• ڇا توھان کان سنڌ سلامت جو پاسورڊ وسري ويو آھي..؟
    ھيٺ ڏنل بٽڻ تي ڪلڪ ڪري پنھنجي اي ميل واٽس ايپ ذريعي موڪليو. .انتظامي رڪن توھان جي پاسورڊ کي ري سيٽ ڪري توھان کي اطلاع موڪليندا. لک لائق..!

    واٽس ايپ ذريعي

دلشان جي بهترين ڪارڪردگي سبب سريلنڪا جي زمبابوي خلاف آسان فتح

سليمان وساڻ

مينيجنگ ايڊيٽر
انتظامي رڪن
لائيبريرين
ورلڊ ڪپ 2011 جي ڪالهوڪي کيڏيل ميچ ۾ سريلنڪن اوپنرز جي شاندار بئٽنگ ۽ خاص ڪري دلشان جي آل رائونڊ ڪارڪردگي سبب سريلنڪا جي ٽيم پنهنجي ڪمزور حريف زمبابوي کي شڪست ڏئي ڇڏي۔ پهريان کيڏندي سريلنڪن اوپنرز زبردست بئٽنگ ڪئي ۽ 45 اورز ۾ 282 رنسن جي پارٽنرشپ ٺاهي۔ اوپل ٿرانگا 133 ۽ تلڪارتني دلشان 144 رنسون ٺاهي آئوٽ ٿيا۔ جيتوڻيڪ اسڪور جي تيزي ۾ سريلنڪا جون 6 وڪيٽون صرف 26 رنسن تي ڪري پيون پر پوء به 50 اورز ۾ هنن 327 رنسون ٺاهيون۔ زمبابوي پاران پهرين وڪيٽ ٽن ڪلاڪن کانپوء 45 اوور ۾‌حاصل ڪئي وئي۔ زمبابوي جي ڪرس مافو 4 وڪيٽون حاصل ڪيون۔

جواب ۾ زمبابوي اوپنرن به بهتر راند پيش ڪئي ۽ 116 رنسن جي شراڪت قائم ڪئي پر پوء مرليڌرن ۽ دلشان جي بهترين بالنگ اڳيان پوري ٽيم 39 هين اوور ۾ 188 رنسن تي آئوٽ ٿي وئي۔ زمبابوي پاران اوپنر برينڊن ٽيلر 88 رنسون ٺاهيون۔ سريلنڪا جي دلشان 4 ۽ مرلي 3 وڪيٽون حاصل ڪيون۔
اڄوڪي ميچ جو هيرو تليڪا رتني دلشان

2zejzwy.jpg



http://www.youtube.com/watch?v=pAiHzC8FC5U
 
Back
Top