جاويد نواز
سينيئر رڪن
اسلام عليڪم۔سائين وساڻ صاحب۔جيڪو اوهان فيس بوڪ تي عالمي سنڌي مُشاعري جو موضوع هو (امن محبت زندهه باد) سو سائين ان موضوع تي اسان ڀي ڪجهه لکيو آهي جيڪو سنڌ سلامت جي سڄي سٿ جي نظر ڪجي ٿو۔
غزل
امن محبت زندهه باد
عشق عبادت زندهه باد
قيامت تائين ڌرتي سرتي
سنڌ سلامت زندهه باد
ديس ڌڻين تي قائم دائم
رب جي رحمت زندهه باد
ڪهڙي ڪم جي ٻئي جي آٿت
تنهنجي آٿت زندهه باد
مونکي جا چکرايئي دلبر
چپ جي لذت زندهه باد
چاٻي آ جنت جي در جي
ما جي نوڙت زندهه باد
ڪينو قلفت مردهه باد
سچ صداقت زندهه باد
پهچائي جا روح کي راحت
سائي راحت زندهه باد
ٻاتي ٻولي ۾ به دڙڪا
ٻار جي جئرت زندهه باد
تووٽ آ جاويد هي جيڪا
پيار جي دولت زندهه باد
جاويد نواز
دعائن ۾ ياد
امن محبت زندهه باد
عشق عبادت زندهه باد
قيامت تائين ڌرتي سرتي
سنڌ سلامت زندهه باد
ديس ڌڻين تي قائم دائم
رب جي رحمت زندهه باد
ڪهڙي ڪم جي ٻئي جي آٿت
تنهنجي آٿت زندهه باد
مونکي جا چکرايئي دلبر
چپ جي لذت زندهه باد
چاٻي آ جنت جي در جي
ما جي نوڙت زندهه باد
ڪينو قلفت مردهه باد
سچ صداقت زندهه باد
پهچائي جا روح کي راحت
سائي راحت زندهه باد
ٻاتي ٻولي ۾ به دڙڪا
ٻار جي جئرت زندهه باد
تووٽ آ جاويد هي جيڪا
پيار جي دولت زندهه باد
جاويد نواز
دعائن ۾ ياد