ڦلپوٽو فقير
سينيئر رڪن
نواز ليگ جي اڳواڻ مشاهدالله خان ۽ سنڌ جي گهرو وزير ڊاڪٽر ذوالفقار مرزا وچ ۾ جسٽس (ر) ديدار حسين شاهه جي نيب چيئرمين طور برطرفي جي معاملي تي هڪ ٽي وي پروگرام ۾ منهن ماري ٿي، ٻنهي اڳواڻن هڪٻئي کي گهٽ وڌ ڳالهايو ۽ سنگين نتيجن جون ڌمڪيون پڻ ڏنيون. ڊاڪٽر ذوالفقار مرزا چيو ته لاش رڳو سنڌ کي ڏنا ويندا آهن. ديدار شاهه سان سنڌي هجڻ ناتي زيادتي ٿيڻ نه ڏني ويندي. اسان پاڪستان بچائڻ وارا آهيون. ديدار شاهه کي هٽائڻ خلاف سڄي ملڪ ۾ احتجاج ڪيو ويندو. ان موقعي تي نواز ليگ اڳواڻ مشاهدالله چيو ته سڄو ملڪ ذوالفقار مرزا کي سڃاڻيندو آهي.
روزانه عوامي آواز جي ٿورن سان