حسين بخش خادم - مشهور ڪافي گو شاعر ۽ ڪلاسيڪل ڳائڻو

'سنڌي شخصيتون' فورم ۾ سليمان وساڻ طرفان آندل موضوعَ ‏12 مارچ 2011۔

  1. سليمان وساڻ

    سليمان وساڻ
    مينيجنگ ايڊيٽر
    انتظامي رڪن لائيبريرين

    شموليت:
    ‏6 آڪٽوبر 2009
    تحريرون:
    16,938
    ورتل پسنديدگيون:
    27,305
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    ماڳ:
    سچل ڳوٺ ، ڪراچي
    [​IMG]

    اڄوڪي ڏينهن 12 مارچ سنڌ جي هڪ مشهور ڪافي گو شاعر ، ڳائڻي ۽ موسيقار حسين بخش ’خادم‘ سروري جي ورسي آهي . حسين بخش خادم 1930ع (ڪجهه جاين تي 1918ع) ڌاري سيوهڻ جي هڪ ڳوٺ آراضيءَ ۾ ڄائو پر هن پنهنجي سڄي عمر هالا ۾ مخدومن وٽ خادم ٿي گذاري. سندس ريڊيو پاڪستان تان مخدوم طالب المولا ۽ مخدوم امين فهيم، سچل سرمست ، شاه عبداللطيف ڀٽائي ۽ ٻين سنڌي شاعرن جا ڳايل ڪلام اڄ به سدا بهار آهن ۽ اڃان تائين بيحد پسند ڪيا وڃن ٿا.

    حسين بخش خادم پاڻ شاعر به هيو ته ڳائڻو به ۽ پاڻ ڌنون به ٺاهيندو هو. هو ڪافي جو سٺو شاعر هو۔ گهڻو ڪري صوفياڻو راڳ ڳائيندو هو۔ سندس چيل مشهور ڪلامن ۾ طالب المولا جو ڪلام تو دلڙي يار ڌتاري، دنيا جي ناه پرواه سهڻا تنهنجو خير هجي، اياز جو آء ڪيئن سيج سمهان، سچل سرمست جو يار دي گهڙولي، سڻ بات بره دي ۽ ٻيا اڻ کُٽ ڪلام.

    سندس وفات 12 مارچ 1992 ع ۾ ٿي پر ستم ظريفي ته ڏسو اڄ ڪنهن به رسالي ، اخبار ، ٽي وي يا ميڊيا کيس ياد ئي ناهي ڪيو. سندس هڪ شعر آهي:


    ويهه مَ وڃ منهنجا پرين، منهنجي ساعت ڪين سري،
    رهه ڪا رات ’خادم‘ وٽ، ڪامل قرب ڪري،
    مٿان مِٽي وري، پوءِ تون وڃڻ جون وايون ڪجانءِ

    يا وري وحيد علي ۽ هاڻي نجف عليء پاران ڳايل سندس شاعري :

    دنيا جي ناهي پرواه
    سهڻا تنهنجو خير هجي

    خادم تنهنجو توڏي ئي ڏسندو
    ٻئي کي ڏسڻ آ گناه
    سهڻا تنهنجو خير هجي



     
    انتظامي رڪن طرفان آخري ترميم: ‏12 مارچ 2014
    4 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.
  2. عبدالڪريم چانڊيو

    عبدالڪريم چانڊيو
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏12 فيبروري 2011
    تحريرون:
    482
    ورتل پسنديدگيون:
    848
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    463
    ڌنڌو:
    وڪالت
    ماڳ:
    سچل ڳوٺ ، ڪراچي
    جواب: حسين بخش خادم - مشهور ڪافي گو شاعر ۽ ڪلاسيڪل ڳائڻو

    ادا سائين اوھان جھڙن سڄاڻ ماڻھن ! جسُ لھڻو جو تاريخ جي ورقن مان ماڻڪ موتين کي ڳولي آني اسان اڳيان رکو ٿا ۔ مھرباني سائين مھرباني۔
     
    2 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.
  3. ممتاز علي وگهيو

    ممتاز علي وگهيو
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏14 فيبروري 2010
    تحريرون:
    4,176
    ورتل پسنديدگيون:
    4,402
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    473
    ڌنڌو:
    Disbursement Officer
    ماڳ:
    سنڌ جي دل ڪراچي.
    جواب: حسين بخش خادم - مشهور ڪافي گو شاعر ۽ ڪلاسيڪل ڳائڻو

    ادا سليمان وساڻ صاحب توهان جي مهرباني جو توهان اهيا ونڊ ڪري مون کي پنهنجو ننڍپڻ وارو ڪيئبن وارو زمانو ياد ڏياري ڇڏيو، جيڪا مان دادو ۾ هلائيندو هئس، ۽ ان ڪيئبن تي ريڊو به ٻڌندو هئس ۽ ريڊيو جي پروگرامن ۾ حصو به وٺندو هئس، ادا حسين بخش خادم کي ڀلا ڪير ٿو ڀلائي سگهي، جنهن جا ڪلام مان روزانه ريڊيو خيرپور اسٽيشن تي ٻڌندو هئس۔۔۔ادا حسين بخش خادم صاحب جي ڇا ته شاعري هئي، الله نه ڀلائي ته هي شاعر۔۔۔۔۔، نه ڪي غم ٿو وڃي نه ڪي دم ٿو وڃي۔۔۔۔ به سندس ئي آهي، اهيو منهنجو خيال آهي اگر مان غلط آهيان ته رهنمائي ڪندا، توهان مٿان وري سندس ئي آواز ۾ مخدوم طالب المولا صاحب جي شاعري۔۔ تو دلڙي يار ڌتاري جي وڊيو ونڊ ڪئي آهي ادا ڄڻ سوني تي سهاڳو۔ ادا مخدوم طالب المولئ جن تي گھڻو ڪجھ لکي سگھجي ٿو پر هتي مخدوم صاحب جي باري ۾ فقط هڪ جملو ورجائيندس ته پاڻ در گذر ڪرڻ وارا صابر شاڪر سهڻا سٻاجھا ماکي کان وڌ مٺا ملنسار۽ مهربان طبيعت جا مالڪ هئا ۔۔۔۔ ادا وساڻ صاحب توهان کي ان ڪم تي سلام پيش ڪجي ٿو ته توهان اهڙين شخصيتن کي ڳولي ڪري اچي سنڌ سلامت تي پيش ڪيو ٿا،
    http://www.youtube.com/watch?v=bhzHlcxSuLM
     
  4. ڦلپوٽو فقير

    ڦلپوٽو فقير
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏27 اپريل 2009
    تحريرون:
    7,759
    ورتل پسنديدگيون:
    1,387
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    ماڳ:
    شڪارپور
    جواب: حسين بخش خادم - مشهور ڪافي گو شاعر ۽ ڪلاسيڪل ڳائڻو

    ادا سليمان وساڻ صاحب توهان کي اهڙي محنت تي جس هجي
    سدائين گڏ
     
    2 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.
  5. ڦلپوٽو فقير

    ڦلپوٽو فقير
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏27 اپريل 2009
    تحريرون:
    7,759
    ورتل پسنديدگيون:
    1,387
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    ماڳ:
    شڪارپور
    جواب: حسين بخش خادم - مشهور ڪافي گو شاعر ۽ ڪلاسيڪل ڳائڻو

    ادا سليمان وساڻ صاحب توهان کي اهڙي محنت تي جس هجي
    سدائين گڏ
     
    2 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.
  6. سليمان وساڻ

    سليمان وساڻ
    مينيجنگ ايڊيٽر
    انتظامي رڪن لائيبريرين

    شموليت:
    ‏6 آڪٽوبر 2009
    تحريرون:
    16,938
    ورتل پسنديدگيون:
    27,305
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    ماڳ:
    سچل ڳوٺ ، ڪراچي
    جواب: حسين بخش خادم - مشهور ڪافي گو شاعر ۽ ڪلاسيڪل ڳائڻو

    دوستن جون مهربانيون جن حوصلا افزائي ڪئي

    اڄ وري فقير حسين بخش خادم جي ياد آئي، سندس ورسيء ڏينهن۔ سندس غزل مان ٻه بند پيش آهن:

    سُکن ته واٽ تي ويندي ئي، موڪلاڻي ڪئي،
    ڏکن ڏکن ۾ نباهيو، ڏکن جو خير هجي!

    سچا يا ڪوڙا، اي ”خادم“ تڏهن به دوست آهن،
    هجن حيات، سدائين سڀن جو خير هجي!
     
    2 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.
  7. سليمان وساڻ

    سليمان وساڻ
    مينيجنگ ايڊيٽر
    انتظامي رڪن لائيبريرين

    شموليت:
    ‏6 آڪٽوبر 2009
    تحريرون:
    16,938
    ورتل پسنديدگيون:
    27,305
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    ماڳ:
    سچل ڳوٺ ، ڪراچي
    فقير حسين بخش خادم جي ياد ۾

    فقير حسين بخش خادم جي ياد ۾

    [JUSTIFY]سنڌ سونهاري فن سان ڀري پئي آهي. حسين بخش خادم به فن جي دنيا ۾ پنهنجو پاڻ مڃرايو. حسين بخش 15 جنوري 1930ع تي ڳوٺ آراضي تعلقي سيوهڻ ۽ ان وقت جي ضلعي دادو ۾ پير بخش ڀنگر جي گھر ۾ جنم ورتو پر ان وقت اهو ڪنهن نه ٿي ڄاتو ته حسين بخش اڳتي هلي سنڌ جو هڪ وڏو فنڪار ٿيندو. حسين بخش کي ڳائڻ جو تمام گھڻو شوق هو. ان ئي شوق پوري ڪرڻ لاءِ هالا آيو ۽ مخدوم غلام محمد جي خدمت ۾ حاضر ٿيو. مخدوم صاحب جي محبت ۽ اخلاق کان تمام گھڻو متاثر ٿيو ۽ هميشه لاءِ اتي ئي ترسي پيو. مخدوم صاحب جي وفات کان پوءِ مخدوم محمد زمان طالب الموليٰ جي صحبت ۾ آيو. حسين بخش ڳائڻ سان گڏ هڪ سٺو شاعر به هو ۽ شاعري جو شوق مخدوم طالب الموليٰ جي صحبت ۾ پيدا ٿيو. حسين بخش خادم محفلن ۾ تمام گھڻو ڳائيندو هو. حسين بخش کي ”خادم“ جو تخلص به مخدوم طالب المولى ڏنو ۽ شاعري ۾ به اصلاح مخدوم صاحب ڪندو هو، جيڪو سندس مرشد ۽ استاد به هو. حسين بخش خادم ڳائڻ جي سکيا سنڌ جي مشهور فنڪار مصري فقير کان ورتي. هو جڏهن به ڳائيندو هو ته يڪتاري جي تار وڄڻ تي وجد طاري ٿي ويندو هئس. حسين بخش خادم کي 1950ع ۾ جميعت شعراء ڪانفرنس ۾ يڪتاري تي ڳائيندڙ فنڪارن کي گھرايو ويو، اتي حسين بخش خادم، مخدوم صاحب جي ڪافي ڳائي پهرين پوزيشن ماڻي هئي. حسين بخش خادم ، مخدوم صاحب جي معرفت 1955ع تي ريڊيو پاڪستان ڪراچي ويو، جتي ان وقت جي پروڊيوسر علي محمد چاڳلا کانئس آڊيشن ورتو، ان کان پوءِ ان ئي سال ۾ ريڊيو اسٽيشن حيدرآباد قائم ٿي. ريڊيو پاڪستان حيدرآباد تي هن تمام گھڻا ڪلام رڪارڊ ڪرايا، پر هڪ ڪلام طالب المولى جي شاعري ”تو دلڙي يار ڌتاري. الا ڪانه ڪيئي پوئيواري“ گهڻو مشهور ٿيو. فقير صاحب ٻاهرين ملڪن جا دورا ڪري فن جو مظاهرو ڪيو. 1972ع جرمني، 1985ع ۾ اٽلي، هالينڊ ۽ فرانس، 1986ع ۾ آمريڪا ۾ فن جو مظاهرو ڪيو. فقير حسين بخش يڪتاري ۽ چپڙي تي ڳائڻ جو ماهر هو. حسين بخش خادم سنڌي فلم ”تنهنجون ڳالهيون سڄڻ“ ۾ شيخ اياز جا چيل ٻول ڳايا، ”مڻيار آيو، مڻيار .....“ حسين بخش خادم کي ايوارڊ به مليا، جن ۾ لطيف ايورڊ 1988ع ۽ سهڻي ايوارڊ شامل آهن. فقير حسين بخش 1992ع تي فقير ولي محمد خان لغاري جي ميلي تي ڳائڻ ويو، جيڪو 4 رمضان تي لڳندو آهي اتان ئي وري مشهور شاعر محمد فقير کٽياڻ جي درگاه تي ڳائڻ ويو. اتي ڳائي وڄائي فقير جڏهن آرامي ٿيو ته صبح جو نه اٿيو. سندس روح پرواز ڪري چڪو هو. حسين بخش خادم62 سالن جي عمر ۾ 12 مارچ1992ع تي وڇڙي ويو.

    حاڪم علي جسڪاڻي/نوشهرو فيروز[/JUSTIFY]
    روزانه ڪاوش هائيڊ پارڪ تان ورتل
     
    2 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.
  8. رضوان علي جمالي

    رضوان علي جمالي
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏22 مئي 2011
    تحريرون:
    1,712
    ورتل پسنديدگيون:
    3,919
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    483
    ڌنڌو:
    سرڪاري نوڪر
    ماڳ:
    سنڌ ڌرتي جو ٻچڙو آهيان
    جواب: حسين بخش خادم - مشهور ڪافي گو شاعر ۽ ڪلاسيڪل ڳائڻو

    واه سائين واه ڇا ته ونڊ ڪيو ويو سڀني جي طرفان يقين ڪريو جِننَ جي شهر زوب ۾ رات جي سناٽي ۾ اَهڙي ونڊ مان جڏهن حصو پَتي ملي ته ڏاڍو مزو پيو ملي ۔ هِت هڪ ڳالهه ڪندو هلان فقير حسين بخش خادم جي چوياري هئي ۔ فقير اميربخش ، فقير يارمحمد ،فقير عبدالغفور ۽ فقير حسين بخش خادم ۔ چون ٿا ڪنهن سَمي هنن پاڻ ۾ اقرار ڪيو هو ته اڪيلو ڪوئي به نه ڳائيندو ۽ ڪيتري عرصي تائين هي ڪٺي ڳائيندا رهيا ۔ پر قدرت واري هنن جي چوياري اُن وقت ختم ڪرائي جڏهن هنن کي فقير امير بخش جي جُدائي جو ڏک ڏسڻو پيو۔ اِن جي تصديق فقير يار محمد جون 1976 پاٽويون شهر جي ويجهو درگاهه روڏو فقير جي خاندان ۾ فقير قربان علي جي شادي تي مون سان پڻ ڪيو هو ۔
     
    2 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.
  9. سليمان وساڻ

    سليمان وساڻ
    مينيجنگ ايڊيٽر
    انتظامي رڪن لائيبريرين

    شموليت:
    ‏6 آڪٽوبر 2009
    تحريرون:
    16,938
    ورتل پسنديدگيون:
    27,305
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    ماڳ:
    سچل ڳوٺ ، ڪراچي
    جواب: حسين بخش خادم - مشهور ڪافي گو شاعر ۽ ڪلاسيڪل ڳائڻو

    مهربانيون سائين جمالي صاحب

    فقير حسين بخش خادم کي براهه راست سچل جي ميلي ۾ هر سال ٻڌندا هئاسين، اهي ڏينهن نه ٿا وسرن۔ اوهان فقير حسين بخش خادم بابت وڌيڪ معلومات ڏئي ڄاڻ ۾ اضافو ڪيو۔
     
    2 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.
  10. نثارابڙو

    نثارابڙو
    نائب منتظم

    شموليت:
    ‏21 اپريل 2009
    تحريرون:
    8,321
    ورتل پسنديدگيون:
    6,890
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    ڌنڌو:
    انتظامي امور
    ماڳ:
    مڪو پاڪ
    جواب: حسين بخش خادم - مشهور ڪافي گو شاعر ۽ ڪلاسيڪل ڳائڻو

    ٿا شاه ڀرن شوڪارا

    ڪافين جي سهڻي آواز کي پيش ڪري اصل قرب ڪري ڇڏيا اٿوَ ۔۔۔

    تون شمع ٻيا پروانا
    تنهنجا شوق آهن شاهانه

    لک قرب ۔۔۔ واه واه ٿي وئي
     
    2 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.
  11. Abdul Wahid Soomro

    Abdul Wahid Soomro
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏28 نومبر 2010
    تحريرون:
    1,057
    ورتل پسنديدگيون:
    353
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    443
    ڌنڌو:
    government job
    ماڳ:
    Bhitshah
    جواب: حسين بخش خادم - مشهور ڪافي گو شاعر ۽ ڪلاسيڪل ڳائڻو

    ادا سليمان وساڻ صاحب توهان کي اهڙي محنت تي جس هجي
     
    2 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.
  12. سليمان وساڻ

    سليمان وساڻ
    مينيجنگ ايڊيٽر
    انتظامي رڪن لائيبريرين

    شموليت:
    ‏6 آڪٽوبر 2009
    تحريرون:
    16,938
    ورتل پسنديدگيون:
    27,305
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    ماڳ:
    سچل ڳوٺ ، ڪراچي
    مهراڻ جا موتي: حسين بخش خادم

    محمد عثمان ميمڻ

    سنڌي موسيقي هر دور ۾ منفرد ۽ سگھاري مقام تي بيٺل نظر اچي ٿي. موسيقيءَ جي دنيا گوناگون دنيا آهي ۽ سنڌي راڳ جي حوالي سان سونهاري سنڌ جي فنڪارن انهيءَ ميدان ۾ پاڻ ملهائيندي نه رڳو سنڌ پر سنڌ کان ٻاهر دنيا جهان ۾ به مڃتا ۽ پيار ماڻيو آهي. راڳ جو سفر بيحد محنت طلبيندڙ ۽ رياضت وارو سفر آهي ۽ جن ڏاتيارن انهيءَ ميدان ۾ نالو ڪمايو ته انهن ورهين جي محنت کان پوءِ ئي اها حيثيت حاصل ڪئي آهي. جيتوڻيڪ فنڪار کي هاڻي پنهنجو آواز جھر جھنگ پهچائڻ لاءِ ايتري محنت نه ٿي ڪرڻي پوي، مختلف چئنلس ۽ ميموري ڪارڊ اچڻ بعد فنڪار لاءِ پنهنجو آواز ٻين تائين پهچائڻ تمام سولو ٿي پيو آهي، نه ته ماضيءَ ۾ فنڪار ويچارا پنهنجون عمريون وڃائي ڇڏيندا هئا، تڏهن ئي وڃي ڪا شهرت کين پلئه پوندي هئي. ماضيءَ ۾ ايتريون سهولتون ته ڪانه هيون، جيتريون هن دؤر ۾ نڪري پيون آهن، پر تنهن هوندي به ڪيترن ئي اهڙن فنڪارن پنهنجي محنت سان ايترو ته نالو ڪمايو، جو اڄ به سندن ساڳي ئي اهميت ۽ افاديت آهي. اهڙن فنڪارن ۾ حسين بخش خادم جو نالو سر فهرست آهي. هيءُ پنهنجي دؤر جو مشهور ڪافي گو شاعر ۽ مهان راڳي ٿي گذريو آهي. حسين بخش خادم ولد پير بخش ڀنگر 15 جنوري 1930ع تي ڳوٺ آراضي تعلقي سيوهڻ، ضلعي ڄامشوري ۾ پيدا ٿيو.

    حسين بخش خادم شروعات ۾ ڳوٺ آراضي تعلقي سيوهڻ جي پير حبيب الله شاهه جو خدمتگار هو، هيءُ هڪ ڀيري پنهنجي ڳوٺ آراضيءَ کان ڪنهن ڪم سانگي هالا ۾ مخدوم غلام محمد عرف گل سائين جي خدمت ۾ حاضر ٿيو ته مخدوم صاحب جي محبت ۽ شفقت ڏسي هميشه لاءِ هالا ۾ ئي رهي پيو ۽ مخدوم صاحب جي خدمت ۾ رهي فيض ورتائين. گل سائين جي وفات بعد مخدوم طالب المولى جن پنهنجي زمينداريءَ ۾ کيس ڪمدار طور مقرر ڪيو، هو ڪيترائي سال زمينن جي سار سنڀال ڪندو رهيو ۽ مخدوم طالب المولى جو خاص حاضريءَ جو ملازم به رهيو. حسين بخش خادم کي شاعريءَ جو شوق به مخدوم طالب المولى جي صحبت ۾ پيدا ٿيو. مخدوم صاحب جي صحبت کيس رڱي ريٽو ڪيو ۽ اڳتي هلي هو مخدوم طالب المولى جي حلقه ادارت ۾ آيو ۽ سندس صحبت ۽ ڪچهريءَ جي اثر هيٺ بيت، غزل ۽ ڪافيون چيائين. شاعريءَ جي تربيت ۽ اصلاح به مخدوم طالب المولى کان وٺندو هو ۽ سندس ئي مشوري سان ’خادم‘ تخلص استعمال ڪيائين. مخدوم صاحب جي صحبت ۾ رهندي ڳائڻ به شروع ڪيائين ۽ پنهنجي توڙي مخدوم صاحب جي شاعري پاڻ ڪمپوز ڪري ڳايائين. سندس ڪلام اڄ به نهايت مقبول آهن، جن ڪلامن کي هن جديد دور ۾ڪيترن ئي نوجوان فنڪارن ريمڪس ڪري پڻ ڳايو آهي.

    حسين بخش خادم هڪ سٺو شاعر هو، تخليقي فن جو اظهار سندس ڪافين ۽ غزلن ۾ موجود آهي، سندس شاعري هڪ دردمند دل جي وجداني صدا پڻ آهي. حسين بخش خادم جي آواز ۾ ڪيترائي گيت ريڊيو پاڪستان تان اڄ به نشر ٿيندا رهن ٿا. هو سٺو ڳائڻو ۽ ريڊيو آرٽسٽ به هو، هن راڳ جي سکيا مشهور راڳي مصري فقير کان حاصل ڪئي، جيڪو مخدوم صاحب جي حاضريءَ جو ڳائڻو هو. حسين بخش خادم يڪتاري تي ويهي، پوءِ وجد ۾ اچي نچي ڳائڻ ڪري ڏاڍو مشهور ٿيو. سندس سوز ۽ جذب وارو والهانه دلڪش آواز هزارين دلين کي ڪيف آور ۽ رنگين فضا ۾ آڻي ڇڏيندو هو، جنهن به محفل ۾ حسين بخش خادم شريڪ ٿيندو هو، اها محفل رنگ ۽ آهنگ سان سرشار رهندي هئي. هن پنهنجي فن جي خوشبوءِ سان سموري سنڌ کي واسي ڇڏيو. سندس زندگيءُ ۾ دنيا جي ڪيترن ئي ملڪن ۾ کيس پنهنجي فن کي متعارف ڪرائڻ جو موقعو مليو. حسين بخش خادم پنهجن ڪلامن کانسواءِ مخدوم طالب المولى جا ڪلام به نهايت ترنم سان ڳائيندو هو، سندس شمار سنڌ جي سٺن صوفي ڳائڻن ۾ ٿيندو هو. کيس فن جي مڃتا طور 1988ع ۾ لطيف ايوارڊ سميت ٻيا ڪيترائي انعام ۽ اعزاز مليا. حسين بخش خادم جا ڪيترائي ڪلام مشهور ٿيا، سندس آواز ۾ سندس ئي هڪ غزل ’تنهنجي هجر فراق ۾ ماهه لقا نه ڪي غم ٿو وڃي نه ڪي دم ٿو وڃي‘ بيحد مقبول ٿيو. ان کان سواءِ سندس ٻين ڪلامن ۾ ’نازڪ اٿئي ناتو نينهن جو سمجھي لاءِ‘، ’تو دلڙي يار ڌتاري‘، ’مون کي ڏونگر ڏورڻ آيو ڪيچي ڪيچ وڃن‘ وغيره بيحد مقبول ٿيا.

    حسين بخش خادم هڪ ڀيري محمد فقير کٽياڻ جي مزار تي ٿيندڙ راڳ جي محفل ۾ شرڪت ڪرڻ لاءِ ويو، رات جو حسين بخش خادم ۽ ٻين فقيرن ڳايو وڃايو، پوءِ وڃي سڀ آرامي ٿيا، حسين بخش خادم جي وفات به اتي 12 مارچ 1992ع تي ٿي، هيءُ هڪ سٺي فنڪار هجڻ سان گڏوگڏ هڪ سٺو شاعر پڻ هو، سندس ڏاهپ هن شعر مان پرکي سگھجي ٿي.

    ويهه نه وڃ منهنجا پرين، منهنجي ساعت ڪين سري،
    رهه ڪا رات خادم وٽ، ڪامل قرب ڪري،
    مٿان مٽي وري، پوءِ تون وڃڻ جون وايون ڪجان.
     
    2 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.
  13. ممتاز علي وگهيو

    ممتاز علي وگهيو
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏14 فيبروري 2010
    تحريرون:
    4,176
    ورتل پسنديدگيون:
    4,402
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    473
    ڌنڌو:
    Disbursement Officer
    ماڳ:
    سنڌ جي دل ڪراچي.
    ڀاء وساڻ صاحب 80 جي عشري ۾ ريڊيو تمام گهڻي مقبوليت ماڻي ۽ مان ته ريڊيو جو ديوانو هوندو هئس،( ريڊيو گهر ۾ دڪان تي توڙي سفر ۾ ساڻ هوندو هو، گهر ۾ ته وڏا ريڊيا هوندا هئا پر سفر ۾ هميشه پاڪيٽ سائيز ريڊيو ساڻ کڻندو هئس،) خاص ڪري ريڊيو خيرپور جو ، ان کان علاوه ريڊيو حيدرآباد، ريڊيو آل انڊيه، ۽ ريڊيو بي بي سي ( بي بي سي ته هيئر به نيٽ تي ٻڌندو رهندو آهيان ) پڻ شوق سان ٻڌندو هئس، ۽ نه صرف ٻڌندو هئس پر انهن جي معلوماتي پروگرامن ۾ پڻ خط لکي ڪري حصو وٺندو هئس، ۽ ان وقت ۾ پنهنجو نالو ريڊئي تان ٻڌي ڪري دل باغ بهار ٿئي ويندي هئي۔ جنهن جو مزو هڪ پنهنجو مزو هو، جيڪو بيان ڪري نه ٿو سگهجي۔۔ انهن ڏينهن ۾ جن فنڪارن جو آواز ريڊيو تان ٻڌي سگهبو هو، انهن ۾ حسين بخش خادم سر فهرست آهي، سندس آواز هڪ وڻندڙ ۽ دل کي لڀائيندڙ هو، شاعري مخدوم طالب الموله جي هجي ۽ آواز وري حسين بخش خادم جو۔ ڇا ڳالهه ڪجي،
    [​IMG]
    ويهه نه وڃ منهنجا پرين، منهنجي ساعت ڪين سري،
    رهه ڪا رات خادم وٽ، ڪامل قرب ڪري،
    مٿان مٽي وري، پوءِ تون وڃڻ جون وايون ڪجان.

     
    2 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.
  14. سليمان وساڻ

    سليمان وساڻ
    مينيجنگ ايڊيٽر
    انتظامي رڪن لائيبريرين

    شموليت:
    ‏6 آڪٽوبر 2009
    تحريرون:
    16,938
    ورتل پسنديدگيون:
    27,305
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    ماڳ:
    سچل ڳوٺ ، ڪراچي
    شاعري : طالب المولا
    آواز : حسين بخش خادم

     
    2 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.
  15. عبدالعزيز لغاري

    عبدالعزيز لغاري
    نئون رڪن

    شموليت:
    ‏24 فيبروري 2015
    تحريرون:
    113
    ورتل پسنديدگيون:
    299
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    0
    ڌنڌو:
    اسٽوڊنٽ
    ماڳ:
    سانگهڙ سنڌ
    سائين حسين بخش خادم سروري رحه جي ڳايل هڪ ڪافي
    ذات نسورو نور الا الله
    آيو سانگ ڍڪي صورت جو.
    مونکي اڃا تائين نه ٿي وسري
     
    2 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.

هن صفحي کي مشهور ڪريو