دلشان جي بهترين ڪارڪردگي سبب سريلنڪا جي زمبابوي خلاف آسان فتح

'سنڌ سلامت سپورٽس' فورم ۾ سليمان وساڻ طرفان آندل موضوعَ ‏11 مارچ 2011۔

  1. سليمان وساڻ

    سليمان وساڻ
    مينيجنگ ايڊيٽر
    انتظامي رڪن لائيبريرين

    شموليت:
    ‏6 آڪٽوبر 2009
    تحريرون:
    16,938
    ورتل پسنديدگيون:
    27,305
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    ماڳ:
    سچل ڳوٺ ، ڪراچي
    [JUSTIFY]ورلڊ ڪپ 2011 جي ڪالهوڪي کيڏيل ميچ ۾ سريلنڪن اوپنرز جي شاندار بئٽنگ ۽ خاص ڪري دلشان جي آل رائونڊ ڪارڪردگي سبب سريلنڪا جي ٽيم پنهنجي ڪمزور حريف زمبابوي کي شڪست ڏئي ڇڏي۔ پهريان کيڏندي سريلنڪن اوپنرز زبردست بئٽنگ ڪئي ۽ 45 اورز ۾ 282 رنسن جي پارٽنرشپ ٺاهي۔ اوپل ٿرانگا 133 ۽ تلڪارتني دلشان 144 رنسون ٺاهي آئوٽ ٿيا۔ جيتوڻيڪ اسڪور جي تيزي ۾ سريلنڪا جون 6 وڪيٽون صرف 26 رنسن تي ڪري پيون پر پوء به 50 اورز ۾ هنن 327 رنسون ٺاهيون۔ زمبابوي پاران پهرين وڪيٽ ٽن ڪلاڪن کانپوء 45 اوور ۾‌حاصل ڪئي وئي۔ زمبابوي جي ڪرس مافو 4 وڪيٽون حاصل ڪيون۔

    جواب ۾ زمبابوي اوپنرن به بهتر راند پيش ڪئي ۽ 116 رنسن جي شراڪت قائم ڪئي پر پوء مرليڌرن ۽ دلشان جي بهترين بالنگ اڳيان پوري ٽيم 39 هين اوور ۾ 188 رنسن تي آئوٽ ٿي وئي۔ زمبابوي پاران اوپنر برينڊن ٽيلر 88 رنسون ٺاهيون۔ سريلنڪا جي دلشان 4 ۽ مرلي 3 وڪيٽون حاصل ڪيون۔
    [/JUSTIFY]
    اڄوڪي ميچ جو هيرو تليڪا رتني دلشان

    [​IMG]


    http://www.youtube.com/watch?v=pAiHzC8FC5U
     

هن صفحي کي مشهور ڪريو