ڏکڻ آفريڪا هٿان هندستان کي 2011 ورلڊ ڪپ ۾ پهرين شڪست ۔۔۔۔ ڀارتي تماشائي حيران

'سنڌ سلامت سپورٽس' فورم ۾ سليمان وساڻ طرفان آندل موضوعَ ‏12 مارچ 2011۔

  1. سليمان وساڻ

    سليمان وساڻ
    مينيجنگ ايڊيٽر
    انتظامي رڪن لائيبريرين

    شموليت:
    ‏6 آڪٽوبر 2009
    تحريرون:
    16,858
    ورتل پسنديدگيون:
    27,209
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    ماڳ:
    سچل ڳوٺ ، ڪراچي
    [JUSTIFY]هندستان جي شهر ناگپور ۾ ورلڊ ڪپ 2011 جي هڪ اهم ميچ ۾ اڄ ڏکڻ آفريڪا هڪ وڏي اسڪور واري ميچ ۾ ڏاڍي دلچسپ صورتحال کانپوء آخري اور ۾ 16 رنسون ٺاهي ميچ کٽي ورتي۔

    هندستاني ٽيم پهريان بئٽنگ ڪندي تمام بهترين شروعات ڪئي ۽ ٽنڊلڪر ۽ سهواگ 10 اوورن ۾ 87 رنسون ٺاهي ورتيون۔ هندستان جي پهرين وڪيٽ 18 اوور ۾ ڪري جڏهن سهواگ 73 رنسون ٺاهي آئوٽ ٿيو پر اسڪور ڪونه بيٺو ۽ وري ٽنڊلڪر ۽ گنڀير آفريڪي بالرن کي ڪٽڪو ڏنو۔ 40 هين اور ۾ هندستان جو اسڪور هڪ وڪيٽ جي نقصان تي 267 تائين پهچايو ۽ ٽنڊلڪر سنچري به ٺآهي ورتي پر پوء ڊيل اسٽين جي تباه ڪن اسپيل اڳيان ڀارتي بئٽنگ لائين تباه ٿي وئي ۽ پويون 9 وڪيٽون اسڪور ۾ 29 رنسن جي اضافي سان ڪري پيون۔ پوري ٽيم 49 هين اوور ۾ 296 رنسون ٺاهي آئوٽ ٿي وئي۔

    بظاهر لڳي رهيو هو ته هندستان هي ميچ سولائي سان کٽي وٺندو ڇو ته آفريڪا جي شروعات ڀلي نه هئي ڪپتان سمٿ 16 رنسون ٺاهي آڍوٽ ٿي ويو پر پوء هاشم آمله ۽ ڪيلس ذميداري سان بئٽنگ ڪئي۔ آمله 61 ۽ ڪيلس 69 رنسون ٺاهي آئوٽ ٿيا۔ ڊويليرس 52، ڊمني 23 رنسون ٺآهي اسڪور کي ويجهو ڪندا ويا۔ بوٿا 15 بالن تي 23 رنسون ٺآهيون۔ آخري ٻن اور ن ۾ آفريڪي ٽيم کي کٽڻ لاء 17 رنسن جي ضرورت هئي پر 49 هين اور ۾ ظهير خان صرف 4 رنسون ڏنيون۔ آخري اور ۾ 13 رنسن جي ضرورت هئي پر پيٽرسن پهرين بال تي چوڪو، ٻئي بال تي ڇڪو، ٽئين بال تي 2 رنسون ۽ چوٿين بال تي چوڪو هڻي 16 رنسون ٺاهي ميچ کٽي ورتي۔ پيٽرسن 7 بالن تي 18 رنسون ۽ پليسس 25 رنسون ٺاهي ناٽ آئوٽ رهيا۔ ڏکڻ آفريڪا 7 وڪيٽن جي نقصان تي 300 رنسون ٺاهيون۔ هندستان پاران هربجن سنگھ ٽي وڪيٽون حاصل ڪيون۔
    [/JUSTIFY]

    اڄوڪي ميچ جو هيرون رابن پيٽرسن جنهن 7 بالن تي 18 رنسون ٺاهيون ۽ 2 وڪيٽون پڻ ورتيون

    [​IMG]


    http://www.youtube.com/watch?v=X_VZljrMCEY
     
  2. مست

    مست
    نئون رڪن

    شموليت:
    ‏1 آڪٽوبر 2009
    تحريرون:
    7,920
    ورتل پسنديدگيون:
    2,556
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    0
    ڌنڌو:
    ڪمپوزر
    ماڳ:
    ڄامشورو
    جواب: ڏکڻ آفريڪا هٿان هندستان کي 2011 ورلڊ ڪپ ۾ پهرين شڪست ۔۔۔۔ ڀارتي تماشائي حيران

    اڄ‌ ته ”چوڪرز“ انڊيا کي چوڪ ڪري ڇڏيو۔۔۔
    پهرئين 40 اوورن ۾ اهو ئي پئي لڳو ته انڊيا 350 تائين جو حدف آرام سان ڏيندي۔۔
    پر سچن جي آئوٽ ٿيڻ سان سندن رانديگرن جي آئوٽ ٿيڻ جي لائن لڳي وئي۔۔
    سچن جي آئوٽ ٿيڻ کان پوءِ 29 رنسن ۾ سندن باقي 9 ئي وڪيٽون ڪري پيون۔۔
    اونئين به انڊيا لاءِ مشهور آهي ته جنهن ميچ ۾ سچن سينچري هڻندو آهي اها ميچ انڊيا ضرور هارائي۔۔۔
    انڊيا کي هاڻي سمجهڻ‌گهرجي ته چوڪو ڇڪو هڻڻ سان راند نه ٿي کٽي سگهجي،
    بلڪه راند جي ميدان ۾ حاضر دماغي، فيلڊنگ ۽ لڳاتار ڌيان به کٽڻ‌ لاءِ ضروري آهي
    هن هارايل ميچ ۽ انگلينڊ سان برابر ٿيل ميچ مان انڊيا کي اها ڳالهه ته لازمي سمجهڻ‌گهرجي۔۔۔
    توهان جي مهرباني جو اهڙي بهترين تبصري سان
    اسان کي ورلڊ ڪپ جي صورتحال کان آگاهه رکندا پيا اچو
    باقي ڪنهن دوست جي ڳالهه وانگر ته پاڪستان جي کٽڻ کان وڌيڪ اسان کي
    انڊيا جي هارائڻ‌ جي خوشي ٿيندي آهي۔۔۔۔۔۔
     

هن صفحي کي مشهور ڪريو