گمشدگي

'مختلف موضوع' فورم ۾ نجم الدين ڪنڀر طرفان آندل موضوعَ ‏14 مارچ 2011۔

  1. نجم الدين ڪنڀر

    نجم الدين ڪنڀر
    نئون رڪن

    شموليت:
    ‏11 آڪٽوبر 2009
    تحريرون:
    86
    ورتل پسنديدگيون:
    7
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    0
    گمشدگي!
    اسان جو انتهائي پيارو ساٿي خلوص اسان کي گم ٿي ويو آهي، هن جي عمر ڪيترائي ورهيه آهي،پيري سبب ڪافي ڪمزور پڻ ٿي ويو آهي، گهر ۾ خودغرضي سان اڻپڻت سبب ناراض ٿي گهران بنان ٻڌائڻ جي نڪري ويو آهي،گمان آهي ته انسانن ۾ ئي هيڏي هوڏي ٿي ويو هوندو، هن کي آخري ڀيرو همدردي سان گڏ اڙيلن جي پاڙي ۾ ڏٺو ويو هو، ان کان بعد انهن ٻنهي جي ڪابه خبر ناهي پئجي سگهي. هن جا دوست محبت ۽ مهرباني به هن جي ڳولا ۾ نڪتل آهن.خلوص جي غير موجودگي ۾ هن جا دشمن شر پسند ، تعصب ۽ هوس گڏجي هن علائقي ۾ تباهي مچائي ڇڏي آهي. هن جو ننڍو ڀاءُ ڀائيچارو ۽ سندس ڀيڻ حب الوطني سندس لاءِ ڏاڍا بيتاب آهن.هن جي ڏک ۾ هن جي جاڙي ڀيڻ شرافت لاڏاڻو ڪري وئي، ۽ سندس ننڍڙي ڀيڻ حياءُ پڻ آخري پساهن ۾ آهي. خلوص جي جدائي ۾ هن جو والد سماج سخت پريشان ۽ هن جي ماءُ انسانيت سخت بيمار آهي. جنهن کي به ڪٿي خلوص نظر اچي مهرباني ڪري انسانن وٽ ڇڏي وڃي ته کيس دلي دعائن جو انعام ڏنو ويندو، خلوص پاڻ پڙهي ته جلد کان جلد گهر موٽي اچي آئينده کيس ڪجهه به نه چيو ويندو ۽ خاطر خواهه سندس قدر ڪيو ويندو .

    Email: najmudin_mps@yahoo.com Cell# 0301-3282565 .
     
  2. نثارابڙو

    نثارابڙو
    نائب منتظم

    شموليت:
    ‏21 اپريل 2009
    تحريرون:
    8,321
    ورتل پسنديدگيون:
    6,891
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    ڌنڌو:
    انتظامي امور
    ماڳ:
    مڪو پاڪ
    جواب: گمشدگي

    اڙي ادا نجم، الله حياتي ڏي توکي ۔۔۔۔ پاڻ وارو خلوص به گم ٿي ويو ۔۔۔ انا لله وانا عليه راجعون

    افسوس، هاڻ ته قهر ٿي ويندو ۔۔۔ خلوص سبب ته سماج جو ڪم هلندو هو، اسان سڀ ڀائرن جو گذارو ٿيندو هو، ڀينرن جي عزت ٿيندي هئي، امڙن جو حيان ٿڌو رهندو هو، اوڙي پاڙي وارا پڻ اسانجي ڀا خلوص سبب خوش وخرم هوندا هئا ۔۔۔ شهر ۽ ملڪ جا ماڻهون پڻ سندس تعريف ڪندا هئا ۽ ان سبب ئي اسانجو هڪٻئي سان وهنوار هلندو هو ۔۔۔

    پر هاڻ خلوص کان بغير ڪيئن ڪم هلندو ؟؟؟؟۔۔۔

    سنڌ سلامت جي سڀني دوستن کي ڪٿي خلوص نالي ڪو ماڻهون نظر اچي ته مهرباني ڪري کيس موٽائي موڪليو وڃي ۽ انکي پاڻ وٽ محفوظ ڪري اسان سڀني کي اطلاع ڏنو وڃي ۔۔۔

    اوهان دوستن جا لک ٿورا، جيترو جلد ڀا خلوص ڳولهيندا اوترو جلد اسان سڀني جو افاقو ٿيندو ۔۔۔
     
  3. سليمان وساڻ

    سليمان وساڻ
    مينيجنگ ايڊيٽر
    انتظامي رڪن لائيبريرين

    شموليت:
    ‏6 آڪٽوبر 2009
    تحريرون:
    16,941
    ورتل پسنديدگيون:
    27,308
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    ماڳ:
    سچل ڳوٺ ، ڪراچي
    جواب: گمشدگي

    ادا نجم مهرباني

    ان اسان واري دوست خلوص کي ته اسان به پيا ڳوليون۔ اهڙو گم ٿيو آهي جو وڃي ٿيا خير ، اصل هٿ ئي ڪونه پيو اچي، سنڌ سلامت تي سندس جهلڪ نظر ايندي آهي ، اهي به سندس قرب۔

    ظاهر آهي ته هن کانسواء سندس ڀائر ۽ ڀينرون ڪيئن نه پريشان ٿيندا۔ اسان جي به دعا آهي ۽ کيس عرض آهي ته هو جتي به هجي واپس اچي۔
     
  4. غلام مصطفي ميمڻ

    غلام مصطفي ميمڻ
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏8 آڪٽوبر 2010
    تحريرون:
    1,524
    ورتل پسنديدگيون:
    3,476
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    473
    ڌنڌو:
    Govt job
    ماڳ:
    karachi, originally district Dadu
    جواب: گمشدگي

    [
    QUOTE=سليمان وساڻ;70034]ادا نجم مهرباني

    ان اسان واري دوست خلوص کي ته اسان به پيا ڳوليون۔ اهڙو گم ٿيو آهي جو وڃي ٿيا خير ، اصل هٿ ئي ڪونه پيو اچي، سنڌ سلامت تي سندس جهلڪ نظر ايندي آهي ، اهي به سندس قرب۔

    ظاهر آهي ته هن کانسواء سندس ڀائر ۽ ڀينرون ڪيئن نه پريشان ٿيندا۔ اسان جي به دعا آهي ۽ کيس عرض آهي ته هو جتي به هجي واپس اچي۔[/QUOTE]​

    ادا نجم۔اڄڪله جي هن مطلبي دور ۾ هر انسان کان almost خلوص گم ٿئي ويو آهي۔بيشڪ ٿورو گهڻو خلوص ڪٿي نظر اچي ٿو ته اهو هن فورم تي آهي۔جنهن جو ذڪر محترم سليمان صاحب مٿين پيرا ۾ ڪيو آهي۔خلوص کي جيترو جلدي ڳوليو وڃي ته بهتر آهي نه ته ڪافي نقصان ٿي ويندو ،جنهن جو ڪو ازالو نه ٿي سگهندو۔​
     

هن صفحي کي مشهور ڪريو