سنڌي ٻولي جي سرموڙ شاعر سائين امداد حُسيني کي جنم ڏينهن مُبارڪ هُجي

'جنم مبارڪ' فورم ۾ نثارناز طرفان آندل موضوعَ ‏11 مارچ 2011۔

  1. نثارناز

    نثارناز
    نئون رڪن

    شموليت:
    ‏14 اپريل 2009
    تحريرون:
    3,259
    ورتل پسنديدگيون:
    744
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    0
    ماڳ:
    بهراڻي محلو ٽنڊو محمد خان سنڌ پاڪستان
    پيارا دوستو نيٽ گردي ڪندي ڪندي خبر پئي ته ڪالهه سنڌي ٻولي جي سدا ملوڪ ۽ جوان جذبن جي مالڪ شاعر سائين امداد حُسيني صاحب جو جنم ڏينهن هُو ان سلسلي ۾ ادا محمد سليمان وساڻ انتهائي ايڪٽو هوندو آهي، هن هميشهه سنڌ جي سرواڻ شخصيتن جا جنم ڏينهن سنڌ سلامت تي تمام خوبصورت ۽ مانائتي انداز سان ملهايا آهن هيل خبر ناهي ڇو ادا محمد سليمان وساڻ سائين امداد حُسيني جي جنم ڏينهن کي وساري ويٺو يا ٿي سگهي ٿو ڪنهن ٻي شعبي ۾ سائين امداد حُسيني جي سالگره جون واڌايون ساري دنيا جي سنڌين سان ونڊ ڪيون هُجن خير مون ٽي درجي واري شاعر اجهو هن ريت سائين امداد حُسيني کي سندن جنم ڏينهن جون واڌايون ڏنيون آهن، ته سائين توهان اسان جي سنڌ جو شان آهيو، شال سدائين جُڙيا هُجو آمين هيپي برٿ ڊي ٽو يو سائين ۔ دوستو توهان ڇو خاموش آهيو، ٿي وڃي نه
    هيپي برٿ ڊي ٽو يو سائين امداد حُسيني​



    [​IMG]
     
  2. سليمان وساڻ

    سليمان وساڻ
    مينيجنگ ايڊيٽر
    انتظامي رڪن لائيبريرين

    شموليت:
    ‏6 آڪٽوبر 2009
    تحريرون:
    16,938
    ورتل پسنديدگيون:
    27,305
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    ماڳ:
    سچل ڳوٺ ، ڪراچي
    جواب: سنڌي ٻولي جي سرموڙ شاعر سائين امداد حُسيني کي جنم ڏينهن مُبارڪ هُجي

    سائين نثار ناز سلام

    ڪوشش ڪندو آهيان ته سنڌ جي هر مهان شخصيت يا سنڌ سلامت جي دوستن جي سالگره يا خاص ڏينهن تي کين سلام پيش ڪيان پوء به ڪڏهن ڪڏهن مصروفيت يا ڪمپيوٽر جي گوهيء سبب ناڪام به ٿيندو آهيان۔

    سائين امداد حسينيء جي جنم ڏينهن کي ڪيئن وساربو !!!! پر ڪاله ڏينهن جو مصروف هجڻ سبب مان رات جو ويهي اهو ٿريڊ سنڌ سلامت تي پوسٽ ڪري ڇڏيو هو۔ اها ٻي ڳاله آهي ته سائين نثار ناز سنڌ سلامت کان وڌيڪ فيس بوڪ تي ملندو آهي۔ امداد حسينيء جي شخصيت تي ڪالهوڪي لکيل ليک لاء هت ڪلڪ ڪري پڙهي سگهو ٿا۔
     
  3. نثارناز

    نثارناز
    نئون رڪن

    شموليت:
    ‏14 اپريل 2009
    تحريرون:
    3,259
    ورتل پسنديدگيون:
    744
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    0
    ماڳ:
    بهراڻي محلو ٽنڊو محمد خان سنڌ پاڪستان
    جواب: سنڌي ٻولي جي سرموڙ شاعر سائين امداد حُسيني کي جنم ڏينهن مُبارڪ هُجي

    مٺا توهان جي جذبن کي سلام، توهان جي همت کي سلام، پر يار مان فيس بوڪ تي هُجان يا سنڌ سلامت تي هُجان پر منهنجو مرڻ جيئڻ صرف سنڌ سلامت سان ئي آهي اها ڳالهه ڇو ٿو وسارين، پر يار محمد سليمان وساڻ بس صرف سائين امداد حُسيني کي جنم ڏينهن جون واڌايون ڏيو ته مون ٽي درجي واري شاعر جو مان رهجي ويندو۔لک لائق۔
     
  4. سليمان وساڻ

    سليمان وساڻ
    مينيجنگ ايڊيٽر
    انتظامي رڪن لائيبريرين

    شموليت:
    ‏6 آڪٽوبر 2009
    تحريرون:
    16,938
    ورتل پسنديدگيون:
    27,305
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    ماڳ:
    سچل ڳوٺ ، ڪراچي
    جواب: سنڌي ٻولي جي سرموڙ شاعر سائين امداد حُسيني کي جنم ڏينهن مُبارڪ هُجي

    سائين نثار ناز مهربانيون

    مان اها ڳاله بلڪل چڱيء طرح ڄاڻان ٿو ته نثار ناز جتي به هوندو آهي ته اتي سنڌ سلامت جو نعرو موجود هوندو آهي پر سائين اسان جا دوست اوهان جي حوصلا افزائي جي انتظار ۾ هوندا آهن ۔۔۔۔۔ خاص ڪري نوان شاعر جن کي اوهان جي رهنمائيء جي ضرورت آهي۔

    اوهان جي مصروفيتن جو به اندازو آهي پر پوء به دل چوندي آهي ته اوهان هر روز سنڌ سلامت تي ڦيرو هڻو ۽ نوجوان شاعرن جي رهنمائي ڪيو۔

    امداد حسيني کي منهنجي پاران کوڙ ساريون جنم ڏينهن جون واڌايون مان معذرت ٿو ڪيان جو مان سائين لاء پنهنجي پاران ۽ سنڌ سلامت پاران ڪو واڌاين جو ڪارڊ ڪونه ٺاهي سگهيس۔
     

هن صفحي کي مشهور ڪريو