هندستان جي شهر ناگپور ۾ ورلڊ ڪپ 2011 جي هڪ اهم ميچ ۾ اڄ ڏکڻ آفريڪا هڪ وڏي اسڪور واري ميچ ۾ ڏاڍي دلچسپ صورتحال کانپوء آخري اور ۾ 16 رنسون ٺاهي ميچ کٽي ورتي۔
هندستاني ٽيم پهريان بئٽنگ ڪندي تمام بهترين شروعات ڪئي ۽ ٽنڊلڪر ۽ سهواگ 10 اوورن ۾ 87 رنسون ٺاهي ورتيون۔ هندستان جي پهرين وڪيٽ 18 اوور ۾ ڪري جڏهن سهواگ 73 رنسون ٺاهي آئوٽ ٿيو پر اسڪور ڪونه بيٺو ۽ وري ٽنڊلڪر ۽ گنڀير آفريڪي بالرن کي ڪٽڪو ڏنو۔ 40 هين اور ۾ هندستان جو اسڪور هڪ وڪيٽ جي نقصان تي 267 تائين پهچايو ۽ ٽنڊلڪر سنچري به ٺآهي ورتي پر پوء ڊيل اسٽين جي تباه ڪن اسپيل اڳيان ڀارتي بئٽنگ لائين تباه ٿي وئي ۽ پويون 9 وڪيٽون اسڪور ۾ 29 رنسن جي اضافي سان ڪري پيون۔ پوري ٽيم 49 هين اوور ۾ 296 رنسون ٺاهي آئوٽ ٿي وئي۔
بظاهر لڳي رهيو هو ته هندستان هي ميچ سولائي سان کٽي وٺندو ڇو ته آفريڪا جي شروعات ڀلي نه هئي ڪپتان سمٿ 16 رنسون ٺاهي آڍوٽ ٿي ويو پر پوء هاشم آمله ۽ ڪيلس ذميداري سان بئٽنگ ڪئي۔ آمله 61 ۽ ڪيلس 69 رنسون ٺاهي آئوٽ ٿيا۔ ڊويليرس 52، ڊمني 23 رنسون ٺآهي اسڪور کي ويجهو ڪندا ويا۔ بوٿا 15 بالن تي 23 رنسون ٺآهيون۔ آخري ٻن اور ن ۾ آفريڪي ٽيم کي کٽڻ لاء 17 رنسن جي ضرورت هئي پر 49 هين اور ۾ ظهير خان صرف 4 رنسون ڏنيون۔ آخري اور ۾ 13 رنسن جي ضرورت هئي پر پيٽرسن پهرين بال تي چوڪو، ٻئي بال تي ڇڪو، ٽئين بال تي 2 رنسون ۽ چوٿين بال تي چوڪو هڻي 16 رنسون ٺاهي ميچ کٽي ورتي۔ پيٽرسن 7 بالن تي 18 رنسون ۽ پليسس 25 رنسون ٺاهي ناٽ آئوٽ رهيا۔ ڏکڻ آفريڪا 7 وڪيٽن جي نقصان تي 300 رنسون ٺاهيون۔ هندستان پاران هربجن سنگھ ٽي وڪيٽون حاصل ڪيون۔

اڄوڪي ميچ جو هيرون رابن پيٽرسن جنهن 7 بالن تي 18 رنسون ٺاهيون ۽ 2 وڪيٽون پڻ ورتيون

http://www.youtube.com/watch?v=X_VZljrMCEY