ورلڊ ڪپ 2011 پنهنجي رنگينين ۽ ڪرڪيٽ جي پرلطف بلندين تي پهتل آهي۔چٽگانگ ۾ ٿيندڙ اڄوڪي ميچ ۾ ان وقت هڪ عجيب رنگ پياد ٿيو جڏهن گرائونڊ مان واپس ويل تماشائي ٻيهر اسٽيڊيم ۾ پهچڻ شروع ٿيا۔ انگلينڊ جي ٽيم پهريان بيٽنگ ڪندي 50 هين اور ۾ 225 رنسن جي گهٽ اسڪور تي آئوٽ ٿي وئي۔ ٽراٽ 67 ۽ مورگن 63 رنسون ٺاهيون۔ انگلينڊ جي ٽيم گهڻين ڪوششن باوجود اسڪور ۾ تيزي آني نه سگهي۔ بنگلاديش پاران بالرن ۽ فيلڊرن جي گڏيل ڪوشش سبب انگلينڊ وڏو اسڪور ڪرڻ ۾ ناڪام ٿي۔
جواب ۾ بنگلاديش سٺي شروعات ڪئي ۽ 31 هين اوور ۾ اسڪور 3 وڪيٽن جي نقصان تي 155 رنز تائين پهچائي ڇڏيو عمران قيس 60 ۽ ڪپتان شڪيب 32 رنسون ٺاهيون۔ پر انگلينڊ جي بالرن خاص ڪري بريسنن ۽ اجمل شهزاد جي اسپيل بنگلاديش جي چيلھ چٻي ڪري وڌي ۽ هڪ ٻئي پٺيان هنن جا 8 رانديگر 169 رنسن تي آئوٽ ٿي ويا۔ ان موقعي تي بنگلاديش جا اڌ تماشبين غصي ۽ ڏک جي حالت ۾ گرائونڊ خالي ڪري گهرن ڏانهن روانا ٿي ويا ۽ بنگلاديش جي شڪست واضح نظر اچي رهي هئي۔ پر ڪرڪيٽ رناد جنهن لاء مشهور آهي ته آخري بال تائين ڪنهن جي به جيت کي هار ۾ مٽائي سگهي ٿي اهوئي ٿيو۔
40 هين اور ۾ بنگلاديش جا 8 رانديگر 169 تي آئوٽ ٿي ويا ۽ پوء شفعي الاسلام ۽ محمودالله جي 58 رنسن جي ناقابل شڪست پارٽنرشپ بنگلاديش کي ڪاميابي ڏياري ۽ ٻاهر ويل بنگلاديشي تماشائي ٻيهر واپس اسٽيديم طرف روانا ٿيا۔ انگلينڊ پاران 33 اضافي رنسون ڏنيون ويون جن ۾ 23 وائيڊ جون رنسون شامل هيون۔ بنگلاديش 227 رنسون 49 اوورن ۾ ٺاهي ڪاميابي حاصل ڪئي۔ انگلينڊ پاران اجمل شهزاد 3 وڪيٽون حاصل ڪيون۔

اڄوڪي ميچ ۾ بنگلاديشي قوم لاء بڻيل هيرو
محمودالله
شفي الاسلام
محمودالله

شفي الاسلام