نجم الدين ڪنڀر
سينيئر رڪن
گمشدگي!
اسان جو انتهائي پيارو ساٿي خلوص اسان کي گم ٿي ويو آهي، هن جي عمر ڪيترائي ورهيه آهي،پيري سبب ڪافي ڪمزور پڻ ٿي ويو آهي، گهر ۾ خودغرضي سان اڻپڻت سبب ناراض ٿي گهران بنان ٻڌائڻ جي نڪري ويو آهي،گمان آهي ته انسانن ۾ ئي هيڏي هوڏي ٿي ويو هوندو، هن کي آخري ڀيرو همدردي سان گڏ اڙيلن جي پاڙي ۾ ڏٺو ويو هو، ان کان بعد انهن ٻنهي جي ڪابه خبر ناهي پئجي سگهي. هن جا دوست محبت ۽ مهرباني به هن جي ڳولا ۾ نڪتل آهن.خلوص جي غير موجودگي ۾ هن جا دشمن شر پسند ، تعصب ۽ هوس گڏجي هن علائقي ۾ تباهي مچائي ڇڏي آهي. هن جو ننڍو ڀاءُ ڀائيچارو ۽ سندس ڀيڻ حب الوطني سندس لاءِ ڏاڍا بيتاب آهن.هن جي ڏک ۾ هن جي جاڙي ڀيڻ شرافت لاڏاڻو ڪري وئي، ۽ سندس ننڍڙي ڀيڻ حياءُ پڻ آخري پساهن ۾ آهي. خلوص جي جدائي ۾ هن جو والد سماج سخت پريشان ۽ هن جي ماءُ انسانيت سخت بيمار آهي. جنهن کي به ڪٿي خلوص نظر اچي مهرباني ڪري انسانن وٽ ڇڏي وڃي ته کيس دلي دعائن جو انعام ڏنو ويندو، خلوص پاڻ پڙهي ته جلد کان جلد گهر موٽي اچي آئينده کيس ڪجهه به نه چيو ويندو ۽ خاطر خواهه سندس قدر ڪيو ويندو .
Email: najmudin_mps@yahoo.com Cell# 0301-3282565 .