• ڇا توھان کان سنڌ سلامت جو پاسورڊ وسري ويو آھي..؟
    ھيٺ ڏنل بٽڻ تي ڪلڪ ڪري پنھنجي اي ميل واٽس ايپ ذريعي موڪليو. .انتظامي رڪن توھان جي پاسورڊ کي ري سيٽ ڪري توھان کي اطلاع موڪليندا. لک لائق..!

    واٽس ايپ ذريعي

مرزا ۽ مشاهدالله ٽي وي پروگرام کي ميدان جنگ بڻائي ڇڏيو، منهن ماري، ڌمڪيون

ڦلپوٽو فقير

سينيئر رڪن
نواز ليگ جي اڳواڻ مشاهدالله خان ۽ سنڌ جي گهرو وزير ڊاڪٽر ذوالفقار مرزا وچ ۾ جسٽس (ر) ديدار حسين شاهه جي نيب چيئرمين طور برطرفي جي معاملي تي هڪ ٽي وي پروگرام ۾ منهن ماري ٿي، ٻنهي اڳواڻن هڪٻئي کي گهٽ وڌ ڳالهايو ۽ سنگين نتيجن جون ڌمڪيون پڻ ڏنيون. ڊاڪٽر ذوالفقار مرزا چيو ته لاش رڳو سنڌ کي ڏنا ويندا آهن. ديدار شاهه سان سنڌي هجڻ ناتي زيادتي ٿيڻ نه ڏني ويندي. اسان پاڪستان بچائڻ وارا آهيون. ديدار شاهه کي هٽائڻ خلاف سڄي ملڪ ۾ احتجاج ڪيو ويندو. ان موقعي تي نواز ليگ اڳواڻ مشاهدالله چيو ته سڄو ملڪ ذوالفقار مرزا کي سڃاڻيندو آهي.


روزانه عوامي آواز جي ٿورن سان
 
جواب: مرزا ۽ مشاهدالله ٽي وي پروگرام کي ميدان جنگ بڻائي ڇڏيو، منهن ماري، ڌمڪيون

ادا اها ته وڏي ڳالهه ٿي وئي .
 
Back
Top