آئي رُت بهار جي
جاني خاصخيلي

سڄي سنڌ ۾ بهار جي رُت جا بادل برسڻ سان چؤڏس چاهت وارن چهرن تي محبتن جون مرڪون مهڪي پيون آهن. مارئي جي ملڪ ملير تي بهار جي تازين برساتن بهاريون ڪندي ماڳ مهڪائي ڇڏيا آهن. بهار جي دلڪش هوائن ۽ خوشبوءَ جي خمارن ۾ ٿر جون وارياسي ورهين کان اُڃايل ڀٽون مدهوش ٿي ويون آهن ته وري پيار جون پوڄاري ٿر جون سانوريون ڪارين ڪجلين اکڙين واريون سندر بانوريون مٿي تي محبت ڀريا مٽ کڻي ٽڪ ٻڌيو ٽولين جي صورت ۾ ٽهڪنديون ٻهڪنديون ڀٽن مٿي بهار ۾ ساٿ سهيلين سين روح رهاڻيون ڪندي رقص ڪري رهيون آهن. هيءَ بهار جي رُت جيڪا رُٺل روح جي راڻن کي ريجهائڻ جي لاءِ من اندر مانڌاڻ مچائيندي آهي ۽ گهلندڙ ٿڌيون ٿڌيون هيرون دلبرن جي دلربائن کي پيار، محبت ۽ سڪ ڀريا سنيها ڏيندي سڏي رهيون آهن. بهار جي رُت جيڪا جوڀن جوهه جوانيءَ جهڙي ديواني ۽ مستاني هوندي آهي ته من جي محبوب جي حسين ادائن جهڙي به هوندي آهي، سا پيار جي پانڌيئڙن ۽ محبت جا ميلا مچائيندڙن جي من جي محبوبا هوندي آهي.
بهار جي مند ۾ گهاريل ٻالڪپڻ جا حسين ۽ رنگين ڏينهڙا جن ۾ بهار جي برسات ۾ تڙڳڻ، ترڪڻ ڊڪڻ ۽ فطري سونهن سرنهن گلن جي پيلاڻ جو ديدار ڪرڻ واريون اهي ماضيءَ جون محبت ڀريون يادون بدن ۾ ڪتڪتايون ڪڍي ڇڏينديون آهن ته وري وهندڙ وقت سان گڏ بهار ۾ گهاريل جوڀن جوهه جوانيءَ جا جوشيلا جذباتي پل جن ۾ دل جي دلبرن سان ڪيل دلربايون، محبوبن جا ماڻا، رسڻ، پرچڻ ۽ ڏينهن، رات پرهه ڦٽيءَ، سانورن شام جي پلن ۾ پرينءَ سان ڪيل قرب ڀريون ڪچهريون اڄ به هن بهار جي مدهوش هوائن ۾ يادون وڇوڙي جي واچوڙي ۾ وڪوڙي ڇڏينديون آهن. بهار تي لکيل هڪ گيت آهي ته:
يادون ساريون يار ڳوٺن ۾
ٿيندي آ ٿڌڪار ڳوٺن ۾
هيل به آهي بهار ڳوٺن ۾
هيل به آهي بهار ڳوٺن ۾
بهار جي بادلن جو ڏور آڪاش تان برسڻ ڄڻ روح جي رُٺل راڻن پيارن جو پرچڻ لڳندو آهي. بهار جون سانوريون شامون ۽ ٿڌي وِلهه من جيمحبوبن جي وڇوڙي جو درد ويتر وڌائيندي آهي ته انهيءَ ويل من اندر ۾ اها آس ۽ اميد جهنجهوڙيندي اُتساهيندي آهي ته سڀ دوريون مجبوريون دور ڪري دلبرن جي ڀاڪرن ۾ ڀرجي وڃجي. بهار جي بوندن رهڙيل روحن کي ريج ڏئي ڏکن کي ڏونگر بڻائي ڇڏيو آهي ۽ دلربائن جو ديدار ڪرڻ لاءِ دلبرن جون دانهون ۽ آهون ڪوئل جي ڪوڪارن ۾ گونجي رهيون آهن. عشق جي اڙانگن رستن جا راهي برسندڙ بوندن ۾ روئيندي رڙندي پرينءَ جو ديدار ڪرڻ لاءِ پل پل پڪاري رهيا آهن. جڏهن به بهار جي بادلن بوندون برسايون آهن، الائي ته ڇو انهيءَ ويل من جي محبوب جون محبت جي مئي سان خماريل نينهن ڀريا نيڻ ياد پون ٿا. جيئن شاعر جون سرجيل سٽون آهن ته:
جڏهن ڪنهن به بادل ملهاريون وسايون
الائي ڇو اوهان جون اکيون ياد آيون.
بهار جي برساتن ۽ آڪاش تي سجايل ڪارن ڪڪرن فطري سونهن سان هن سونهن ڀريي ساري سنسار کي محبت جي مهڪ سان معطر ڪري ڇڏيو آهي. اڄ ٿر جون وارياسي ڀٽون، وڻ، ٽڻ، جهر جهنگ جبل ۽ ڌنار گيتن جي گفتار سان جهومي رهيا آهن ۽ گذريل ڪئين يادون ذهن تي آڻيندي هن بهار ۾ وڇڙي ويلن جي وڇوڙي ۾ وڍجي رهيا آهن. بهار جي رُت ۾ ڪڻڪ جي ساوڪ ۽ سرنهن گلن جي پيلاڻ فطرت جي سونهن ۾ مڙوئي سرس اضافو ڪري ڇڏيندي آهي ۽ چؤڏس چهرن تي چاهت جون چلولايون چمڪندي نظر اينديون آهن. جيئن هڪ گيت جي هنن سٽن ۾ سمايل آهي ته:
ڪڻڪون نسريون سرنهن ڦلاري
خوشبوءَ سان هر جاءِ والاري
پئي آ چمڪي ٿر جي واري
سپنن سان گڏ سار ڳوٺن ۾
هيل به آهي بهار ڳوٺن ۾.
جيئن بهار جي مند ۾ قرب جون ڪٺل ڪامڻيون راڻن جون رڻن ۾ روح سان راهون تڪيندي روئنديون رڙنديون آهن. تيئن راڻن جي روح ۾ پڻ قرب جي ڪٺل ڪامڻين جي لاءِ روڄ ۽ راڙو هوندو آهي ته شل شاهه ڀٽائي گهوٽ جي در تي هنيل صدا قبول پوي ۽ وڃي محبوبن جي ماڳ محبوبن سان گڏجي محبت جي مئي مان پيار جا پيالا ڀري ڀري چاهت جون چُسڪيون هڻي مدهوش ٿي وڃجي. جيئن گيت جو هڪ ٻيو بند آهي ته:
لاهيون چاڙهيون دڳ سياڻا
پيار پويتر پاڪ پراڻا
تون به هلي آ روح جا راڻا
محبت جي مهڪار ڳوٺن ۾
هيل به آهي بهار ڳوٺن ۾
بهار ي رُت خاص طور تي شاعرن جي پسنديده رُت هوندي آهي. هر شاعر پنهنجي محبوب، ڌرتي، وڻن، ٽڻن ۽ پکي پکڻن سان پنهنجي تخليق ۾ سٽون سرجي پيار ۽ محبت جي انتها عقيدت جو اظهار ڪندي ڀيٽائون ڏئي ٿو. عشق جي آڳ ۾ جلندڙ پتنگ ۽ پروانه دنيا جو هر درد سهي ويندا آهن. پر محبوبن جي جدائي جا جلوه نه کين جيئڻ ڏيندا آهن ۽ مرڻ ڏيندا آهن. ڇو ته نينهن جا ناتا نازڪ هجڻ سان گڏوگڏ پيار ۾ پڄري پٿر به بڻجي ويندا آهن. هن بهار جي مند ۾ برهه جا ماريل بادل محبت جون بوندون برسائي ٿر جي محبوب ڀٽن جي اُڃ اجهائيندا آهن ۽ سڄي ٿر کي محبت جي مهڪ جو واس وٺرائي ڇڏيندا آهن. اهڙيءَ مند ملهار ۾ ٿر جون سندريون هار سينگار ڪري پنهنجي حُسن تي پاڻ ئي حيران ٿينديون آهن ۽ پنهنجي سندرتا جي جلون تي ناز ڪندي ڀٽن مٿي رقص ڪنديون آهن. هن گيت جون جيئن هي سٽون آهن ته:
گهاگهر گهڙا، چيلهه چولهين تي
تجلا ها ڪي ٽڪ ٽولين تي
ٽهڪن ٻهڪن ڄڻ هولين تي
سادا ڪن سينگار ڳوٺن ۾
هيل به آهي بهار ڳوٺن ۾
هيل به آهي بهار ڳوٺن ۾.
۽ بهار جي مند تي شاعر حليم باغي جون سرجيل هي سٽون ڪيڏيون نه دل کي چڀندڙ آهن.
اڙي شهر جانان، ڪي تنهنجون سنڀارون
ڪنهن شاعر جون گذريون، هتي پنج بهارون.

روزانه عبرت تان ورتل