٺل راڻن پيارن جو پرچڻ لڳندو آهي. بهار جون سانوريون شامون ۽ ٿڌي وِلهه من جيمحبوبن جي وڇوڙي جو درد ويتر وڌائيندي آهي ته انهيءَ ويل من اندر ۾ اها آس ۽ اميد جهنجهوڙيندي اُتساهيندي آهي ته سڀ دوريون مجبوريون دور ڪري دلبرن جي ڀاڪرن ۾ ڀرجي وڃجي. بهار جي بوندن رهڙيل روحن کي ريج ڏئي ڏکن کي ڏونگر بڻائي ڇڏيو آهي ۽ دلربائن جو ديدار ڪرڻ لاءِ دلبرن جون دانهون ۽ آهون ڪوئل جي ڪوڪارن ۾ گونجي رهيون آهن. عشق جي اڙانگن رستن جا راهي برسندڙ بوندن ۾ روئيندي رڙندي پرينءَ جو ديدار ڪرڻ لاءِ پل پل پڪاري رهيا آهن. جڏهن به بهار جي بادلن بوندون برسايون آهن، الائي ته ڇو انهيءَ ويل من جي محبوب جون محبت جي مئي سان خماريل نينهن ڀريا نيڻ ياد پون ٿا. جيئن شاعر جون سرجيل سٽون آهن ته: جڏهن ڪنهن به بادل ملهاريون وسايونالائي ڇو اوهان جون اکيون ياد آيون. بهار جي برساتن ۽ آڪاش تي سجايل ڪارن ڪڪرن فطري سونهن سان هن سونهن ڀريي ساري سنسار کي محبت جي مهڪ سان معطر ڪري ڇڏيو آهي. اڄ ٿر جون وارياسي ڀٽون، وڻ، ٽڻ، جهر جهنگ جبل ۽ ڌنار گيتن جي گفتار سان جهومي رهيا آهن ۽ گذريل ڪئين يادون ذهن تي آڻيندي هن بهار ۾ وڇڙي ويلن جي وڇوڙي ۾ وڍجي رهيا آهن. بهار جي رُت ۾ ڪڻڪ جي ساوڪ ۽ سرنهن گلن جي پيلاڻ فطرت جي سونهن ۾ مڙوئي سرس اضافو ڪري ڇڏيندي آهي ۽ چؤڏس چهرن تي چاهت جون چلولايون چمڪندي نظر اينديون آهن. جيئن هڪ گيت جي هنن سٽن ۾ سمايل آهي ته: ڪڻڪون نسريون سرنهن ڦلاريخوشبوءَ سان هر جاءِ والاريپئي آ چمڪي ٿر جي واريسپنن سان گڏ سار ڳوٺن ۾هيل به آهي بهار ڳوٺن ۾. جيئن بهار جي مند ۾ قرب جون ڪٺل ڪامڻيون راڻن جون رڻن ۾ روح سان راهون تڪيندي روئنديون رڙنديون آهن. تيئن راڻن جي روح ۾ پڻ قرب جي ڪٺل ڪامڻين جي لاءِ روڄ ۽ راڙو هوندو آهي ته شل شاهه ڀٽائي گهوٽ جي در تي هنيل صدا قبول پوي ۽ وڃي محبوبن جي ماڳ محبوبن سان گڏجي محبت جي مئي مان پيار جا پيالا ڀري ڀري چاهت جون چُسڪيون هڻي مدهوش ٿي وڃجي. جيئن گيت جو هڪ ٻيو بند آهي ته: لاهيون چاڙهيون دڳ سياڻاپيار پويتر پاڪ پراڻاتون به هلي آ روح جا راڻامحبت جي مهڪار ڳوٺن ۾هيل به آهي بهار ڳوٺن ۾ بهار ي رُت خاص طور تي شاعرن جي پسنديده رُت هوندي آهي. هر شاعر پنهنجي محبوب، ڌرتي، وڻن، ٽڻن ۽ پکي پکڻن سان پنهنجي تخليق ۾ سٽون سرجي پيار ۽ محبت جي انتها عقيدت جو اظهار ڪندي ڀيٽائون ڏئي ٿو. عشق جي آڳ ۾ جلندڙ پتنگ ۽ پروانه دنيا جو هر درد سهي ويندا آهن. پر محبوبن جي جدائي جا جلوه نه کين جيئڻ ڏيندا آهن ۽ مرڻ ڏيندا آهن. ڇو ته نينهن جا ناتا نازڪ هجڻ سان گڏوگڏ پيار ۾ پڄري پٿر به بڻجي ويندا آهن. هن بهار جي مند ۾ برهه جا ماريل بادل محبت جون بوندون برسائي ٿر جي محبوب ڀٽن جي اُڃ اجهائيندا آهن ۽ سڄي ٿر کي محبت جي مهڪ جو واس وٺرائي ڇڏيندا آهن. اهڙيءَ مند ملهار ۾ ٿر جون سندريون هار سينگار ڪري پنهنجي حُسن تي پاڻ ئي حيران ٿينديون آهن ۽ پنهنجي سندرتا جي جلون تي ناز ڪندي ڀٽن مٿي رقص ڪنديون آهن. هن گيت جون جيئن هي سٽون آهن ته: گهاگهر گهڙا، چيلهه چولهين تيتجلا ها ڪي ٽڪ ٽولين تيٽهڪن ٻهڪن ڄڻ هولين تيسادا ڪن سينگار ڳوٺن ۾هيل به آهي بهار ڳوٺن ۾هيل به آهي بهار ڳوٺن ۾. ۽ بهار جي مند تي شاعر حليم باغي جون سرجيل هي سٽون ڪيڏيون نه دل کي چڀندڙ آهن. اڙي شهر جانان، ڪي تنهنجون سنڀارونڪنهن شاعر جون گذريون، هتي پنج بهارون. روزانه عبرت تان ورتل
جواب: آئي رُت بهار جي جنهن موسم جو نالو ئي بهار آهي ته بس پوءِ باقي ڇا چئجي، بهار لفظ چوڻ ئي پنهنجي جاءِ تي خوشحالي، آسودگي، سر سبز ۽ گلن ٻوٽن جو تصور ذهن ۾ اڀرندو آهي ۔۔۔ پکي پکڻ، جانور ۽ انسان پن مستيءَ ۾ اچيو وڃن ۽ هر شئي تي ڄڻ جواني اچي وئي هجي ۔۔۔ جاني خاصلخيليءَ جو نالو جاني مجازي هجڻ گهرجي جو سندس قلم جي ڪاوش مان اهڙو سهڻو ليک سرجيو آهي۔ لک ٿورا دوست وساڻ ۔۔۔ پاڻ ته بهارن جي موسم ۾ به خزان جي پتا ڇڻ سان ويٺا منهن ڏيون ۔۔۔ ديس ۽ دلبر کان ڏور ڪهڙو بهار ۽ ڪهڙي گلزاري ۔۔۔ ۔۔۔ هاءِ هاءِ يه مجبوري يه موسم اور يه دوري ۔۔۔تيري دو ٽڪيان دي نوڪري، ميرا لاکهون ڪا ساون جائي ۔۔۔
جواب: آئي رُت بهار جي مهرباني سائين نثار مونکي اوهان جي جذبن جو احساس آهي ۽ اوهان جي دل جي رفتار کان به ڀليء ڀت واقف آهيان، تنهنڪري ئي مون شاعري ونڊ ڪرڻ ڇڏي ڏني آهي۔ پر مارچ جو مهينو به ته اهڙو آهي جنهن ۾ جذبن کي قيد ڪري نه ٿو سگهجي ۽ دل به پنهنجي ڪنٽرول ۾ نه ٿي رهي۔ دعا آهي ته اهڙا ڏينهن اچن جو سنڌ جو سڪار سڀني کي ڇڪي واپس وٺي اچي۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔ موٽِي مانڊاڻِ جِي، واري ڪَيائِين وارَ؛ وِڄُون وَسَڻ آئِيُون، چَؤڏِس ۽ چَوڌارِ، ڪي اُٿِي ويئِيُون اِسِتَنبولَ ڏي، ڪي مَڻِـيُون مَغرَبَ پارَ؛ ڪي چِمِڪَنِ چِينَ تي، ڪي لَهَنِ سَمَرِقَندِيُنِ سارَ؛ ڪي رَمِي ويئِيُون رومَ تي، ڪي ڪابُلَ، ڪي قَنڌارَ؛ ڪي دَھلِيءَ، ڪي دَکَنِ، ڪي گُڙَنِ مَٿي گِرِنارَ؛ ڪَنھِين جُنبِي جيسَلمِيرَ تان، ڏنا بيڪانِير بَڪارَ؛ ڪَنھِين ڀُڄُ ڀِڄائِيو، ڪَنھِين ڍَٽَ مَٿي ڍارَ؛ ڪَنھِين اَچي اَمرَ ڪوٽَ تان، وَسايا وَلھارَ؛ سانئِيَمِ! سَدائِين ڪَرِين، مَٿي سِنڌُ سُڪارَ؛ دوسَت! مِٺا دِلدارَ، عالَمُ سَڀِ آبادِ ڪَرِين.
جواب: آئي رُت بهار جي ادا سليمان اسلام عليڪم ۔بهترين موسم جو بهترين الفاظن سان جاني خاصخيلي جو هڪ ليک کي فورم جي زينت بنائڻ تي توهان جا تمام گهڻا ٿورا۔هن ليک کي پڙهڻ کانپوء ايئن محسوس ٿيو ته من اندر بهار اچي ويئي۔جڏهن اڄ صبح جو فجر جي نماز کان پوء مسجد کان واپس گهر جي طرف ايندي رستي تي بيٺل وڻن ۽ گلن جي ٻوٽن تي نظر پئي ته هو خمارسان گڏ تازگي جو هڪ تمام گهڻو وڻندڙ احساس ڏياري رهيا هئا ۽ هُو اسان کي نئين جوش ۽ ولولي سان پنهنجا فرائض انجام ڏيڻ جو هڪ خاموش سبق ڏئي رهيا هئا۔ڇاڪاڻ اسان جي پيدائش به مارچ مهيني جي آهي انڪري ٿي سگهي ٿو ته ان احساس کي اسان وڌيڪ محسوس ڪندا هجون۔ادا نثار ابڙو جو بهار جي موسم ۾ پنهنجي ڌرتي کان دور رهڻ جو ڏک پنهنجي جاء تي هڪ وڏي معني رکي ٿو۔پر ادا کي اسان يقين ٿا ڏياريون ته جڏهن هو پنهنجي ڌرتي تي واپس ايندا ته اسان سڀ هن فورم جا ميمبر جيڪو موسم هوندو انکي پنهنجي محبتن سان بهار ۾ تبديل ڪري ڇڏينداسين۔انشاالله ۔
جواب: آئي رُت بهار جي بهار ..... هن رت لاءِ منهنجا دلي جذبات بيان ڪرڻ لاءِ مون وٽ ته لفظ ئي ناهن .............تمام بهترين ليک دوست.
جواب: آئي رُت بهار جي واه واه تمام سهڻا خيال بهار جي مند، سنڌ جي منظرن جي منظرڪشي پڙهي دل باغ بهار ٿي وئي۔
وري بهار آيو آهي ۽ وري هي مضمون، ياد پيو ۔۔۔ بهار جو هڪ هفتو ڳوٺ ۾ گذاري آيس ۔۔۔۔۔۔ الائي ڇو سرنهن جي ڦولار ۽ وسندڙ مينهن جي ڦڙين ۾ پاڻ کي گهڻي وقت کانپوء آزاد ۽ کليل محسوس ڪيم ۔۔۔۔ پوء اياز جون هي سٽون ياد اچي ويون: ڀلي ڏي نه ورندي، تمنّا نه ويندي پَئي دل اسان جي اوهان کي سڏيندي بهار آيو آهي، اگر تون به آئين گلن سان محبت به جھولي ڀريندي سدا تنهنجو حسن و حيا ياد ايندو وري دل نه ٻي ڪا به مکڙي پٽيندي وري تنهنجي در تي “اياز” آيو آهي سندس اک نه ٻي ڪا به چانئٺ چميندي شال هي بهار جي مند سموري سنڌ واسين لاء خوشيون کڻي اچي ۽ اسان جا پرديس ويل سڄڻ به واپس ورن ۔۔۔ پوء ڀلي نثارابڙو ئي ڇو نه هجي۔
الله پاڪ پاران هي مندون ۽ موسمون اسان لا تحفو آهن انهن مندن جي مناسبت سان اسان جا اهي احساس جن وسيلي اسان پنهنجي زندگي کي سهڻو ۽ پُر لطف بڻائي جيئون ٿا ۽ انهن ئي موسمن جي وسيلي اسان پنهنجي مزاج ۾ تبديليون پڻ محسوس ڪيون ٿا۔۔ اسان ڪيڏا نه خوش نصيب آهيون جو انهن مندن جي مزي کا ماڻن لا پنهنجن ڳوٺن ۾ قدرت جا اهي حقيقي رنگ پسي سگهون ٿا۔ پنهنجن ٻنين ٻارن ۾ اڄ جتي ڪڻڪ ۽ سرنهن جو پيلي ڦولار قدرت جي سونهن کي نروار ڪيون بيٺي ته اتي هن مند سان سلهاڙيل اسان جون يادون پڻ اکين اڳيان اچي ويون آهن۔۔ شل محبتون قائم رهن، شل سنڌ آباد رهي ، شل هي بهار ، اونهارو ، سر سيارو سنڌ جي ڌرتي کي سونهن بخشيندو رهي۔۔۔نهايت بهترين ليک ۔۔۔
ادا سليمان وساڻ صاحب السلام عليڪم۔ بهترين چترڪاري سان خوبصورت احساسن تي مشتمل شاعري ( قاضي منظر حيات) جن جي هن اڱڻ جي ڪينئوس تي چٽي اسان جي دلين ۾ تازگي جو لهر اوهان پکڙي ڇڏي۔