جاپان ۾ خطرناڪ زلزلو

  • موضوع موڪليندڙ موضوع موڪليندڙ مست
  • شروعاتي تاريخ شروعاتي تاريخ

مست

سينيئر رڪن
جاپان ۾ 8۔8 جي شدت سان خطرناڪ زلزلو آيو آهي، جنهن سان عمارتون لڏي ويون ۽ ان سان گڏ سونامي جي وارننگ پڻ‌جاري ڪئي وئي آهي۔۔ زلزلي جو مرڪز گاديءَ جي شهر ٽوڪيو کان 382 ڪلوميٽر پرتي هو۔ زلزلي کان پوءِ‌ ڪيترين ئي عمارتن ۾ باهه لڳي وئي ۽ ماڻهو خوف وچان پنهنجي گهرن ۾ ٻاهر نڪري آيا آهن۔۔۔

earthquakes-in-japan.jpg
 
جواب: جاپان ۾ خطرناڪ زلزلو

استغفر الله ربي و اتوب اليه
ادا اسد ڪيتو نقصان ٿيو ان جو اعلان به ٿيو آهي يا نه ؟ بلڊنگن جي ڪرڻ مان ته لڳي ٿو ته نقصان تمام گهڻو ٿيو هوندو
دعا آهي ته الله تعالي سڀ جهان جي پهنجي پناه ۾ رکي
 
جواب: جاپان ۾ خطرناڪ زلزلو

يا رب پنهنجو ڪرم ڪر پوري جهان کي پنهنجي ڪرم سان محفوظ رک . لڱ ڪانڊاريندڙ منظر آهي الله جي پناه .
 
جواب: جاپان ۾ خطرناڪ زلزلو

ادا نقصان اڃان جاري آهن
هينئر تائين جي اطلاعن مطابق گهٽ ۾ گهٽ 350 ماڻهو مارجي چڪا آهن، 4 ايٽمي بجلي گهر نقصان جي ڪري تباهه ٿي چڪا آهن، هڪ آئل فيلڊ‌ ۾ باهه لڳڻ‌جي ڪري تمام گهڻو نقصان ٿيو آهي۔۔ ڪيتريون جڳهون ته زلزلي جي ڪري ئي ڪري پيون پر پاڻي جي تيز لهرن سبب گاڏيون، عمارتون، جهاز پاڻيءَ‌ ۾ لڙهندا نظر آيا۔۔۔
 
جواب: جاپان ۾ خطرناڪ زلزلو

الله سائين خير ڪري.........زلزلو تمام خطرناڪ هو.......جيڪو ٽيڪٽانڪ پليٽس جي پنهنجي جـڳهه تان 2 ،3 ميٽر رسڪي وڃڻ جي ڪري آيو....۽ خبرن جي مطابق ٻيهر زلزلي جو خطرو اڃان تائين موجود آهي بس دعا گھرو الله سائين کان.
 
Back
Top